24 سومر , سيپٽمبر 2018

سهائي علي ابڙو “موٽرسائيڪل گرل” بڻجي وئي

پاڪستاني اداڪاره سهائي علي ابڙو جلد ئي اسڪرين تي هڪ اهڙي نوجوان ڇوڪريءَ جي روپ ۾ نظر ايندي جيڪا پراڻين روايتن کي ٽوڙيندي ننڍي عمر ۾ موٽرسائيڪل تي ڏکيو سفر ڪري ٿي. سهائي علي ابڙو جي فلم “موٽرسائيڪل گرل” هلندڙ سال 20 اپريل تي رليز ٿيندي جنهن جون تصويرون منظرعام تي اچي چڪيون آهن. فلم “موٽرسائيڪل گرل” جي ڪهاڻي 20 سال پراڻي پاڪستاني ڇوڪري زينت عرفان جي زندگي تي جڙيل آهي، جيڪا پهرين عورت هئي جنهن ننڍي عمر ۾ پاڪستان جي جابلو علائقن جو موٽرسائيڪل تي سفر ڪيو هو. زينت عرفان جي انهيءَ بهادري تي هدايتڪار عدنان سرور 2017ع ۾ فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو، فلم جي مک ڪردار لاءِ سهائي علي ابڙو کي چونڊيو ويو هو. ان حوالي سان سهائي علي ابڙو جو چوڻ آهي ته فلم ۾ زينت جو ڪردار ادا ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ڇو ته مون سدائين عورتن کي باصلاحيت ۽ بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪم ڪيو آهي.

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليلا خالد: تاريخ جو بهادر ڪردار:حميده گهانگهرو

اها چوڻي مشهور آهي ته عورت نفيس، نازڪ، ڪمزور دل ۽ هيڻي هوندي آهي، اهو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے