24 آچر , جون 2018

رنگن جو هُڳاءُ ڏيندڙ ڏينهن

هوليءَ جي ڏينهن جي ڌرمي اهميت ۽ سڃاڻپ ڀل ڪهڙي به هجي پر هيءُ ڏينهن اهڙو آهي جيڪو بهار جي آمد جي علامت ۽ رنگن جي بهار آڻيندڙ ڏينهن ڪري مڃيو ويو آهي، هن ڏينهن سان بهار جي رت اچڻ شروع ڪندي آهي ۽ فطرت جا سمورا رنگ ڌرتيءَ تي ظاهر ٿيڻ لڳندا آهن، جن جو اظهار انهن رنگن ۾ ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جيڪي اسان جا هندو ڀائر استعمال ۾ آڻيندا آهن، جن کي هو ڌرمي طور هوليءَ جو ڏينهن چوندا آهن.

جيتوڻيڪ هيءُ ڏينهن سنڌ ۾ مذهب ۽ ڌرم کان وڌيڪ پنهنجي هڪ تهذيبي سڃاڻپ به رکي ٿو، اهڙي تهذيب جيڪا خوشحال رهي هجي، جنهن تهذيب جو واسطو گهڻ رخو هجي، هيءُ مند ڪڻڪ جي پچڻ جي مند ه وندي آهي ۽ ڪڻڪ ئي اهو پهريون کاڌو آهي، جنهن تي انسان جي جيئري رهڻ جو دارومدار آهي.

ان ڪري به هن ڏينهن جي اهميت انسان جي ارتقائي تاريخ ۾ اهم ڏينهن واري آهي جو هن ڏينهن اچڻ کان پوءِ معاشي سڪار ايندو آهي، فصلن جي لهڻ جي مند ايندي آهي، جيڪا انسان ذات لاءِ گهڻائي خوش ٿيڻ جا سبب کڻي ايندي آهي ۽ خوشي انسان کي سدائين تازو توانو رکندي آهي،

اها ٻي ڳالهه آهي ته هر انسان گروهه، نسل، قوم ۽ مذهب توڻي ڌرم وٽ ان خوشيءَ جي اظهار جا طريقا الڳ الڳ رهيا آهن، جن مان هڪ طريقو هوليءَ جو پڻ آهي. جنهن اڳتي هلي ڌرمي روپ اختيار ڪيو آهي.

هيءُ ڏينهن اسان سنڌين لاءِ هڪ ثقافتي تهذيبي ڏينهن هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته اسان رنگن کي پسند ڪندڙ قوم آهيون ۽ رنگ زندگيءَ ۾ خوشيءَ جي علامت هوندا آهن، ان ڪري اسان سڀ ان ڏينهن کي خوشيءَ جو ڏينهن سمجهندا آهيون اسان جا جيڪي ڀائر ان کي ڌرم جو حصو مڃين ٿا انهن کي سندن ڌرمي ڏڻ لاءِ گهڻيون گهڻيون واڌايون ۽ مجموعي سنڌين کي هن سڀاڳي رنگن آڻيندڙ ڏينهن جون واڌايون.

جمعو 2 مارچ  2018ع، 13 جمادي الثاني 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊن کان اڳ ڪامور ا شاهيءَ جون وڏي پئماني تي ٿيل بدليون

سرڪاري ملازم لاءِ اصول ته اهو هوندو آهي ته اهو شخصيتن جي تابع ٿيڻ بدران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے