23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز : ڇني:  ڳوٺاڻن جو  ڀوتار پاران پيئڻ جو پاڻي بند ڪرڻ خلاف احتجاج

*ڇني  ويجهو ڳوٺاڻن ڀوتار پاران پيئڻ جو پاڻي بند ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺ بهليل شاهه جي ڳوٺاڻن هادي بخش چانڊيو، ارباب چانڊيو، ڪريم بخش، وزير احمد چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو

ڳوٺاڻن الزام هنيو  ته   ڪاڇي جي درگاهه بهليل شاهه سميت ڳوٺاڻن جو وڏيري جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي جنهنڪري خدا جي مخلوق اڃ مري رهي آهي.

هنن چيو ته ذاتي انا سبب بااثر وڏيري اسان جي پاڻي جي لائين منقطع ڪري  انساني آبادي توڙي درگاهه بهليل شاهه تي ايندڙ پانڌيئرڙن  کي اڃ ماري رهيو آهي.

. هنن چيو ته اسان  کي ساوڙي بدران ڳوٺ شاهه محمد جمالي وٽان پائپ لائن هڻي ڏني وڃي.

 هنن پاڻي ڪميشن جي سربراهه رٽائرڊ جج امير مسلم هاني، تر جي چونڊيل نمائيندن کان مطالبو ڪيون ٿا ته پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪري  کين  اڃ مرڻ کان بچايو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے