23 ڇنڇر , جون 2018

سنڌ جي پانڌيئڙن جا مطالبا

جيئي سنڌ قومي محاذ جو سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جي حل لاءِ نڪتل پيرين پنڌ قافلو ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب پهچي سنڌ سان لاڳاپيل 6 اهم مامرن جي حل لاءِ نه رڳو سنڌ ۽ وفاق کان پر انهن سڀني ڌرين کان جيڪي  هن ملڪ جي اختيارن جا مالڪ ۽ امانت دار آهن. جن جي قومي انتظامي آئيني ۾ مذهبي ۽ اخلاقي ذميواري آهي ته اهي ملڪ جي ماڻهن جي حقن ۽ مفادن جي نگهباني ڪن، ڇاڪاڻ جو ڪنهن به ملڪ جا ادارا اُتان جي ماڻهن جي ٽيڪس جي بنياد تي هلن ٿا ۽ انهن جي سڀ کان اول ذميواري ملڪ جي ماڻهن جي حقن ۽ مفادن جو تحفظ ڪرڻ آهي. 14 فيبروري 2018 ع تي سنڌ سان لاڳاپيل اهم مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ هي پانڌيئڙا پنهنجا پير پٿون ڪري اکين ۾ اُميدن جا ڏيئا روشن ڪري  هنن سنڌ جي گادي ءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ سنڌ سرڪار سان گڏ، وفاقي سرڪار جي آڏو پنهنجا مطالبا ورجايا آهن ۽ انهن جي حل جي گهر ڪئي، هي پرامن احتجاجي لانگ مارچ، مختلف وقتن تي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي سلامتيءَ ۽ آزاديءَ جي گهر ڪندي چيو آهي ته جيڪي به ماڻهوءَ کنڀي گم ڪيا ويا آهن، اهي به هن ملڪ جا شهري آهن، انهن جي مٿان جيڪڏهن ڪن ڏوهاري سرگرمين ڪرڻ جو حڪومت کي شڪ يا  مٿن ڪو الزام آهي ته  انهن کي چارج شيٽ ڏئي مٿن ڪيس داخل ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ کين پنهنجي ملڪ جي شهري هجڻ جو حق، انساني آزاديءَ جو فطري حق ڏيڻ سان گڏ ڪنهن به عدالت ۾ پيش ڪري کين پنهنجي بچاءَ جو فطري حق ڏنو وڃي.

سنڌ ۾ وڌندڙ ڌارين آبادڪاري بابت لانگ مارچ جي پانڌيئڙن جو موقف آهي ته جيڪي ماڻهو ملڪ جي آئين موجب مليل حق هيٺ ٻين صوبن کان سنڌ ۾ آباد ٿيا آهن، انهن کي ورڪ پرمنٽ هيٺ رهايو وڃي ۽کين پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ لاءِ پابند ڪري سندن صوبي ڏانهن موڪليو وڃي، سنڌ ۾ ڌارين آبادڪاريءَ کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ آئين ۾ صوبن جي حق حڪمراني قائم رکڻ لاءِ  ۽ کين ٿورائي ۾ تبديل ٿيڻ واري صورتحال کان محفوظ رکڻ لاءِ کين آئيني تحفظ ڏنو وڃي.ڏيهي توڙي پرڏيهي ماڻهن کي پنهنجي ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي، خاص ڪري افغان پناهه گيرن برمين، بيهارين، بنگالين، روهنگين جو مسئلو اوليت جي بنياد تي حل ڪيو وڃي،

سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي ڪٽر پڻي جي خاتمي لاءِ به ضروري آهي ته مذهبي فرقي بنديءَ خلاف ۽ ڌارين آبادڪاري خلاف سخت اُپاءَ  ورتا وڃن.  سنڌ ۾ 1954 کان پوءِ آباد ٿيل ٻين صوبن جي ماڻهن کي پنهنجن صوبن ڏانهن موڪليو وڃي ۽ ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن کي هر حال ۾ ملڪ نيڪاليءَ ڏئي، ملڪ جي مڙني صوبن خاص ڪري سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ مذهبي انتهاپسنديءَ  واري خطري جي پيش نظر تڪڙا اپاءَ وٺڻ ۽ سنڌ جي هن گهُر تي جوڳو ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. سنڌ ۾ ٻين صوبن  جي ماڻهن کي نه رڳو ووٽ جو حق نه ڏنو  وڃي پر کانئن روزگار ۽ ڪاروبار ڪرڻ تي سنڌ سرڪار کي ٽيڪس وٺڻ گهرجي. ڌارين آبادڪاري سبب سنڌ جي معيشت ۽ وسيلن تي بار ٿئي ٿو ۽ امن امان جي صورتحال پڻ خراب ٿئي ٿي. سنڌ کي  پرامن ۽ خوشحال رکڻ لاءِ انهن مسئلن ۽ مامرن جي نبيري لاءِ قانون سازي ڪرڻ ضروري آهي.

سنڌ اسيمبلي جي مٿان اها ذميواري آهي ته هو ڄاڻايل مسئلن جي نبيري لاءِ جلد قانون سازي ڪري ۽ مامرن جي حل لاءِ اڳڀرائي ڪري سنڌ جي شعور جي ڳڻتيءَ کي سندن محسوس ڪري کيس مطمئن ڪرڻ لاءِ تڪڙا اُپاءَ وٺي.. ٿورائي وارن مذهبن سان لاڳاپو رکندڙ ماڻهن کي مذهبي آزاديءَ سان زندگيءَ گذارڻ جو  آئيني، قانوني ۽ فطري توڙي جمهوري حق ڏيڻ لاءِ سنڌ ۾ سهپ ۽ رواداري جو ماحول برقرار رکڻ لاءِ مذهبي ڪٽر پڻي خلاف جوڳا اُپاءَ وٺڻ لاءِ تحرڪ ورتو وڃي. پانڌيئڙن1991ع واري پاڻي ٺاهه کي رد ڪندي 1945 واري پاڻي ٺاهه موجب، پاڻي ورڇ ڪرڻ ۽ سنڌو درياهه تي سنڌ جو حق تسليم ڪندي درياهه مٿان زوريءَ وڏا ڊيم ٺاهڻ واري هوڏ ڇڏي پاڻي ورڇ کي 1945ع واري ٺاهه هيٺ يقيني بڻايو وڃي.

سنڌ جي پيداواري وسيلن تي سنڌ جي مالڪيءَ جو حق مڃيو وڃي ۽ معدني وسيلن مٿان سنڌ کي مالڪيءَ جو اختيار ڏيڻ سميت سنڌ جي حڪمرانيءَ واري حق کي قبول ڪري کيس مالڪيءَ جا اختيار ڏنا ۽ قبوليا وڃن. سنڌجا وسيلا سنڌ جي ترقي لاءِ ملڪ جي ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ کي ملڪ جي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي ۽ ملڪ جي سمورن انتظامي معاملن خاص ڪري سنڌ جي سمورن خانگي توڙي سرڪاري ادارن ۾ ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي رائج /لاڳو ڪيو وڃي. سرڪاري ۽ غيرڪاري اسڪولن، مڪتبن، مدرسن ۾ لازمي طور تي سنڌي ٻولي پڙهائي ۽ لکي وڃي. سنڌ جا ساڃاهه وند سنڌ سان لاڳاپيل 6 ئي بنيادي مامرن کي سنڌ جي زندگي ۽ موت سان لاڳاپو رکندڙ مسئلا قرار ڏئي رهيا آهن ۽ انهن جو حل ٿيڻ ئي سنڌ  جي ماڻهن ۽ سنڌي قوم جي بقا جي ضمانت  آهي.

ٿيڻ ته ايئن گهربو هئو ته سنڌ سرڪار ڪا ڪاميٽي جوڙي پيادل مارچ ڪندڙ جسقم قيادت سان ڳالهيون ڪري سندن ڄاڻايل مسئلن جي حل جي لاءِ کين مطئمن ڪري ها پر اهو موقعو  سنڌ سرڪار کان هٿن مان هليو ويو آهي، اڃان به وقت پري ناهي ويو، سنڌ سرڪار کي انهن مسئلن جي حل لاءِ پاڻ مرادو ئي سهي تحرڪ وٺڻ گهرجي ۽ ڄاڻايل مسئلن جي اهميت ۽ حساسيت کي محسوس ڪري ڪو جوڳو عمل ڪرڻ لاءِ اڳڀرائي ڪندي ۽ سنڌ جي متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ  اندر انهن مسئلن بابت قانون سازي ڪرڻ لاءِ ضرور بحث لاءِ بل پيش ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ جي خدشن ۽ انديشن جي پس منظر ۾ کين آئيني ۽ قانوني پڪ ڏيارڻي پوندي، ته سنڌ سان لاڳاپيل اهي مسئلا اوليت جي بنياد تي سنڌ اسيمبليءَ اندر ڪنهن به بل جي صورت ۾ آندا ويندا ۽ انهن جي حل بابت تجويزون وٺي قانونسازي ڪئي ويندي.

هن موقعي تي وفاقي حڪومت کي پڻ سنڌ جي اهڙي پريشاني واري صورتحال کي سنجيدگيءَ سان ڏسڻو پوندو ۽ انهيءَ صورتحال سبب اڀرندڙ خطرن کي محسوس ڪري ملڪ جي بهتر مستقبل لاءِ ڪي آئيني ۽  قانوني اُپاءَ وٺي سنڌ جي خدشن کي محسوس ڪري انهن جو تدارڪ ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ  جو وفاق ملڪ جي ٻڌيءَ/ايڪي جي نه رڳو ضمانت آهي پر صوبن سان لاڳاپيل سمورن مسئلن جي حل لاءِ نه رڳو بااختيار آهي پر ذميوار به آهي. ملڪ جي آئين موجب جيڪي به هن ملڪ جا شهري آهن، انهن جا بنا ڪنهن رنگ، نسل، قوم، مذهب واري فرق  جي هڪ جيترا حق ۽ فرض آهن، وفاق پنهنجي صوبن کي جڏهن حق ڏياريندو ته ان کانپوءِ ئي پنهنجا فرض انهن کان مڃرائي سگهندو. ايئن نه ٿيڻ گهرجي ته حق گهرڻ تي ڪنهن شهري يا قوم کي غدار سڏيو وڃي يا ڪنهن هڪ صوبي جا وسيلا مختلف بهانن سان ڪنهن ٻئي صوبي تي خرچ ڪيا وڃن. وفاق ملڪ جي وسيلن ۽ اختيارن جو امانت دار آهي ۽ هڪ آئيني امانتدار کي هر حال ۾ پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ جي دانهن کي ورنائڻ گهرجي.

سومر  5  مارچ  2018ع، 16  جمادي الثاني 1439 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

کنڀي گم ڪيلن جي واپسي، اميدون اڃان باقي آهن…

سنڌ ۾ ڪافي مهينن کان وٺي پنهنجن پيارن جي کنڀي گم ٿيڻ بعد سندن آزاديءَ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے