24 آچر , جون 2018

نيوز : خيرپور:ٻرڙا برادري جي ماڻهن جو پنهنجي برادري جي با اثرن ۽ پوليس جي ظلم خلاف  احتجاج

خيرپور ڀرسان ٻرڙا برادري جي ماڻهن پنهنجي برادري جي با اثرن ۽ پوليس جي ظلم خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ سومر ٻرڙو جي رهواسين غلام شبير ٻرڙو، محمد اقبال موريجو، غلام اڪبر ٻرڙو، حافظ عزيزالله ڪٽوهر، دودو خان ڪٽوهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ۾ظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي .

ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  ڪجهه مهينا اڳ امير شاهه چوڪ تي فائرنگ دوران ٽن ڄڻن جي مارجي وڃڻ واري واقعي کان پوءِ ڪوٽڏيجي پوليس ۽ ٻرڙا برادري جي ماڻهن علائقي جي غريب مسڪين ماڻهن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي.

هنن چيو تھ با اثرن جو ڪوٽڏيجي پوليس جي مدد سان رهواسين جي گهرن تي چڙهايون ڪرڻ، گهرن مان ڦرلٽ ڪرڻ ۽ ٻڌ ڇوڙ وارو سلسلو جاري آهي.

 هنن وڌيڪ چيو تھ  ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي ايس ايڇ او اڪبر کوکر ۽ ٻرڙا برادري جي ماڻهن ربن ٻرڙو، حاجي ٻرڙو، نديم  ۽ ٻين ڳوٺ سومر ٻرڙو تي هٿيارن جي زور تي چڙهائي ڪري غلام شبير ٻرڙي جي ٽريڪٽر ٽرالي  ڪاهي ويا، جڏهن تھ لکين رپيا ڪيش بھ کڻي ويا آهن.

هنن آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجھ ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي تھ ڪوٽڏيجي پوليس ۽  ٻرڙا برادري جي ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪري ڦرلٽ ڪيل سامان جي واپسي ۽ ٿيل نقصان جو ازالو ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس خيرپور اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Sann: Road accidents, 5 injured in Indus Highway

نيوز: سن: انڊس هاءِ وي تي روڊ حادثو، 5 ڄڻا زخمي

سن ڀرسان انڊس هاءِ وي تي ٻن تيز رفتار ڪارن وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے