18 سومر , جون 2018

واٽس ايپ تي موڪليل ميسيج هڪ ڪلاڪ کان پوءِ ڊيليٽ ڪرڻ ممڪن

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) واٽس ايپ”ڊيليٽ فار ايوري ون“ جي آپشن ۾ هڪ ڪلاڪ وڌيڪ   اضافو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. واٽس ايپ صارفين جي مشڪل آسان ڪندي ميسيج” ميسيج ڊيليٽ“جو فيچر متعارف ڪرايو هو جنهن ۾ ڪو به صارف غلطي سان ڪيل پرائيويٽ يا گروپ ميسيج 7 منٽن  اندر ڊيليٽ ڪري سگهي ٿو. جئين ته مستقبل  ۾ صارف پنهنجو موڪليل ميسيج  7 منٽ بجاءِ هاڻي 68 منٽن جي اندر ڊيليٽ ڪري سگهي ٿو. ويب بي ٽا انفو موجب هي نئو فيچر صارفين واٽس ايپ جي اينڊرائڊ بي ٽا ورزن 3.18.69 تي استعمال ڪري سگهي ٿي جڏهن ته (آئي او ايس) تي هي فيچر بعد ۾ اپ ڊيٽ ڪيو ويندو.هن فيچر کي صارف استعمال ڪري گروپ يا پرائيويٽ چيف باڪس ۾ موڪليل ميسيج 68 منٽ اندر اندر ڊيليٽ ڪري سگهي ٿو. جئين هي ميسيج ڊيليٽ ڪيو ويندو ته پيغام وصول ڪرڻ واري شخص وٽان به هي ميسيج ڊيليٽ ٿي ويندو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

گرمي کان نه گهٻرائيو  ايئرڪنڊيشنڊ هيلمٽ پايو

 بنگلورو(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ٻين گرم ملڪن ۾  ڏينهن جو گرم موسم ۾ هيلمٽ پائڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے