26 اربع , سيپٽمبر 2018

هاڻي روبوٽ ميز ۽ ڪُرسيون به ٺاهيندا: ماهر

بوسٽن(ويب ڊيسڪ) ميسا چيوسيٽن انسٽي ٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي(ايم آءِ ٽي )جي هڪ ماهر واڍن کي خطرن کان محفوظ رکڻ لاءِ ڪاٺ ڪٽڻ وارو ربوٽ ٺاهيو آهي، جيڪو نه رڳو حادثن کان بچائيندو آهي پر توهان جي خواهش موجب فرنيچر پڻ ڊيزائن ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. روبوٽ ماهر جيفري لپٽن کي اهڙو روبوٽ ٺاهڻ جو خيال اُن وقت آيو جڏهن هو جنڊي جو ڪم سکڻ لاءِ  هڪ جنڊي واري وٽ ويو ۽ اتي اهو واڍو حادثاتي طور تي پنهنجي آڱر ڪٽرائي ويٺو. ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي جيفري پنهنجي ٽيم جي مدد سان اهڙا روبوٽ ٺهيا آهن جيڪي ڪاٺ جي شيڊ، ميز ۽ ڪُرسي تيار ڪري سگهندا آهن. ان حوالي سان جيفري لپٽن چيو ته هن روبوٽ جو مقصد پاڻ مرادو ڪاٺ جي تختي جو ماپو ڪرڻ آهي ۽ ان کي احتياط سان ڪٽڻ آهي، هن جو سافٽ ويئر ڪيترن ئي نمونن  سان فرنيچر ڊيزائن ڪرڻ ۾ مدد پڻ فراهم ڪندو آهي. خاص طور تي پروگرام ڪيل روبوٽ پاڻ مرادو ڪاٺ جا ٽڪر ڪندو آهي ۽ انهن کي جوڙيندو آهي جنهن جي مدد سان توهان پنهنجي پسند جا فرنيچر ٺاهي سگهو ٿا جنهن جو سڄو ڪم روبوٽ سرانجام ڏيندو آهي.جيفري چيو ته ٻه روبوٽ ڪاٺ کڻڻ جو ڪم ڏيندا آهن ۽ جيڪڏهن توهان ڪاٺ کي مختلف طريقي سان ڪٽڻ چاهيو ٿا ته روبوٽ ان کي پڻ ممڪن بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، پر پوءِ توهان کي رڳو  نٽ بولٽ جا سوراخ هٿن سان ڪرڻا پوندا آهن پر هاڻي جيفري ڊرلنگ جي سموري عمل مڪمل طور تي خودڪار بڻائڻ لاءِ روبوٽڪ پاور ٽولز تي ڪم ڪري رهيو آهي. ايندڙ مرحلي ۾ روبوٽ کي ان قابل بڻايو ويندو جو هو ڪاٺ جا وڍيل ٽُڪرا پاڻ کڻي کين مضبوط ڪري هڪ حتمي شڪل بڻائي سگهي. جيفري پنهنجي ٽيم سان گڏ ٻن ميهنن بعد آءِ اي اي اي جي روبوٽن واري ڪانفرنس ۾ پنهنجو روبوٽ پيش ڪندو جنهن جي پهريان ئي تمام گهڻي ساراهه ڪئي وئي آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Most of the videos are watching videos on YouTube?

يوٽيوب تي واهپيدار سڀ کان وڌيڪ ڪهڙيون ويڊيوز ڏسي رهيا آهن؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) گوگل جي ويڊيو شيئرنگ سائيٽ يوٽيوب واهپيدارن لاءِ مواد دريافت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے