18 سومر , جون 2018

سنڌ جي سونهن جو تحفظ ٿيڻ گهرجي

ڪارونجهر جا جيتوڻيڪ ڪيترائي حوالا آهن، هن جبل جي پٿر جو ملهه دنيا ۾ ڇا آهي ۽ هن پهاڙي سلسلي جي تهه ۾ ڪيترا خزانا لڪيل آهن. ان حوالي کي ڇڏي سنڌ ۾ هن جبل جو اهم حوالو سندس سونهن آهي ۽ ان کان به اهم حوالو مورن جا اهي ٽهوڪا آهن جيڪي ڀنڀرڪي ويل ڪارونجهر جي ڪور تان ٻڌبا آهن.

سنڌي لوڪ ادب کان وٺي اڄ جي جديد ادب تائين خاص طور سنڌي شاعري ۾ ڪارونجهر جو اهم حوالو مورن جا ٽهوڪا ئي آهن ۽ انهن جي سونهن ئي آهي جيڪا موهيندي رهي آهي ۽ مختلف اظهار ماڻيندي رهي آهي.

اهو به الميو آهي ته ڪارونجهر سان گڏ سندس اهم سڃاڻپ يا سونهن الڳ وقتن تي الڳ الڳ سبب ڪري مرندي رهي آهي، جن کي ٿر جا ماڻهو بيماريون سمجهي رضا تي  راضي رهندا آيا آهن، ڇاڪاڻ ته ٿرين جو مزاج به مجموعي سنڌين جي مزاج وارو آهي ۽ سنڌي سدائين رضا تي راضي رهڻ واري قوم آهي، اها سک ۾ شڪر ڪرڻ واري ۽ ڏک ۾ صبر ڪرڻ واري قوم رهي آهي. جنهن ڪري هر حال ۾ زنده رهي آهي، توڻي جو ڪيئي طوفان مٿس آيا ۽ گذري ويا آهن.

اهو نه وسارڻ گهرجي ته ڪي زلزلا ۽ طوفان ۽ ٻوڏون فطرت/قدرت طرفان اينديون آهن. پر اهڙن ڪن عملن جا سبب هٿرادو هوندا آهن. ٿر ۽ ڪارونجهر جي اڄوڪي حالت قدرت پاران بنهه بڻايل نه آهي، اڄوڪيون حالتون هٿ وٺي ڪرايون يا ڪيون ويون آهن.

ٿر ۾ هرڻن، روجهن، تترن ۽ مورن جو هيءُ مرڻ، مرڻ نه آهي، اهو مارڻ آهي، انهن لاءِ جيڪو ماحول تنگ ڪيو ويو آهي، اهو ئي سندن موت جو سبب بڻجي رهيو آهي.

ٿر ۽ ٿرين جي ترقيءَ جي نالي ۾ سرمائيدار دنيا پاران جيڪا والار ڪئي پئي وڃي ۽ ان والار هيٺ آيل علائقن ۾ جيڪو زهريلو ماحول جڙي رهيو آهي، اهو بنيادي طور ٿر جي سونهن بڻيل پکين ۽ جانورن جي موت جو سبب به بڻجڻو آهي، جنهن جي شروعات مختلف بيمارين ڦهلجڻ جي صورت ۾ ٿي چڪي آهي. جنهن جا نتيجا اڳتي هلي نه صرف ٿر پر سموري سنڌ کي ڀوڳڻا پوندا.

شايد سنڌ ۽ ملڪ جي سرڪار تڏهن سجاڳ ٿيندي جڏهن ماڻهو مرڻ شروع ڪندا. اڄ جڏهن اهڙين حالتن اچڻ کان اڳ ئي ٿر سميت سموري سنڌ پڪاري رهي آهي ته ٿر جي ماحول کي نه بگاڙيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اها بگاڙ اڳتي هلي گهڻو نقصان ڏيندي، تڏهن سرڪارون ڪو به ڌيان نه ڏئي رهيون آهن. جڏهن سڀ ڪجهه ٿي گذرندو تڏهن سرڪارون بيان جاري ڪنديون ته اسان کي افسوس آهي.

سمجهڻ گهرجي ته افسوس کان احتياط بهتر آهي، ان ڪري سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار اڳتي هلي افسوس جو اظهار ڪري ان کان بهتر آهي ته اهي اهڙي وقت اچڻ کان اڳ ئي احتياط اختيار ڪندي ٿر جي سونهن بڻيل پکين، جانورن، وڻن ۽ گڏوگڏ ماحول کي بچائڻ جي ڪوشش ڪن ۽ خدا جي خلق جي آواز ڏانهن ڪن ڏيئي ان جا اپاءَ وٺن.

گگرال جي غيرقانوني واڍيءَ کان وٺي انهن سمورن غيرقانوني عملن کي روڪيو  وڃي، جيڪي ٿر لاءِ نقصانڪار آهن يا ٿي رهيا آهن.

خاص طور سنڌ سرڪار کي، ٿر بابت ايندڙ آواز کي ڪنائڻ گهرجي، نه رڳو ڪنائڻ گهرجي پر ان روشنيءَ ۾ ڪي خاص اپاءَ پڻ وٺي، ڇاڪاڻ ته اپائن وٺڻ کانسواءِ ٿر کي ان جي سونهن کي ۽ ماڻهن کي تحفظ نه ملي سگهندو.

جيڪڏهن ٿر کي تحفظ ملي نه سگهندو ته سمجهڻ گهرجي ته سنڌ کي تحفظ نه ملي سگهندو. اهو به سمجهڻ گهرجي ته سنڌ معنيٰ سنڌي ماڻهو، سنڌي ماڻهن جي هر تڪليف جو ازالو سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار وٽ آهي پر اسان جي گهُر سنڌ سرڪار  کان اول آهي ته اها سموري سنڌ، سنڌي ماڻهن سان گڏ ٿر جي ماڻهن، ماحول ۽ ٿر جي سونهن جو تحفظ يقيني بڻائي.

جمعو 2 مارچ  2018ع، 13 جمادي الثاني 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ يقيني ٿيڻ گهرجي

ميڊيائي اطلاع آهن ته ملڪ جي درياهن ۽ ڊيمن جي وهڪرن ۾ بهتريءَ باوجود سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے