24 آچر , جون 2018

آئين ۽ جمهوريت تي عمل ٿيڻ گهرجي

هن ملڪ جي مني صدي واري عمر تائين پهچندي به هتان جي سياسي پارٽين هڪ اسلامي جمهوري ملڪ جي آئين کي ڄڻ دلي طور قبول نه ڪيو آهي.

هڪ طرف سياسي پارٽيون آهن جيڪي ڪڏهن حڪمران آهن ته ڪڏهن حڪومت کان ٻاهر آهن، انهن جا پنهنجا پنهنجا آئين آهن ۽ اهي سڀ ان ڳالهه تي متفق آهن ته سندن پارٽيون پاڪستان جي آئيني دائري ۾ رهي ڪم ڪنديون، انهن پارٽين جا ميمبر، وزير، سينيٽر سڀ آئين جي حدن جي پاسداريءَ لاءِ ٻڌل هوندا آهن، جڏهن هو ڪنهن به ميمبري، وزارت يا سينيٽري لاءِ چونڊجي ايندا آهن ته پنهنجن ادارن لاءِ مقدس ڪتاب تي هٿ رکي چوندا آهن ته هو جيڪو قدم کڻندا اهو اسلام ۽ ان جي پاسداري ڪندڙ هن ملڪ جي آئين جي ڪڏهن به خلاف ورزي نه ڪندا. ايئن هو قسم کڻي پنهنجي آبرودار ڪرسي والاريندا آهن ۽ ان کان پوءِ هو جيڪو عمل ڪندا آهن اهو مٿئين قسم جي سراسر ابتڙ هوندو آهي.

مثال طور پاڪستان جي آئين ۾ اها ضمانت ڏنل آهي ته اهي سڀ حضرات هتان جي عام ماڻهن جي مال، جان ۽ عزت آبروءَ جو تحفظ ڪندا. انهن پاران ٽيڪس جي مد ۾ آيل پئسن جو انهن جو ڀلائي لاءِ استعمال ڪندا. انهن کي جيڪو پئسو حڪومت سماجي ڪمن لاءِ ڏيندي انهيءَ کي ايمانداريءَ سان استعمال ڪندا ۽ هو پنهنجي اختيارن جو ڪڏهن به ناجائز استعمال نه ڪندا. ٻي طرح ڪا به ڪرپشن وغيره نه ڪندا.

مٿيان تصور اهڙا آهن جيڪي سڀ پڙهي ۽ سمجهي ڪي شخص پنهنجي لاءِ سياسي دڳ چونڊيندا آهن ۽ هو سمجهندا آهن ته ان رستي ئي هو عام ماڻهوءَ جي ڀلائي جو ڪم ڪري سگهندا، جنهن ڀلائيءَ کي هو عبادت جو درجو ڏيندا هئا.

دنيا توڻي، هن ملڪ ۾ به ڪي اهڙا مثال ملندا، جيڪي اڄ ڏئي ۽ ڏيکاري سگهجن ٿا، عهدن تي ويهي، حڪومت ۾ ويهي، سياست ۾ ويهي ڪيترائي اهڙا شخص ٿي گذريا آهن، جن سچ پچ پنهنجي هر عمل کي عبادت سمجهيو ۽ جڏهن اهي وزارتن، عهدن ۽ سياست کان پري ٿيا ته اهڙا ئي صاف شفاف هئا جهڙا هو انهن ادارن ۾ ويا هئا.

پر تازو ئي هن ملڪ جي سينيٽ جي چونڊن جون خبرون پڙهي ۽ ميڊيا تي ڏسي هڪ خوفناڪ حيرانگي ٿي آهي ته اڄ جا شخص سڀ ڪجهه ان عمل جي ابتڙ ڪري رهيا آهن، جن عملن جي پاسداري ڪرڻ لاءِ هو قسم کڻي آيا آهن. سنڌ توڻي ملڪ جي اسيمبلي ميمبرن ۽ سينيٽرن جون چونڊون جنهن طريقي سان ٿيون آهن. اهو طريقو ته پاڪستان جي آئين ۾ نه آهي.

چونڊن جو جيڪو طريقو ۽ جيڪو پئسو استعمال ٿيو آهي اهو آئين ۾ شامل نه آهي، اهي شخص جيڪي پئسو ڏئي ۽ وٺي اقتدار جي ڪنهن به مقدس ايوان ۾ اچن ٿا اهو انهن لاءِ مقدس ڪٿي آهي ۽ هو ان کي مقدس ڇو سمجهن جنهن جي تقدس کي هو لتاڙي آيا آهن.

پاڪستان جي آئين، اسلام جي جوڙجڪ ۽ جمهوريت جي تقاضا اها ڪٿي آهي جيڪا تازو سينيٽ جي چونڊن ۾ پوري ڪئي وئي آهي.

عوام جو ڪو به نمائندو پنهنجي ضمير آڏو جوابدار ٿي اها ڳالهه ڪيئن قبول ڪندو ته هو اها سياست ڪري رهيو آهي، جيڪا عبادت سمجهي ويندي آهي، جيڪڏهن ڪو به شخص اها ذميواري جيڪا کيس مذهب، آئين ۽ جمهوريت سونپي آهي، پوري نٿو ڪري ته ان لاءِ ٻيا به طريقا آهن.

جڏهن انهن ايوانن ۾ ايندڙ شخصن جو پنهنجو ضمير کين سجاڳ نٿو ڪري ته اهو ڪم عدالت ۽ ٻين اهڙن ادارن جو آهي، جن وٽ اهڙا اختيار آهن ته اهڙي قسم جي ڪنهن به عمل کي روڪين جيڪو مذهب، آئين ۽ جمهوريت جي ابتڙ هجي.

تازي سينيٽ جي ٿيل چونڊ ۾ جيڪا سودي بازي ٿي آهي اها انهن ادارن ۽ عدالتن کان هاڻ ميڊيا معرفت لڪيل نه رهي آهي، انهن تي فرض ٿئي ٿو هو اهو سڀ ڪجهه روڪڻ لاءِ اپاءَ وٺن.

جيڪي ميمبر حضرات سوديبازي ڪري ووٽ ڏيئي يا وٺي آيا آهن انهن فقط پنهنجي سياسي آدرشن جو سودو نه ڪيو آهي، پنهنجي ضمير جي سودي بازي نه ڪئي آهي پر هنن انهن ماڻهن جي آسن، اميدن ۽ خوابن جي سودي بازي به ڪئي آهي، جن ڪي اميدون رکي کين ووٽ ڏنو هو.

ڪنهن به ملڪ ۾ ووٽ جهڙي تقدس ڀري ٻي ڪا به شيءِ نه آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان عام ماڻهن جا آدرش ۽ خواب واڳيل هوندا آهن. جڏهن ايوانن ۾ انهن خوابن ۽ آدرشن جو وڪرو ٿئي ته باقي پوئتي، مذهب، آئين ۽ جمهوريت ڪاغذن تي لکيل ڪجهه لڪيرون رهجي وڃن ٿيون، جن کي احترام سان ڪپڙن ۾ سينگاري مٿن آئين، مذهب ۽ جمهوريت جو نالو رکي عاليشان ڪٻٽن ۾ رکيو ويندو آهي، اهي نه ماڻهن جي اٽي، لٽي ۽ اجهي جي ضمانت ڏئي سگهندا آهن نه انهن جي صحت، تعليم ۽ صاف پاڻيءَ جي ضمانت ڏئي سگهندا آهن. ڇاڪاڻ ته اهي فقط ڪاغذ ئي هوندا آهن، جن تي الڳ الڳ نالا لکيل هوندا آهن.

گهرج اها آهي ته انهن سڀني نالن جي اصلي صورت ظاهر ڪري عام ماڻهن جي آڏو آندي وڃي ۽ انهن ۾ جيڪو ڪجهه لکيل آهي، انهيءَ تي عمل ڪرايو وڃي، ايئن ئي هن ملڪ کي اسلامي، آئيني جمهوري ملڪ ڪوٺي سگهبو جڏهن اهو سڀ عملي طور ان ملڪ جي ماڻهن لاءِ هوندو.

اربع 7 مارچ  2018ع، 18 جمادي الثاني 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊن کان اڳ ڪامور ا شاهيءَ جون وڏي پئماني تي ٿيل بدليون

سرڪاري ملازم لاءِ اصول ته اهو هوندو آهي ته اهو شخصيتن جي تابع ٿيڻ بدران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے