24 آچر , جون 2018

نحن جا 2 رنگ جگر جي مرض جي علامت هوندا آهن: ماهر

نيويارڪ(ويب  ڊيسڪ) امريڪي ۾ماهرن چيو آهي جيڪڏهن توهان جا نح 2 رنگن جا ٿي ويا آهن ته ان سان توهان  ۾ گڙدن ۽ جگر جي بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ جو امڪان وڌي سگهي ٿو. جڏهن ته امريڪي ماهرن جو چوڻ آهي ته نح ٻن رنگن ۾ تقسيم ٿيڻ  سان گڙدن ۽ جگر جي بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ جو امڪان وڌندا آهي.  جاچ  ۾ نحن  جي هڪ علامت”هاف اينڊ هاف نيلز“ کي گڙدن ۽ جگر جي مسئلن جي علامت قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ جي سبب انساني جسم ۾ مخصوص هارمون ايڪٽو هجڻ يا رت جي سخت گهٽتائي ٿيڻ سان امڪاني طور تي نحن جو رنگ اهڙو ٿي ويندو آهي. حڪيمن جو چوڻ آهي گڙدن ۽ جگر جا مسئلا اڪٽر رنگ ۾ تبديلي جو سبب ٿيندا آهن جيڪي نحن ۽ کل تي ظاهر ٿيندا آهن جئين ته اڪثر  سڃاڻپ پيچيده ٿيندي آهي ڪجهه علامتون مختلف مرضن  سان ڳنڍيل هونديون آهن. ان لاءِ جيڪڏهن توهان پنهنجي نحن ۾ اهڙي تبديلي ڏسو ته طبي مارهن سان رابطو ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماحول دشمن ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ کي تيل ۾ تبديل ٿيندڙ ڪارخانو

هارورڊ (ويب ڊيسڪ)عاليم پئماني  تي تپش   ۾ واڌ  جو سڀ کان بدنام گيس ڪاربان داءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے