24 آچر , جون 2018

سعودي عرب ۾ ڊبليو ڊبليو اي جو تاريخي ايونٽ اپريل کان شروع ٿيندو

جده(ويب ڊيسڪ) ورلڊ ريسلنگ انٽرٽينمنٽ (ڊبليو ڊبليو اي) پنهنجي تاريخ جو سڀ کان وڏو رائل رمبل مقابلو سعودي عرب ۾ منعقد ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. گذريل هفتي ورلڊ ريسلنگ انٽرٽينمنٽ طرفان سعودي عرب ۾ ريسلنگ جا مقابلا منعقد ڪرائڻ لاءِ اختيارين سان معاهدي کي حتمي شڪل ڏني وئي جنهن بعد ڪمپني پاران ان معاهدي تحت مقابلا منعقد ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جده جي ڪنگ عبدالله اسپورٽس سٽ ۾ ڊبليو ڊبليو اي جو سڀ کان وڏو رائل رمبل مقابلو منعقد ڪيو ويندو جن ۾ 30 بجائي 50 ريسلر شرڪت ڪندا هي ڪمپني جي تاريخ جو سڀ کان وڏو رائل رمبل مقابلو هوندو جنهن ۾ ٽرپل ايچ ۽ جان سينا سميت ڪيترائي وڏا ستارا شرڪت ڪندا. هي مقابلا هلندڙ سال اپريل ۾ شروع ٿيندا ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته  هن طريقي جا مقابلا هن وقت تائين ڊبليو ڊبليو اي جي پنهنجي اباڻي ملڪ آمريڪا ۾ به منعقد ناهن ٿيا. ڊبليو ڊبليو اي موجب سعودي جنرل اسپورٽس اٿارٽي جي سهڪار سان ڪمپني جي طرفان گريٽيسٽ رائل رمبل ايونٽ جده ۾ 27 اپريل  کان شروع ٿيندو . ڊبليو ڊبليو اي اتنظاميا پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته اهو پهريون موقعو هوندو ته جو ڪنهن رائل رمبل  ميچ ۾ پنجاهه ڊبليو ڊبليو اي ريسلر شرڪت ڪندا ۽ اهو هڪ تاريخي ايونٽ ثابت ٿيندو. جنهن ۾ جان سينا، رومن رينز، اي جي اسٽائلز، برائون اسٽرومين، رينڊي اورٽن، بري وائيٽ ۽ ٽرپل ايچ سميت ٻيا ريسلر شرڪت ڪندا. ڊبليو ڊبليو اي سان اهو معاهدو سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي ويزن 2030 پروگرام تحت ڪيو ويو آهي، جنهن تحت سعودي عرب ۾ سماجي ۽ اقتصادي بهتريون ڪيون پيون وڃن

هي به ڏسي سگهو ٿا

The smuggling teenage statue on the Innovka and Vate left legal notice

ڀارتي نوجوان انوشڪا ۽ ورات ڪوهلي ڏانهن قانوني نوٽيس اُماڻي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ ادڪارا انوشڪا شرما ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ورات ڪوهلي ڏانهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے