26 اربع , سيپٽمبر 2018

فلم ”زيرو“ جي سيٽ تان ڪترينا جون تصويرون ليڪ

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جي نئين ايندڙ فلم “زيرو” جي سيٽ تان اداڪارا ڪترينه ڪيف جون تصويرن ليڪ ٿي ويون. بالي ووڊ اداڪار ۽ فلمساز فلمن جي دلچسپي ۽ جستجو وڌائڻ جي حوالي سان احتياط سان ڪم ڪري رهيا آهن ۽ انهيءَ ڪري فلم جي ريليز کان اڳ هر ڪردار ۽ فلم جي ڪهاڻي کي راز رکندا آهن پر شاهه رخ خان جي فلم “زيرو” جي سيٽ تان ڪترينه ڪيف جون تصويرون ليڪ ٿي ويون. ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب فلم “زيرو” جي سيٽ تان ڪترينه ڪيف جي ليڪ ٿيل تصويرن ۾ اداڪارا هٿن ۾ چوڙيون ۽ ڪرتو پهرين نظر اچي رهي آهي جيڪو ڏسڻ ۾ ڪنوار جي شوٽ جو سين لڳي رهيو آهي. ٻئي طرف فلم جي هدايتڪار آنند راءِ فلم جي حوالي سان چيو آهي ته فلم “زيرو” ۾ ڪترينه ڪيف شاهه رخ بدران اڀي ديول سان رومانس ڪندي جيڪا نه رڳو ڪترينه پر اڀي ديول جي مداحن لاءِ به سُٺي خبر آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

From the beginning I'm not going to enter the item number: kubra khan

شروع کان چئي رهي آهيان ته آئٽم نمبر نه ڪنديس: ڪبريٰ خان

ڪراچي ( شوبز نيوز ) ويجهڙائي ۾ ريليز ٿيندڙ فلم ”طيفا اِن ٽربل“ جي آئٽم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے