18 سومر , جون 2018

کاٻي ڌُر جي هڪ مثالي ڪردار جو وڇوڙو

ڄام ساقي گذريل 60 سالن کان ڪميونزم جي آدرشي انقلابي اڳواڻ طور جدوجهد ڪئي، جنهن ڪيترين ئي آمريتن کي للڪاريو ۽ انهن سان سخت مزاحمت ڪئي. جنهن جي پاداش ۾ هن شخص رولاڪيون ۽ روپوشيون به ڀوڳيون ته لاهور جي لال قلعي جي اونداهين ڪوٺين ۾ انقلابي سج اُٻارڻ جون رٿون رٿيون ۽ انهن جي حاصلات لاءِ زندگيءَ جا خوبصورت سال بند خاني ۾گذاري ڇڏيا. هي ٿر جي وارياسي ڌرتيءَ جو ڪونڀٽن جهڙو ڳڀرو جوان جڏهن انقلابي جدوجهد ۾ شامل ٿيو هيو ته نج ڳوٺاڻو ۽ سادو سهپ ۽ رواداري وارو مزاج رکندڙ ڄام ساقي جنهن 1818ع ۾ 5 مئي تي جنم وٺندڙ ڪارل مارڪس جي انقلابي نظريئي جي ڇانو ۾ پنهنجو انقلابي سفر شروع ڪيو. ڄام ساقي سنڌ جي انقلابي جدوجهد  مزاحمت ۽ شعور جو نالو رهيو، پنهنجي سموري ڄمار مظلومن، محڪومن جي آجپي، هارين، پورهيتن جي خوشحالي ۽ عورتن جي حقن جي لاءِ پاڻ پتوڙيو، سانرو ٿرواسي آدرشي انسان سائين سچل جو هيءَ آدرشي پٽ، ٿر سميت سموري سنڌ ۾ تعليمي شعور پکيڙڻ واري جدوجهد سان سلهاڙيل رهيو. جنهن 1961ع ۾ پنهنجي سياسي سفر جي شروعات هاءِ اسڪول جي زماني کان ڪئي، ڄام ساقي ان زماني ۾ حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سيڪريٽري به چونڊيو ويو ۽ ساڳي ئي زماني ۾ ادبي تخليق  جنهن ڏانهن به وک وڌائي، ڄام ساقيءَ 7 ڪتاب سنڌي ادب کي ڏنا. جنهن ۾ هڪ ناول” کاهوڙي کجن“  به آهي،  جنهن ۾ ڄڻ ته هو ان ناول جو هيرو به رهيو آهي. ڄام ساقي پنهنجي حاصلاتن ۽ ناڪامين جو ڀرپور نموني اظهار ڪندڙ بهادر ۽ سچو اڳواڻ هيو، جنهن وٽ سياسي منافقتن لاءِ ڪا به گنجائش ڪا نه هئي، ڄام  ڪچهرين جو ڪوڏيو ۽ مطالعي جو شوق رکندڙ، ڏيهي توڙي پرڏيهي انقلابي جدوجهد تي گهري نظر رکندڙ اهڙو سياسي ۽ انقلابي ڪردار هيو، جنهن کي مثالي شخصيت قبوليو ويندو هيو. ڪميونسٽ پارٽيءَ  ۾ هڪ ڪارڪن کان ويندي مرڪزي اڳواڻ جي حيثيت ۾ ڄام ساقي جو ڪردار انتهائي سگهارو ۽ اُتساهيندڙ ڪردار رهيو. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان م سندس سياسي جدوجهد کي انتهائي مان ۽ مڃتا مليل رهي. سائين جي ايم سيد پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو هئو ته منهنجي پسنديده شخصيتن مان هڪ ڄام ساقي پڻ آهي.

ڄام ساقي پنهنجي سياسي جدوجهد جي حوالي سان کاٻي ڌر جو انتهائي اهم ۽ ذميوار اڳواڻ هيو. جنهن جي گهڻ پاسائين قبوليت رهي هئي، جنهن کي سياسي طور انتهائي ويساهه وارو اڳواڻ ڄاتو ويندو هو، جنهن ٽارچر سيلن ۾ رهندي به پنهنجي آدرشي اصولن جي پاسداري ڪئي ۽ انقلابي جدوجهد ۾ پنهنجو ويساهه قائم رکيو. 1965ع جي آمريت واري زماني ۾ جنهن کي ڪميشن جو امتحان پاس ڪرائي هڪ سال ۾ ڪمشنر ۽ پوءِ سيڪريٽري جو عهدو ڏيڻ جي آڇ به ڪئي وئي پر هن پنهنجي انقلابي جدوجهد تان هٿ نه کنيو ۽ انهن آڇن کي ٺڪرائي  ڇڏيو. ان پس منظر ۾ هر دور جي آمرن هن کي ڪيتريون ئي آڇون ڪيون پر هي ڪميونزم جو انقلابي نظرياتي پرچارڪ، انقلابي ويڙهاند ڪندي، پنهنجو آدرشي سفر جاري رکيو. جڏهن سنڌ ۾ سوويت يونين جي آشيرواد سان انقلابي جدوجهد هلي رهي هئي، تڏهن ڪيترائي انقلابي ويڙهاڪ اڳواڻ هئا، جن سوشلزم ۽ ڪميونزم کان سواءِ ٻئي ڪنهن به سوچ ۽ نظريئي ۽ جدوجهد ڏانهن نهارڻ جي ڪوشش ڪا نه ڪئي. عالمي سامراج خاص ڪري سندس مهندار آمريڪا جي خلاف انقلابي جدوجهد کي منظم ڪيو.

ڄام ساقي 1991ع ۾ انساني حقن جي حاصلات لاءِ ڪمون شهيد کان ڪراچيءَ تائين پيرين پنڌ ”لانگ مارچ“ به ڪيو. هن لانگ مارچ  دوران ڄام ساقيءَ ڌاڙيلن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي ۽ ڌاڙيلن کيس موٽ ڏيندي چيو هئو ته هو هٿيار ڦٽا ڪندا ته وڏيرا کين مارائي ڇڏيندا.

ڄام ساقي جنهن سنڌي ادبي سنگت کي سرگرم ڪرڻ لاءِ 80 واري ڏهاڪي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن تعليمي ادارن ۾ سياسي سرگرمين جي حمايت ڪئي ۽ تعليمي ادارن کي انقلابين جي مورچن ۾ تبديل ڪيو، جتان علم، ادب، دانش جون مشعلون روشن ٿيون.

چار مارچ 1967ع سنڌي شاگردن جي عظيم آدرشي جدوجهد جو مثال آهي، جنهن ۾ ڄام ساقي به حصيدار رهيو. 4 مارچ جي جهونجارن جي جٿي ۾ ڄام ساقي شامل رهيو آهي، هن سنڌ جي سياست کي هڪ نئون قومي موڙ ڏنو، توڙي جو ڄام ڪميونزم جو پرچارڪ ۽ کاٻي ڌر  جو سياسي اڳواڻ هئو پر هن جي اندر ۾ پنهنجو ٿر، ڀالوا، مارئي، آمر ڪوٽ، پکا ۽ پنهوار جيئن جو تيئن موجود هئا، جيئن شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ سنڌ ۽ ٿر موجود رهيا آهن. اهڙي طرح ڄام ساقي جي اکين ۾ اُن سنڌ ۽ ٿر جي خوشحالي سک ۽ سڪار امن ۽ آجپي جا خواب اُڻيل هئا. هو پنج هزار سالن کان سنڌي هيو  ۽ آخري وقت تائين هن جي اندر ۾ سنڌ ساههُ کڻندي محسوس ٿيندي هئي.

اڄ سنڌ پنهنجي اهڙي پٽ کان محروم ٿي آهي، جيڪو نه رڳو اديب، دانشور، ڏاهو، سياستدان هيو پر هو ساڳي وقت انقلابي، مزاحمت ڪندڙ ويڙهاڪ ڪردار رهيو. ڄام ساقي مظلوم ماڻهن جي حقن جي حاصلات لاءِ وقت جي آمرن سان اکيون اکين ۾ وجهي نهاريو. گهُوريو ۽ انهن سامهون پنهنجي باغي ڪردار کي چٽو ۽ نروار ڪيو، جنهن جي انقلابي جدوجهد نئين نسل جي لاءِ هڪ سونهين جو ڪردار ادا ڪندي. ڄام ساقي سنڌ جي مظلوم ماڻهن جو اهڙو آواز هيو، جنهن پنهنجي سموري ڄمار انقلابي به ادرشن مٿان قربان ڪئي. ڄام ساقي جي وڇوڙي سان سنڌ کاٻي سياست واري مورچي جي هڪ بهادر سپاهي کان محروم ٿي وئي آهي.

اڱارو 6 مارچ  2018ع، 17جمادي الثاني 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ يقيني ٿيڻ گهرجي

ميڊيائي اطلاع آهن ته ملڪ جي درياهن ۽ ڊيمن جي وهڪرن ۾ بهتريءَ باوجود سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے