25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

جمهوريت جو سوانگ تماشو

سڪندر عباسي

جمهوريت جي لغوي،  معنيٰ مفهوم بس اھو ئي نظر اچي ٿو ته هن مان مراد اهڙو سياسي سماجي نظام آهي جنهن جو محور مرڪز بس عوام ۽ عوام جو مفاد  هجي ۔ بقول ابراهام لنڪن:

Government of the people , by the people and for the  people


جمهوريت جي معنوي حسن،  جمهوريت  کي جديد دنيا جو محبوب نظريو بڻائي ڇڏيو آھي۔ بلڪه مون کي چوڻ ڏيو ته اڄ جو سياسي مذهب بس جمهوريت ”democracy“  ئي آھي، هڪ اهڙو مذهب ، جنهن کي پنهنجا مول متا ۽ عقيدا آھن۔ جن جو انڪاري بس سياسي ڪافر ئي هجي ٿو ۔ جمهوريت جي بنيادي اصولن ۾عوام دوستي ، سيڪولرازم، فڪر ۽ اظهار جي آزادي،
بالغ راِءِ دهي ۽ آزادانه انتخابات جا اصول شامل آهن ۔انهن سڀني اصولن جي ترجماني ڪندڙ  آئين  ان جمهوري مذهب جو مقدس صحيفو هجي ٿو جنهن جو احترام رياست جي سمورن ادارن تي واجب آھي۔  پاڻ کي عقل ڪل سمجهڻ وارن بادشاهن جي لاء هن جمهوري دؤر ۽ دنيا ۾ ڪا گنجائش باقي  نه رهي آهي، جمھوريت جن بنيادي اصولن تي بيٺل آھي سي درحقيقت جمهوري نظآم جي اٰ ڻاوت (texture) ۾ تاڃي پيٽي واري حيثيت رکن  ٿا۔ تاڃي پيٽي جي صحيح تناسب ۽ اُڻاوت سان ئي جمهوريت جو جامو جڙي راس ٿئي ٿو ۔ تاڃي ۾ سقم رهجي وڃي يا پيٽي ۾ ڪا ڍلائپ يا ناموزونيت اچي وڃي  ته  اهڙي صورت ۾ جمهوريت بس هڪ سوانگ (farce) بڻجي وڃي ٿي، جنهن جا نتيجا بهرحال آهي ڪڏهن به ناهن ملڻا جيڪي جمهوريت جو منطقي اپراسو ( logical result) هجن ٿا۔  جمهوريت جو  root ٰ  جمهور آھي عام ماڻھو جي سڀ-پاسائتي ڀلائي ۽بهتري ئي جمهوريت جو مطمح۽ نظر  out look ,هجڻ گهرجي۔

   عجب ہم ہی نہ مہکے تو صاحب 

  تم باد-صبا  کہلاو  توڪيا                  

عوام  کي جيڪڏهن جمهوريت جي واءَ مان ڪو هڳاءُ  نه ملي ته پوءِ  جمهوريت جي صبح جي ھير کي باد-صبا چورائڻ جو ڪو حق نه ٿو پهچي۔

شھيد ڀٽو کان پوءِ پاڪستاني عوام جن جمهوري دؤرن مان گذريو آهي سي هر اعتبار کان Democracy under the Saber  ۽ جمهوري منافقت  جا دؤر رهياآهن۔ جن ۾  بيلٽ پيپرن تي ٺپن هڻڻ جو ڍونگ تي خوب ٿيندو رهيو پر جمهوريت جي بنيادي اصولن جي پائمالي ئي ٿيندي رهي۔ جمهوري تاڃي پيٽي جي هر خاني block ) اندر vested interest ‘ رکندڙ  ٗ خواص gentry کي ئي  کپائڻ جو اهتمام ٿيندو رهيو۔۔ يعني : اندر ٻڏ ٻھون ٻاهر آٽڻ ان جو۔۔ خواصن جي خوابن جي تعبير ۽مفادن جي تڪميل جنهن نظام سان ٿئي تنهن کي ارسٽاڪرسي aristocracy ,ته چئي سگهجي ٿو۔۔جمهوريت جو بهتان ڏيئي نه ٿو سگهجي۔ارسٽاڪريسي کي ڊيماڪرسي چوڻ جمهور ۽جمهوريت سان ٺڳي ناهي ته ٻيو ڇا آھي؟

سچ پڇو ته  اها جمهوريت ئي آھي جنهن جي بنيادي اصولن تي حقيقي طور عمل ڪرڻ سان هر انسان ۽عوام دوست نظريي ۽عهد-قديم جي پيغمبرانه تعليمات (مذاهب-عالم) تي عمل ٿي وڃي ٿو ، عهد جديد جو مارڪسي نظريو ته جمهور  صرف پرولتاريه کي سمجهي ٿو ۔ حقيقت هي آهي ٽه جيڪڏھن جمهوريت کي ان جي بنيادي اصولن سميت حقيقي روح سان عمل ۾آندو وڃي ته پوءِ مارڪسوادي پرولتاري طبقي جي زندگي به آسان ٿي وڃي ٿي۔Scandinavian countries  جي نظام کي انهي ڪري ئي  اسڪينڊينيوين سوشلزم چيو  وڃي ٿو۔

جمهوريت جو ديوتا به پنهنجي مزاج ۾ لا شريڪ آھي ۔ ڪنهن به ٻچاپڙائپ ( double- dealing)  سان هو  راضي ٿي عوام دوست نتيجا نه ڏيندو آهي۔ اقبال جي لفظن ۾ هو به شرڪت ميانهءحق وباطل قبول ناهي ڪندو۔حق نا حق جي باهمي مصالحت جمهوري ديوتا کي بالڪل به قبول ناهي۔

    ( شرکت میانہ حق و باطل نہ  کر قبول

     ‏لیلی بھی ہم نشیں ہو تو محمل نہ کر قبول  )

عوام جي راءِ سان چونڊجي آيل نمائندن لاءِ ضروري آهي ته اهي صرف جمهوري اصولن ۽قدرن جي بالادستي لاء ڪم ڪن۔ پنهنجي ذاتي مفادن جي ليليٰ جي همنشيني جي نشي م بيهوش نه ٿي وڃن۔ اقتدار جي ليليٰ  سان هم نشيني جي ڀاڪر مان ٻاهر نڪري اهي حڪومتي محل مان منهن ٻاهر ڪڍي  ان عوام  ڏانهن به ڏسن جيڪو  قافلي جي اڏايل ڌوڙ ۾  گم هجي ٿو  ۔ افسوس اهو آهي ته پاڪستان جو جمهوري نظام آزادي جي پهرئين ڏينهن کان گومگو جي حالت ۾ رهندو پيو  اچي ع: خدا ملا نه ۔۔وصال صنم  ۔۔۔ ڪجه نظريي بازن ۽ ڪجهه سياسي تاجرن ڀاڪستان جي جمهوري نظام کي پنهنجي چاڪري ۾ لڳائي ڇڏيو آهي ۔جمهوري شهيدن جي لسٽ۾ صرف ڀٽو خاندان ئي پنهنجو نالو لکرائي سگهيو آهي

ع : موسم آيا تو نخل -دار په مير

  سر- منصور  هي  ڪا بار آيا                    

جمهوريت جي نالي تي بس ڍونگ ۽سوانگfarce  ئي وطن-عزيز ۾ قائم دائم  رهيو ۔ حقيقت هي آھي ته واقعن جي وهڪري ۾ وهندي خود ڀٽو صاحب به ۔۔۔( خدا کيس  غريق- رحمت رکي  ) جمهوري قدرن ۽اصولن کي وساريندو رهيو ۔ تڏهن  به  هن پنهنجي عوام دوستي کي تاريخ م ثبت ڪري ڇڏيو۔ ع: ثبت است بر جريده-عالم دوام ما. جمهوريت جي ستائش تڏھن ئي ٿي سگهي ٿي جڏھن شھري حقن جو احترام بغير نسلي ۽ مذھبي تفريق جي روا رکيو وڃي۔ڪنهن به مذھبي فرقي کي مادر پدر آزاد نه ڇڏيو وڃي ۔ ڪنهن به واپاري ۽تاجر کي عملي سياست جي اجازت نه ڏ ني وڃي ۔۔۔هر شھري کي هڪ خاص حد تائين ملڪيت رکڻ جي قانوي اجازت هجي۔ ۔ غير حاضر زمينداري نظام کي بالڪل به ختم ڪيو وڃي۔   بقول اردو شاعر جي ته :

ع:     انصاف سے دیکھو تو ہر  شخص ہے غاصب

  رکھتا ہے جو املاک  ضرورت  سے  زياده 

امام ابو حنيفه ۽علامه اقبال جو معاشي مطمح نظر اهو ئي هيو۔ اقبال جو نظم فرمان خدا فرشتون سي  پڙھي ڏسو ۔۔اوهان کي اها ئي ڳالهھ نظر ايندي جيڪا مون عرض ڪئي۔۔ جمهوريت جي انهي آدرش, کي هڪ اهڙي آئين جي بالادستي کي قائم رکڻ سان عملي صورت ڏئي سگهجي ٿي جنهن ۾ مٿي ڄاڻايل جمهوري قدرن جو واضح بيان ٿيل هجي ۽ ان کان علاوه عدل ۽ انصاف جو انتظام به هجڻ تمام ضروري آهي

تو مسیحا ہے تو میرے درد کا درماں کردے

 گر یہ ممکن نہیں  تو  زخم   میرے کن بھی نہیں 

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران جي حڪومت، سنڌ جا سُڪل ڦٽ تازا ڪري ڇڏيا

سارنگ پيرزادو جيڪڏهن ڪنهن شخص کي گهڻا ڌڪ لڳن ۽ اهي ڦٽ ٿي وڃن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے