18 سومر , جون 2018

ڪامريڊ امام علي نازش جي ياد ۾

تاج  مري

پاڪستان ۾ ڪميونسٽ تحريڪ جو آدرشي اڳواڻ ۽ پاڪستان، ڪسان- مزدور پارٽيءَ جو چيئرمئن، ڪامريڊ امام علي ’نازش‘ 4 آگسٽ   1922ع  تي، ڀارت جي شهر دهليءَ ڀرسان ”امروهي“ ۾ پيدا ٿيو. پاڻ ڪميونسٽ تحريڪ جي بانيڪارن مان  هو. ننڍي هوندي، سندس والد کيس ’مجتهد‘ بنائڻ ٿي چاهيو، انڪري کيس ’ناظميا‘ موڪليو ويو ته جيئن فقهه ۽ حديث جو علم حاصل ڪري سگهي. بعد ۾ لکنئو يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو، جتي هو ”مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ سان لاڳاپيل رهيو ۽ ٿوري عرصي بعد سندس خيال مارڪسي فلسفي ڏانهن آيا، جيڪي کيس ترقي پسند، ڪميونسٽ تحريڪ ڏانهن وٺي ويا.

ورهاڱي کان پوءِ پارٽي پاليسين تحت کيس پاڪستان اچڻو پيو. ايوبي مارشل لا دؤران، جڏهن ڪميونسٽ اڳواڻ حسن ناصر کي شهيد ڪيو ويو ته کيس ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سيڪريٽري جنرل بڻايو ويو.  1951ع ڌاري ”پنڊي سازش ڪيس“ ٺهيو ۽ 1954ع ڌاري ڪميونسٽ پارٽيءَ تي بندش لڳي. اُن بعد ڪامريڊ نازش ڪيترائي ڀيرا جيل ويو؛ ائين ڏهه سال جيل اندر ڪاٽيائين. پاڻ جيل ۾ سائين جي. ايم. سيد سان گڏ رهيو ۽ کانئس ئي سنڌي سکيائين. ڪميونسٽ پارٽيءَ تي بندش لڳڻ کان پوءِ،  روپوش ٿي ويو.. 1982ع ڌاري هن سوويت يونين، ڪيوبا ۽ ٻين ملڪن جا دؤرا ڪيا. 1998ع ۾ ڪامريڊ نازش، پهريون دفعو روپوشي ختم ڪري عوام اڳيان ظاهر ٿيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ شهيد نذير عباسيءَ جي ورسيءَ تي خطاب ڪيائين. 1990ع کان وٺي آخري دم تائين ڪميونسٽ پارٽي جو چيئرمين به رهيو. 7 مارچ 1999ع تي اوجها  سينيٽوريم ڪراچيءَ ۾ ڊگهي علالت بعد لاڏاڻو ڪيائين .

حقيقت ۾ ڏسجي ته ڪامريڊ امام علي نازش جهڙا انقلابي اڳواڻ ڀارت مان نه اچن ها ته نه هتي ڪميونسٽ پارٽي ۽ نه ئي ڪميونسٽ تحريڪ ان شڪل ۾ هلي سگهي ها، انهن جي ڀارت مان اچڻ سبب ئي هتي هارين ۽ مزدورن جون تحريڪون هليون ۽ انهن جي ڪاوشن سبب ئي هارين ۽ مزدورن ۾ سياسي ۽ انقلابي شعور پيدا ٿيو، ٻي صورت ۾ هتان جي هارين ۽ مزدورن ۾ اهو شعور پيدا نه ٿئي ها، امام علي نازش جهڙن اڳواڻن نه رڳو پارٽي هلائي، تحريڪون هلايون، مزدورن ۽ هارين جون تنظيمون ٺاهيون پر ڄام ساقي ۽ نذير عباسي سميت ملڪ اندر الائي ڪيترا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پيدا ڪيا.

هڪڙيون ڌريون انهن ٻاهران آيل اڳواڻن تي تنقيد ڪنديون آهن پر پنهنجو سوال اهو آهي ته انهن ملڪ ۽ سنڌ کان ڇا گهريو يا ڇا ورتو، انهن تي رڳو ڏيڻ سکيو آ، ۽ ان عيوض ڀوڳيو آ، ڀلا ٻاهران ته روز ڌاريا اچن ٿا ڇا انهن هتي اچي ملڪيتون ناهن ٺاهيون پر امام علي نازش جي ڪهڙي ملڪيت آهي. هن ته صرف شعوري زمين آباد ڪئي ۽ شعور جو فصل پوکيو هو، انهن ته مليل ڪليم به ڦاڙي ڇڏيا هيا ڇا ڪير مليل ملڪيت جا ڪاغذ ڦاڙي سگهي ٿو پر  امام علي نازش جهڙن اڳواڻن ائين ڪري ڏيکاريو ڇاڪاڻ ته هو هتي ملڪيتون ٺاهڻ نه آيا هيا پر شعور ۽ انقلاب پکيڙڻ لاءِ آيا هيا، جيڪي سندن مٿان پارٽي جي ذميواري هُئي. هو اِها زميواري ادا ڪرڻ آيا هيا ۽ بس.

امام علي نازش ته ايڏو عرصو هتي رهڻ کانپوءِ به ڪمپرسيءَ جي حالت ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو، هو پئسي وارو هجي ها، ملڪيت وارو هجي ها ته پرڏيهه ۾ ڪو سٺو علاج ڪرائي ها.

سو ڪامريڊ امام علي نازش جهڙن انقلابي اڳواڻن صرف ۽ صرف ڏنو آهي اسان ان عيوض ۾ کين ڇا ڏنو آهي اهو سوچڻ جو سوال آهي، افسوس ته اهو آهي ته جنهن تحريڪ لاءِ ڪامريڊ امام علي نازش پنهنجي زندگي ارپي ڇڏي ۽ زندهه شهيد ٿي رهيو تنهن جو اسان گهربل قدر ڪرڻ به ناهيون سکيا، کين سکڻو ياد به نٿا ڪيون.

90 جي ڏهاڪي کانپوءِ سنگت وکري ته سڀ ڪجهه وکري ويو بجاءِ ان جي ته اسان سندن تحريڪ کي اڳتي وڌايون ها اسان ويتر پوئتي  پئجي ويا آهيون، باوجود ان جي ته ڪامريڊ امام علي نازش جو نظريو اڄ به وقت جي ضرورت آهي، ڇوٽڪاري جو ٻيو ڪو رستو به ناهي، پورهيتن ۽ مزدورن جي راڄ کانسواءِ نجات جو ٻيو ڪو حل به ناهي پر اسان ڦرلٽ جي هن سماج جو حصو بڻجي جيئڻ تي مجبور آهيون ڇاڪاڻ ته اسان ڪامريڊ امام علي نازش جو رستو وساري ويٺا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جي تاريخ ۾ انوکو مزاحمتي باب۔۔۔۔

سنيتا راٺوڙ سنڌ توڙي ملڪي حالتن کي غور سان ڏسبو ته ھڪ نئون مزاحمتي محاذ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے