15 اربع , آگسٽ 2018

نيوز : سوڀو ديرو:شھرين  ۽ واپارين  جو بجلي جي لوڊ شيڊنگ خلاف احتجاج

سوڀي ديري  جي شھرين  ۽ واپارين بجلي جي لوڊ شيڊنگ خلاف احتجاج ڪيو.

شهرين ۽ واپارين شاھنواز سومرو، محسن سھتو، زبيرسامٽيو، منصف ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو

ان موقعي تي واپارين ۽ شهرين ميڊيا کي ٻڌايو ته شهر ۾ اٺ ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ڪئي پئي وڃي جنهن ڪري زندگي جو ڪاروهنوار مفلوج بڻجي ويو آهي.

هنن الزام هنيو ته سپيڪو عملدار هٿ سان بجلي جي  چوري ڪرائي رهيا آهن ۽ ان جي سزا وري شهرين کي ڏئي رهيا آهن .

هنن وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته سندن شهر مان بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو آندو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Badin: One young boy injured due to electric shock

نيوز: بدين: بجلي جي 11 هزار وولٽ جي تار ڪري پئي،  هڪ ڄڻو  وچڙي زخمي

* بدين شھر  ۾ بجلي جي 11 هزار وولٽ جي تار ڪري پئي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے