24 آچر , جون 2018

وڏا ڊيم نا منظور

                         ملڪ جو وڏو صوبو، وڏا ڊيم ٺاهڻ جي هوڏ تي قائم رهندي، پاڻي ذخيرن بابت نئين پاليسي ترتيب ڏئي ان تي عمل ڪرڻ لاءِ اتفاق راءِ لاءِ لاڳاپيل صوبن سان صلاح ۽ مشوري ڪرڻ جي رٿ به شامل ڪئي آهي. رٿا کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ صوبن سان صلاح مشورو ڪري سي سي آءِ ۾ اتفاق پيدا ڪيو ويندو. باوجود ان ڳالهه جي ته وڏن ڊيمن ٺهڻ سان متاثر ٿيندڙ ٽن صوبن ٽن کان وڌيڪ ڀيرا وڏن ڊيمن جي اڏاوت خلاف اسيمبلين مان ٺهراءَ پاس ڪري پنهنجي راءِ ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

پاڻي جي ورڇ جي حوالي سان وڏي صوبي جي ننڍن صوبن سان ٿيندڙ ناانصافي جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي سڀ کان پهرين 1945ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرڻ کان نابري واريندي وفاق جي نالي ۾ وڏي صوبي ننڍن صوبن جي پاڻي تي قبضو ڪرڻ لاءِ اڳ ئي ڪيترائي ڊيم ۽ ڪئنال تعمير ڪرائي سنڌو درياهه جو ڄڻ ته رخ ئي پاڻ ڏانهن ڪري ڇڏيو آهي. مٿان اهو چوڻ يا راءِ رکڻ ته پاڻي زيان ٿي رهيو آهي.

سنڌو درياهه تي بند ٻڌي، پاڻيءَ تي پنهنجي مرضي موجب هلائڻ لاءِ وڏي صوبي ننڍن صوبن جي حقن جي اڳ ئي وڏي لتاڙ ڪئي آهي. ڇاڪاڻ جو سنڌو درياهه جي پاڻي جي گهربل مقدار جو ڇوڙ سمنڊ ۾ نه ٿيڻ سبب، سمنڊ، سنڌ جون زرخيز زمينون ۽ انڊس ڊيلٽا کي ڳڙڪائيندو مسلسل مٿي ڪاهيندو رهيو آهي. وڏي صوبي جيتري زمين پنهنجي آباد ڪئي آهي ان کان ٻيڻي ۽ ٽيڻي زمين سنڌ جي زرخيز ۽ آباد زمين کي غيرآباد ڪيو آهي.

سنڌو درياهه تي قانوني، مذهبي توڙي آئيني طرح سنڌ جو حق آهي، پر وفاق جو حصو هجڻ سبب ٻين صوبن وچ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ واري فارمولي تي عمل ڪري رهي آهي، سڀ کان اول ته وڏي صوبي جي هُشي ۽ پٺڀرائي تي ارسا جو ادارو پاڻي واري ٺاهه تي مڪمل طور تي عمل ڪرڻ کان انڪاري رهيو آهي. بجلي جي کوٽ جو بهانو بڻائي واپڊا جو هاٿي وڏن ڊيمن جو رينگٽ مسلسل جاري رکيون پيو اچي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ وفاق جي مفادن ۾ ناهي، ننڍن صوبن کي وفاق ۽ وڏي صوبي کان ڪيتريون ئي شڪايتون آهن جن جو ڪو به ازالو نه ٿو ڪيو وڃي.

1945ع وارو پاڻي ٺاهه رد ڪري نئون پاڻي ٺاهه 1991ع ۾ هڪ جڙتو/ڊمي سرڪار کان منظور ڪرايو ويو جيڪو سنڌ سميت ننڍن صوبن کي قبول ناهي رهيو ۽ ان 1991ع واري تڪراري پاڻي ٺاهه تي به مڪمل عمل ناهي ڪيو ويو، آدم شماري ۾ اٽڪلون ڪرڻ، اين ايف سي ايوارڊ مهل تي جاري نه ڪرڻ ۽ چونڊيل حڪومت جي دور ۾ پارليامينٽ پاران ڪيل ترميمن تي عمل نه ڪرڻ عدليا ۽ عسڪري ادارن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان کي نظرانداز ڪرڻ، ننڍن صوبن جي مرضيءَ کان سواءِ ٻاهرين ماڻهن جي آبادڪاري ڪرڻ وارن اعتراضن تي وفاق ۽ وڏو صوبو ڌيان ڏيڻ لاءِ ناڪاري رويو اختيار ڪري انهن کي اهميت جوڳو نه سمجهڻ واري روش رکڻ سان، ننڍا صوبا وڏي صوبي جي ڪنهن به اهڙي رٿا کي پنهنجي لاءِ نقصانڪار ڄاڻن ٿا، ڇاڪاڻ جو 70 سالن کان وٺي وڏو صوبو پنهنجي مرضي ۽ حاڪميت قائم رکڻ لاءِ ننڍن صوبن جي مفادن خلاف مسلسل رٿابندي ڪندي نظر آيو آهي.

اڄ جي صورتحال ۾ وڏا ڊيم ٺاهڻ ڪنهن به ريت ملڪ، عوام ۽ ماحوليات لاءِ فائدو ڏيندڙ نه ٿا ٿي سگهن. دنيا ۾ وڏن ڊيمن ٺاهڻ جي نقصانن جي ڪري ماهرن وڏا ڊيم ٺاهڻ جي مخالفت ڪندي ڄاڻايو آهي ته ماحول کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ وڏن ڊيمن جي اڏاوت کان پاسو ڪيو وڃي. درياهن جي عالمي قانون توڙي ملڪي پاڻي ٺاهن تي عمل نه ڪرڻ سبب ننڍن صوبن کي وڌيڪ نقصان جا انديشا ۽ خدشا آهن، جيڪي هر صورت ۾ حل طلب آهن.

سنڌو درياهه ۾ سنڌ لاءِ پاڻي ختم هجڻ وارو تاثر ڏئي وڏو صوبو ڪهڙو نياپو ڏيڻ ٿو چاهي ۽ 10 مارچ کان پوءِ واري بنديءَ جو خدشو ظاهر ڪري رهيو آهي. ڇا 70 سالن جي عرصي ۾ پاڻي ٺاهه تي ان جي روح ۽ مزاج مطابق عمل ڪيو ويو آهي. ڇا سنڌو درياهه جو پاڻي مقرر مقدار ۾ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري سمنڊ جي چاڙهه کي روڪي، سامونڊي پٽيءَ جي زرخيز زمين کي سم، ڪلر ۽ لوڻياٺ کان بچايو ويو آهي؟. سامونڊي ۽ درياهي پاڻي کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ڪي ڪارائتا ۽ وقتائتا اپاءَ ورتا ويا آهن؟. ڇا ملڪ جي آئين تي مڪمل طور تي وڏو صوبو عمل ڪري رهيو آهي؟.

جيڪڏهن وڏو صوبو وفاق جي نالي ۾ ننڍن صوبن جي آئيني ۽ انساني توڙي مذهبي حقن جو تحفظ ناهي ڪري سگهيو ۽ ننڍن صوبن سان ڪيل واعدا نڀائي ناهي سگهيو ته ايندڙ وقت ۾ ڪهڙي پڪ هوندي ۽ ڪير اهڙي پڪ ڏياريندو. ڇاڪاڻ جو آئيني گارنٽي کان وڌيڪ ٻي ڪا به گارنٽي ناهي هوندي، جيڪڏهن وفاق وڏي صوبي جي مرضي موجب ننڍن صوبن جي حقن جو تحفظ نٿو ڪري سگهي ته ان جي اصل ۾ معنيٰ ڪهڙي آهي ۽ اهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ ڪنهن جي مفادن ۾ آهي.

اسان جي تجويز هوندي ته سڀ کان اول 1945ع واري پاڻي ٺاهه کي بحال ڪري پاڻي جي ورڇ ڪئي وڃي ۽ ارسا جي آئيني طرح نئين جوڙجڪ ڪري چئني صوبن کي برابري جي بنياد تي نمائندگي ڏني وڃي ۽ ننڍن صوبن جي سمورن مسئلن، تڪرارن، اعتراضن ۽ مطالبن ۽ خدشن تي جوڳو ڌيان ڏئي انهن جي آئيني طرح نبيري لاءِ تڪڙا اپاءَ ورتا وڃن ۽ وڏن ڊيمن ٺاهڻ واريءَ هوڏ تان لهي. ملڪ ۽ عوام سميت صوبن جي مفادن جي نگهباني ۽ تحفظ جو عملي مظاهرو ڪري ننڍن صوبن جي وڃايل اعتماد کي بحال ڪيو وڃي ۽ اهڙين رٿائن کي آخري شڪل ڏيڻ کان اڳ ننڍن صوبن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي ۽ انهن جي گڏيل رضامنديءَ کان پوءِ ئي ڪو فيصلو ڪيو وڃي جيڪو چئني صوبن جي مفادن جي نگهباني ڪندڙ هجي ۽ جنهن کي آئيني تحفظ به حاصل رهي. هڪ طرفا فيصلا ڪرڻ کان وڏي صوبي کي هر صورت ۾ پاسو ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو هي ملڪ چئن ٿنڀن مٿان تعمير ڪيو ويو آهي ۽ ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ ڊگهي ڄمار لاءِ ضروري آهي ته ملڪ جي چئني ٿنڀن تي هڪ جيترو ڌيان ڏئي مضبوط وڃي.

هڪ ٿنڀي کي سگهارو ڪري ٽن ٿنڀن کي ڪمزور ڪرڻ جو نتيجو انتهائي خراب نڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ جو ڪا به عمارت پنهنجو توازن وڃائڻ ڪري ڪنهن وقت به ڪنهن به پاسي ڊاهه کائي سگهي ٿي. اڄ ملڪ جي آئين تي عمل ڪرڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ ذميواري به وڏي صوبي جي آهي ته هو پاڻ ڪس کائي ننڍن صوبن کي راضي ڪرڻ لاءِ پنهنجو پاڻ ملهائي.

ڇنڇر 3 مارچ  2018ع، 14 جمادي الثاني 1439 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

عام چونڊون ۽ عام ماڻهوءَ جا درد

25 جولاءِ تي رٿيل عامُ چونڊن لاءِ ڏينهون ڏينهن ميدان مچندو پيو وڃي، ڪالهه اميدوارن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے