25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سينيٽ چونڊون: مسلم ليگ (ن) لاءِ مني ريفرنڊم آهي

مسلم ميراڻي

اڳوڻو وزير اعظم ميان نواز شريف سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ وزير اعظم جي سيٽ ۽ پارٽي قيادت تان نا اهل ٿي ويو آهي پر پوءِ  به حڪومتي وهنوار ۽ پارٽي قيادت ان جي حڪم تي ئي هلي رهي آهي. حديبه پيپر مل، رمضان شگر مل، سستي روٽي، دانش اسڪول سسٽم، آشيانه گهر اسڪيم، ميٽرو بس، اورنج لائين منصوبو ۽ مختلف پاور پروجيڪٽس وزير اعليٰ پنجاب ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائم مقام صدر ميان شهباز شريف سميت شريف خاندان جي نا اهلي جو سبب بڻجي سگهن ٿا. اهي سڀ اسڪينڊلز ايندڙ چونڊن ۾ پڻ  شريف خاندان جي سياست تي اثر انداز ٿي سگهن ٿا. سينيٽ چونڊن ۾ مسلم ليگ ن جي اميدوارن جي آزاد حيثت سان اليڪشن وڙھڻ واري فيصلي کي به پاڪستان مسلم ليگ ن شديد  تنقيد جو نشانو بڻائي رهي آهي. ڪجهه تجزئي ڪارن جو اهو به خيال آهي جلد ئي احتساب عدالتن مان به ميان نواز شريف سميت شريف خاندان کي سزا ملڻ واري آهي ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جو قائم مقام صدر ميان شهباز شريف به پنجاب يبوروڪريسي جي خلاف نئب ايڪشن کانپوءِ احتساب جي وڪڙ ۾ اچي ويندو ۽ سمورا پنجاب حڪومت جا ڪرپشن اسڪينڊلز منظر نامي تي اچي ويندا. پر ڪجهه تجزيي نگار ان تجزئي سان اختلاف ڪندي مختلف راءِ رکن ٿا ته جلد ئي ميان شهباز شريف شريف خاندان جا مامعلا ٺيڪ ڪري وٺندو ڇو جو ميان نواز شريف ۽ ميان شهباز شريف جي سوچ ۽ ساٿين ۾ڏينهن رات جو فرق آهي. ميان شهباز شريف سڀني ادارن سان گڏجي هلڻ جي پاليسيءَ تي عمل پيرا آهي ان ڪري جلد ئي اهو شريف خاندان سميت پارٽيءَ کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو.

سينيٽ چونڊن ۾هارس ٽريڊنگ جا چوٻول جاري آهن ۽ ڪجهه ڏينهن تائين ان مامعلي تا بحث به جاري رهندو پر

پاڪستان مسلم ليگ ن جي پنجاب جي سياست ۽ ووٽ تي اڃا مضبوط آهي. پنجاب اڃا تائين مسلم ليگ ن جو هڪ مظبوط قلعو آهي ۽ جيڪڏهن ان قلعي کي ڪيرائڻو آهي ته پوءِ ان قلعو جو آخري مضبوط سپاهه سالار ميان شهباز شريف کي به ڪيرائڻو پوندو ان کانپوءِ اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو ته پنجاب ۾ جوڙ توڙ ڪري مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن جون وفاداريون تبديل ٿي وڃن.

پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪ جي اها واحد سياسي پارٽي آهي جيڪا ان توڙ جوڙ جو ڀهرپور فائدو حاصل ڪري سگهي ٿي. باقي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جنهن کي ملڪ جي سياسي مفاهمت ۽ جوڙ توڙ جو بادشاهه سمجهيو ويندو آهي اهو به گهڻن اعلانن جي باوجود پاڪستان مسلم ليگ ن جو سينيٽ سميت پنجاب جي سياست ۾ رستو روڪڻ ۾۾ ناڪام نظر آيو.  ياد رهي ته پاڪستان پيپلز پارتي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان، پاڪستان مسلم ليگ ق جا سربراهه چوڌري ڀائر، شيخ رشيد ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهرالقادري شريف خاندان ۽ سندن قائم ڪيل وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي خاتمي جي ڪيترن ئي اعلانن ۽ احتجاجن جي باوجود به ڪجهه نه ڪري سگهيا ۽ ن ليگ جي پنجاب  حڪومت ۽ وفاقي حڪومت قائم ۽ دائم آهي. اهو لڳي رهيو آهي ته  گهڻن ئي مشڪلاتن ۽ مصيبتن جي باوجود پاڪستان مسلم ليگ ن جو حڪومتون پنهنجو مدو پورو ڪنديون.

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي ان اعلان جي باوجود ته ملڪ جو  ايندڙ  وزير اعظم جيالو هوندو ۽ اهو اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي ملڪ جون ڏيهي ۽ پرڏيهي مشڪلاتن جو خاتمو آڻيندو. اهو هڪ سياسي نعرو ته ٿي سگهي ٿو پر ڏکڻ پنجاب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پهنجو پراڻو اثر و رسوخ حاصل ڪرڻ لاءِ به وتي ٿي باسيون باسيندي. پاڪستان پيپلز پارٽي پهنجي گهڻن ئي اعلانن ۽ وفاداريون ڏيکارڻ جي باوجود عوام ۽ ادارن ۾ پهنجو اثر و رسوخ وڃائي ويٺي آهي. هن وقت پاڪستان ليگ ن کي پنجاب ۾ وڌ ۾ وڌ خطرو آهي پاڪستان تحريڪ انصاف مان آهي ڇو جو ان کي مقبوليت سان گڏ درويش جي دعا به مليل آهي ته پنجاب تحريڪ انصاف جو ٿيڻ وارو آهي.

باقي ايندڙ چونڊن ۾ پنجاب ۾ مسلم ليگ ق سميت ٻيون سياسي جماعتون مسلم ليگ ن جي خلاف ڪو وڏي مسئلو ڪونه ٿي بڻجي سگهن. سينيٽ چونڊن جي ڪاميابي جو حوالي سان پاڪستان مسلم ليگ ن ميان نواز شريف سميت سموري سياسي قيادت جو چوڻ آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ مسلم ليگ ن جي فتح کانپوءِ اهو ثابت ٿي ويو آهي ته هڪ مني ريفرينڊم ميان نواز شريف جي حق ۾ اچي ويو آهي. ڏٺو وڃي ته گهڻي عرصي کان پاڪستان مسلم ليگ ن جو اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف ان جي ڌيءُ مريم نواز شريف ۽ وزير اعظم پاڪستان شاهد خاقان عباسي پاڪستان مسلم ليگ جي خلاف سازشن جي ڳالهه ڪندا رهيا آهن ۽ هاڻي به سينيٽ چونڊن جو دوران  مسلم ليگ ن جو طرفان اهي الزام هنيا ويا ته انهن جي پارليمينٽيرين کي فون ڪري ڌمڪايو پيو وڃي. هن وقت پاڪستان مسلم ليگ ن جي قيادت جي طرفان جيڪا بيان بازي ڪئي پئي وڃي ته  مسلم ليگ ن ۽ شريف خاندان جي خلاف سازشين جا جيڪي پلان تيار ڪيا ويا هيا اهي سڀ مسلم ليگ ن جي قيادت ممڪل طور تي ناڪام بڻائي ڏيکاريا آهن ۽ ايندڙ چونڊن ۾ عوام ميان نواز شريف جي قيادت ۾ ئي پاڪستان مسلم ليگ کي ڪامياب ڪرائيندو.

ان سڄي صورتحال کي ڏسي اهو لڳي رهيو آهي ته چاهي پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدارت  ڪير به ڪري پر پاليسي ميان نواز شريف جي ئي هوندي. ان ڪري پاڪستان مسلم ليگ ن  ميان نواز شريف واري  تڪراري پاليسي سان ئي ايندڙ چونڊن ۾ اليڪشن جي  ميدان ۾ لهندي ۽ اهو امڪان آهي ته مسلم ليگ ن کي پنجاب ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سان سخت مقابلو ٿي سگهي ٿو. پاڪستان مسلم ليگ ن جو هن وقت رڳو نظر پنجاب تي ئي آهي ته ڪجهه به ٿي وڃي پر پاڪستان تحرڪ انصاف کي پنجاب ۾ روڪيو وڃي ۽ پنجاب ۾ اڪثريت سيٽون  حاصل ڪري وري ٻيهر نواز ليگ جي وفاق ۽ پنجاب ۾  حڪومتون ٺاهيون وڃن. ٻئي طرف جيڪڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف سميت اپوزيشن جو سموري سياسي پارٽيون ايندڙ چونڊن ۾  هڪ ٿي وڃن ته پوءِ اهي وڏي آساني سان پنجاب سميت پوري ملڪ ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن جون مضبوط پاڙون پٽي سگهن ٿيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جي نياڻين جو درد، حوصلو ۽ جاکوڙ…!

ڪامران چانڊيو سنڌ جون اهي نياڻيون جيڪي پيرين اگھاڙين سنڌ جي روڊن تي، پنهنجن پيارن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے