23 آچر , سيپٽمبر 2018

چيني ماهرن دل جي نشونما ڪرڻ وارو اهم جين دريافت ڪري ورتو

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چيني ماهرن ڪيتري محنت کان پوءِ هڪ اهم جين دريافت ڪيو آهي جيڪو دل ڏانهن رڳن ۽ اعصاب جي جي جوڙ جڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ان جي دريافت سان دل جي ڪيترن ئي بيمارين جي سڄاڻپ ۽ علاج ۾ مدد ملي سگهي ٿي.چيني مارهن چيو  آهي ته ”ڊبليو ڊي پي سي پي، جي دل جي رڳن جي بيمارين (ڪورونري آرٽري ڊيزيز) سڃاڻو ۽ علاج ۾ وڌيڪ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.ماهرن جو چوڻ آهي هن  ڊبليو ڊي پي سي جين قوئن ۾ دريافت ٿيو آهي جو ان جي جور جڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ان کان پهريان خليي جي ڪنارن ۾ داگي دار  ابار يعني سيليا جي جوڙجڪ ۾ جي فائدي مند ڏٺو ووي ۽ ان جي بدولت يڪ خولي جاندار آهستي آهستي اڳتي وڌندا آهن . اسان ڄاڻيون  ٿا ته دل جي طرف رڳون، اعصياب ۽ نسيجين دل جي  پٺن ۽ ٻين حصن کي آڪسيجين ۽ غذائيت  ڀريا جزا فراهم ڪندي آهي. داڪٽثرن جو چوڻ آهي ته ان رڳن جي جوڙجڪ جي 2 مرحلن ۾ ٿيندي آهي ٻئي مرحلي ۾ دل جي ٻار جا خليات کي جمع ڪري هڪ مڪمل شريان ٺهندي آهي. دل جي جوڙ جڪ لاءِ هي عمل ضروري آهي ڇو ته پهرين مرحلي ۾ خليات هموار هوندا آهن جيڪي شريانيون لاءِ اينٽو جو ڪم ڪندا آهن ۽ ان جي مٿان ٻين باريڪ ناليون جوڙ جڪ پائيندي آهي. جڏهن قوئن ۾ ڊبليو ڊي پي سي پي جين کي تبديل ڪيو ويو ته خليات جي ترسيل ۾ رڪواوٽ  ٿي ۽ شريانيون درست طور تي جوڙجڪ نه ڪري سگهيون. يعني دل تي ڄمل رت جون رڳون ننڍيو ۽ تنگ ٺهيون. ايندڙ مرحلي ۾ جڏهن قوئن ۾ جين ڪڍيو ويو ته ان جي وڌيڪ شديد اثر سامهون آيا. ان تجربن ۽ ان جي نتيجن کان پوءِ ماهرن ان نتيجي تي پهچي ويا آهن ڊبليو ڊي پي سي پي جين دل جي رڳن جي جوڙجڪ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Facebook announced fake newsletters to watch videos and images

فيسبڪ جعلي خبرن وارين ويڊيوز ۽ تصويرن جي جاچ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪيلفورنيا( ويب ڊيسڪ ) فيسبڪ پنهنجي هڪ بلاگ ۾ اعلان ڪيو آهي ته هو جعلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے