23 آچر , سيپٽمبر 2018

ننڍو کنڊ آخر ڪڏهن ڇڪتاڻ مان نڪرندو؟

مدد علي سنڌي

ننڍو کنڊ،جنهن کي اپ کنڊ به چون ٿا، اهو ڇڪتاڻ جي ويڙهه ۾ وڪوڙيل آهي- هڪ پاسي پاڪستان ۽ ڀارت جي سرحدن ۽ ڪنٽرول لائين  تي ڏينهون ڏينهن چڪريون لڳنديون رهن ٿيون، ته ٻئي طرف خود لائين آف ڪنٽرول جي ٻئي ڀر يعني والاريل ڪشمير ۾ڀارتي فوج ۽ پوليس جي تشدد جا واقعا وڌي ويا آهن- بي بي سي ۽ وائيس آف آمريڪا جي رپورٽن موجب والاريل ڪشمير ۾ هڙتال، مظاهرن ۽ ڀارتي فوج جي فائرنگ سبب حالتون خراب ٿينديون پيون وڃن- گذريل آچر تي ڏکڻ ڪشمير جي ضلعي شو بيان ۾ ان وقت حالتون خراب ٿيون، جڏهن ٻنين مان 4 شهرين جا لاش هٿ آيا- ان سان گڏ ٻه ٻيا گولين کاڌل لاش پڻ موجود هئا- انهيءَ واقعي بعد هڙتالن سبب حڪومت سموري ماٿريءَ ۾ انٽرنيٽ سروس به بند ڪري ڇڏي- سرينگر ۾ مقرر ڀارتي فوج جي ترجمان ڪرنل راجيش جي چوڻ موجب شو بيان جي يوهوڳوٺ ۾ فوج جي هڪ قافلي تي شدت پسندن فائرنگ ڪئي هئي، جڏهن ته جوابي فائرنگ ۾ هڪ نوجون مري ويو. ڪرنل جي چوڻ موجب مارجي ويلن ۾ سهيل، شاهد، ۽ شاهنواز،  به شامل آهن، جيڪي مقامي ڳوٺ جا رهواسي هئا. ۽ چوٿين ڄڻي جو نالو عامر خان آهي- تنهن کانسواءِ پوليس موجب هڪ نوجوان عاشق جو لاش پڻ هٿ آيو آهي، جيڪو شوبيان جو رهواسي آهي. رپورٽ موجب هاڻ ڀارتي فوج ۽ پوليس شڪي ماڻهن کي گوليون هڻي ماري، سندن لاش اڇلائي ڇڏي ٿي  نه ته هن کان اڳ شڪي ماڻهن کي پهرئين گرفتار ڪيو ويندو هو.

هنن واقعن سبب ڏکڻ ڪشمير شوپيان پلواما، ۽ ڪولگام ضلعن ۾ ڇڪتاڻ وڌي ويئي آهي ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي مڇريل ماڻهن مظاهرا ڪري  ڀارتي فوج ۽ پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. ڪشمير جي ڪيترين سياسي جماعتن مٿن واقعن  ڪشميرين جو قتل عام قرار ڏيئي، سموري ماٿريءَ ۾ عام هڙتال جو سڏ ڏنو آهي. پر ٻئي طرف مظاهرن کي روڪڻ لاءِ فوج ۽ پوليس، انٽرنيٽ بند ڪري، ڪيترن ئي علائقن جي سخت ناڪا بندي ڪري ڇڏي آهي. ڇڪتاڻ جي ڪري والاريل ڪشمير  جي ٽرين سروس پڻ متاثر ٿي آهي. مقامي ماڻهن موجب فوج ۽ ويڙهاندن جي وچ ۾ تصادم جي ڪيترا واقعا ٿيندا رهن ٿا، ۽ جن ٽن شهرين کي ماريو ويو آهي. اهي بي گناهه هئا کين ڪار مان لاهي، گوليون هڻي ماريو ويو هو،

رپورٽ موجب هاڻ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قبضي خلاف واقعا وڌي ويا آهن، ويندي ڪشميري نوجوانن به فيصلو ڪيو آهي ته يا مرڻو آهي يا مارڻو آهي. هاڻ فقط هڪ واقعو ٿئي ٿو، ته ان جي جواب ۾ هزارين ماڻهو، عورتون، ٻار، ٻُڍا، ۽ نوجوان رستن تي نڪري اچن ٿا. ۽ بعد ۾  ڀارتي فوج طرفان ڪيترا ماريا وڃن ٿا، انهن ۾ سمورا نوجوان مقامي ڪشميري هوندا آهن.  رپورٽ موجب ڪشمير ۾ مظاهرو ڪندڙ اهي ئي، جيڪي ڪالهه ٻار هئا، ۽ اڄ اهي وڏا ٿي ويا آهن. جن سال 2008ع ۽ 2010ع جي پر امن تحريڪن  ۾ حصو ورتو هو، جن کي سيڪيورٽي فورسز گولين جو نشانو بنايو، رپورٽ موجب محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته ڀارتي فورسز هاڻ نئين نسل کي زبردستي عسڪريت پسندي ڏانهن ڌڪي رهي آهي. وڏي ڳالهه ته شورش ۽ سياسي  تعطل جي ماحول ۾ ڪشميرين  جو نئون نسل هٿيار  رکڻ طرف مائل  ٿي رهيو آهي ۽ وڏي ڳالهه  ته ان ڳالهه جو وڏي ۾ وڏو اثر هڪ ڀيرو ڏکڻ ڪشمير تي پئجي رهيو آهي. جيڪو سمورو علائقو باغن جي ڪري مشهور آهي. ياد رهي ته هن ئي علائقي ۾ حزب المجاهدين جي ڪمانڊر برهان واني جي مارجڻ بعد پلواما ضلعي ۾ زبردست مظاهرا ٿيا هئا، جن دوران ڀارتي فوج جي فائرنگ سبب ڪيترا نوجوان زخمي پڻ ٿيا هئا. رپورٽ موجب انهن واقعن بعد اڪثر ليڊرن کي اهو چوندي  ٻڌو ويو ويو آهي ته ڀارت کي اهو سمجهڻ گهرجي ته  شڪست جي احساسن کان پوءِ نوجوان تي تشدد جا واقعا  ڪو به سٺو نتيجو نه ڏيندا، جنهن جي ڪري تازو 100 کان وڌيڪ نوجوان، ڪشميري بندوقن کڻڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هڪ تجزيو ڪندڙ اظهر قادري جو چوڻ آهي ته نوجوانن جي اڪثريت وٽ جيڪي هٿيار آهن، اهي ڪٿان پرڏيهه مان نه آيا آهن،بلڪ اهي انهن ڀارتي فورسز کان کسيا آهن،  وڏي اهم ڳالهه  ته اهي نوجوان سکيا لاءِ  سرحد پار  ڪو نه ٿا وڃن. پر کين حالتن وڙهڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي، جن کي مرڻ جو ڪو به خوف ڪونهي، بلڪ اهي وڙهي مارجڻ کي وڌيڪ پسند ڪن ٿا.

هن بي بي سيءَ کي ٻڌايو ته هن وقت  جيڪي ويڙهاند ميدان  ۾ آهن، اهي سياسي ڇا پي مار ڪونهن، وري اهي عام سياسي مزاحمت جي جنگ پيا وڙهن،  پر هاڻ هيءَ  لڙائي هڪ مذهبي جنگ ۾ تبديل ٿي ويئي آهي- ۽ هنن لاءِ هڪ ڊگهي اونهي ۽ دير تائين هلندڙ ويڙهه ۾ بدلجي ويئي آهي. جڏهن ته ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي اها سمجهه بلڪل غلط آهي ته ڪو هن نئين لهر جي پويان پاڪستان جو هٿ شامل آهي. اظهر قادري موجب هاڻ وقت سان گڏ پراڻن علحدگي پسند  حريت پنهجو اثر وڃائي چڪا آهن،جن جي جاءِ تي نئين عسڪريت پسند اچي  جاءِ والاري آهي. جن هڪ نئون روڊ ماڊل ڏنو اهي. ان جي ڪري حريت جي ايجنڊا سائيڊ لائين ٿي چڪي آهي، پر هيءَ موجوده  لائين وڌيڪ خطرناڪ ۽  دير دير تائين هلندي. ڇاڪاڻ ته اها مقامي طور تي ايجنڊا آهي، جنهن کي روڪڻ تمام مشڪل آهي، ۽ هن عسڪريت پسندي واري لهر کي ڪو به ماڻهو ڪا به رياست نٿو روڪي سگهي.

رپورٽ موجب هن وقت والاريل ڪشمير ۾ اظهار جي راءِ جي آزاديءَ تي بندش آهي. انٽرنيٽ تي پابندي لاڳو آهي. ڳالهين جا دروازا بند  آهن، جنهن جي ڪري ڪشميري نوجوانن ۾ بيوسيءَ جو احساس نمايان آهي ۽ بيوسيءَ ۽ مايوسيءَ جي حالت ۾ ڪشميري نوجوان عسڪريت پسندي ڏي وڌي رهي آهي-

رپورٽ موجب هن وقت سمورو والاريل ڪشمير ڀارتي فوج جي گهيري ۾ آيل آهي. ڳوٺ، ڳوٺ جي ٻاهران ڀارتي فوج جو ڪڙو چڙهيل آهي. درياهن جي مٿان پلين تي فوج بيٺل آهي، رياست جي وڏي اهم ۽ گاديءَ واري  شهر سرينگر جي چونڪ چونڪ ۽ گهٽيءَ گهٽيءَ تي فوجي بندوقون جهليو بيٺا آهن. پر ان هوندي به نوجوان مظاهرا ڪن ٿا، بلڪ هن ڀيرو ته اهو به ڏٺو ويو ته اسڪولن جون ڇوڪريون، ڀارتي سيڪيورٽي فورسز مٿان پٿراءُ ڪنديون رهن ٿيون، جن جو تعداد ڇوڪرن کان تمام گهڻو وڌيڪ آهي. بي بي سي موجب هاڻ اهي اسڪولي ڇوڪريون به وڏي واڪي ڪشمير جي آزاديءَ جا نعرا هڻنديون رهن ٿيون، جن جي پٺين تي اسڪولي ٿيلها، ۽ کين اسڪولي يونيفارم پهريل هوندي آهي. والاريل ڪشمير تي نظر رکندڙ ۽ تجزيو ڪندڙن موجب ڪشميري ماڻهن جو هي نئون رخ تمام اهم آهي، جتي اڳي ڪڏهن به اسڪولي ڇوڪريون مظاهرن  ۾ نه اينديون هيون،پر هاڻ اهي ڇوڪريون رستن تي اچي سيڪيورٽي فورسز تي پٿراءُ ڪن ٿيون.

سوال اهو به پيدا ٿي رهيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ پکڙيل غَم ۽ غُصو ڏينهن ڏينهن ڇو وڌي رهيو آهي، ته مبصرن موجب ان سوال  جواب خود ڀارت کي به معلوم آهي. بي بي سي جي سرينگر واري رپورٽر رياض مسرور  موجب والاريل ڪشمير ۾ هاڻ هاڻ مري ويلن جا جنازا به سيڪيورٽي رِسڪ قرار ڏنا ويا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪشمير ۾ پوليس جي ڳجهي ايجنسيءَ جي رپورٽ آهي ته شدت پسندن جي جنازن ۾ وڏي تعداد ۾  عوام جي شرڪت سبب نوجوان خاص طور تي مسلح تشدد طرف راغب ٿين ٿا. ان ڪري  جيڪڏهن ڪو شدت پسند ماريو وڃي، ته هن جي جنازي تي پابندي  لاڳو ڪئي وڃي. ڏکڻ ڪشمير جي ضلعن هر هڪ پلواما، ڪولگام، انتنت ناگ، ۽ شوپيان، ۾ رهندڙن جو چوڻ آهي ته جڏهن ڪو اهڙو جنازو نڪري ٿو، ته نوجوانن جو وڏو تعداد ان ۾ شرڪت ڪري  ڀارتي  ظلم خلاف نعريبازي ڪري ٿو، جيڪو هن  فطري عمل آهي، پر انڊيا جي حڪومت اهو سڀ ڪجهه برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. شوپيان جي رهواسي مير اقبال بي بي سيءَ کي ٻڌايو ته شدت پسندن جي جنازن ۾ هزارين ماڻهو جي شرڪت سبب، اهي جنازا به هاڻي ڀارتي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي وياآهن.

پلواما جي هڪ نوجوان خرم چيو ته مارجي ويندڙ شدت پسند نه پر بي گناهه آهن، جن جي جنازن ۾ عوام ڇو نه شرڪت ڪري،ڇاڪاڻ ته مارجي ويندڙ سمورا شهيد آهن. قانوني ماهرن موجب جيڪڏهن ڀارتي سرڪار اهو فيصلو ڪيو ته پوءِ اهو فيصلو مذهبي معاملن مداخلت تصور ڪيو ويندو، هن چيو ته ڀارتي حڪومت محمد  مقبول بٽ ۽ افضل گورو کي ڦاهي ڏيئي، سندن لاش به وارثن جي حوالي نه ڪيا.بلڪ انهن کي جيلن ۾ دفن ڪيو ويو. هن چيو ته ڪشمير ۾ هٿياربند سرگرمين وڌڻ جو ڪارڻ انڊين فورسز جي ڏاڍائي ۽ ڪشمير تي ڀارتي حڪومت طرفان لاءِ شماري نه ڪرائڻ آهي. جيڪڏهن اهي سلسلا جاري رهيا، ۽ والاريل ڪشمير جو نبيري طرف ڀارتي حڪومت ڪو قدم نه کينو ته پوءِ مستقبل ۾ گهُٽ، ٻوسٽ، طلم جي چڪيءَ ۾ پيڙجندڙ والايل ڪشمير ۾ هزارين نوجوانن ۾ نفرت جي باهه ڀڙڪي رهي آهي، ۽ اها باهه اڳتي هلي ڀنڀٽ بڻجي، نتيجي ۾ هڪ خوفناڪ ويڙهه شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. جنهن کي روڪڻ ڀارتي سرڪار جي وس کان ٻاهر ٿي پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جا متبادل

سنڌيڪار: انجنئير موهن ٺاڪر "پيٽرڪ مکولي، جيڪو برطانيا جي  بين الاقوامي درياهن جي هڪ نيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے