18 سومر , جون 2018

گرلس ڊگري ڪاليج ڪوٽڙيءَ ۾ بهار جي رنگن جي خوشبو :حميده ميربحر

ڪوٽڙي گرلس ڪاليج جي اڱڻ تي بهار جي رنگن جا سُهڻا ۽ مَن مُهڻا چِٽَ چِٽَڻ لاءِ فيبروري ٽيويهه تي پنهنجي مهربان پرنسپال ميڊم سڪينه عباسيءَ جي شفقت هيٺ ڪاليج جون محنتي شاگردياڻيون پنهنجي مهربان استادياڻين سان اچي گڏ ٿيون ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي چو طرف بهارجا سڀئي رنگ پنهنجي خوشبوءِ سميت  چٽبا پئي ويا.جنهن طرف نظر پئي وئي ته اتي  اکين ۾ پيهي ويندڙمنظر ۽ حواسن تي ڇائجي ويندڙ گلن جي هُٻڪار پوري ماحول ۾ طِلسم پيدا ڪري ڇڏيو هُيو ۽ رنگ برنگي گلن سان آرٽ جا اهڙا ته سُهڻا نمونا ٺاهيا ويا جو لڳي ايئن پيو ته ڪنهن گلن جي نمائش ۾ پڄي ويا آهيون. اهي سڀ آرٽ جا نمونا ٺاهڻ لاءِ ڪٿي  پراڻا ۽ استعمال ٿيل گاڏين جا ٽائر ڪم آندا ويا ته وري ڪٿي ننڍڙن وڏڙن پٿرن کي مختلف رنگ ڏئي ٺاهي جوڙي گلن جي بيهڪ ئي مٽائي وئي. ڪٿي پينگھ ٻڌي وئي ته وري ڪٿي رنگ برنگي ڦوڪڻا پئي هوا ۾ لڏيا.

پري کان ڪنڊ ۾ هڪ قاز پاڻي پيئڻ لاءِ آتو پئي لڳو ته وري انجي ڀرسان پاڻيءَ جو دُٻو به ٺاهيو ويو. ڪٿي زمين تي گلن جي ڪُونڊين سان تارو ٺاهيو ويو ته ڪٿي وري چنڊ. ڪٿي ايمان، اتحاد ۽ نظم پئي نظر آيو ته ڪٿي کڏ کوڏي نوان وڻ ۽ ٻوُ ٽا پئي پوکيا ويا. اهو سڄو سارو مانڊاڻ مچائڻ ۾  ڪاليج جي ٻوٽا پوکڻ واري ڪميٽي  ۽ گرين ڪلب ڪميٽي جون ميمبر استادياڻين   شاگردياڻين جو گڏيل سهڪار هيو. جنهن ۾ ميڊم ارم شاه، ميڊم فرزانه نثار، ميڊم سميره قريشي ميڊم سڪينه سومرو ميڊم ڪرن شاهه شيرازي ميڊم زمرد ۽ حميده ميربحر سان گڏ ميڊم عابده علي  شامل هيون نه صرف اهي پر انهن سان گڏ قدم قدم تي پوري ڪاليج جي سڀني سينيئر توڙي جونيئر ساٿياڻين جون ساٿ هيو. جن ۾ خاص طور تي ميڊم سڪينه قاضي ميڊم بلقيس حبيب صديقي ميڊم ريحانه ڀٽي سان گڏ ميڊم افشين نومان ميڊم رخشنده شاهه ميڊم ساحره هجي ميڊم شمشاد يا عائشه ارم  ڪنهن ڪنهن جا نالا ڳڻائجن سڀني پنهنجي پنهنجي طريقي سان پنهنجو ڪردار نڀايو.

تقريب جو افتتاح ڪاليج جي مانواري پرنسپل ميڊم سڪينه عباسي صاحبه پنهنجي هٿن سان ٻوٽو پوکي ڪيو جنهن ۾ سندن ساٿ سينيئر موسٽ پروفيسر ميڊم بلقيس حبيب صديقي ۽ ميڊم شاهين ،ميڊم شيرين سومرو ڏنو. ڪيڪ ڪٽڻ مهل  وري  وائيس پرنسپل ميڊم سڪينه قاضي ساڻن گڏ هيون. اهڙيءَ طرح پروگرام کي اڳتي وڌائيندي اسٽيج جون زميداريون حميده ميربحر سنڀاليون ۽ تلاوڪلام پاڪ سان گڏ نعت شريف ڪلاس انٽر جي شاگردياڻين پڙهي ۽ پوءِ ماحولي گدلاڻ تي ٽيبلو پيش ڪرڻ لاءِ ڪلاس فرسٽيئر بي جو شاگردياڻيون آيون ان سان گڏ سنڌي اردو گانن جو هڪرو ميش اپ پيش ڪرڻ لاءِ ميڊم عظما حسين جون تيار ڪيل ڪلاس انٽر جي شاگردياڻين ٻڌندڙن کي  پاڻ سان گڏ جھومائي ڇڏيو.

ان کان پوءِ هڪ سرپرائز آئٽم( انگريزي ڊرامو دي هوسٽائيل وٽنيس) جو اعلان ڪيو ويو جيڪوڪلاس فرسٽيئر بِي جي شاگردياڻين جي طرفان هيو  جنهن جي ڊئريڪشن سندن ئي انگريزي جي استاد حميده ميربحر ڏئي رهي هئي. واضع ڪندو هلجي ته ڪوٽڙي ڪاليج ۾ ان کان اڳ ڪڏهن به انگريزي ڊرامو اسٽيج نه ڪيو ويو هيو اهو پنهنجي پر ۾ هڪ تاريخ رقم ڪندڙ گھڙي هئي ته هتان جون شاگردياڻيون انگريزي درامو اسٽيج تي  ڪرڻ وڃي رهيون آهن.  تمام بهترين پرفارمس ڏيکاريندي سڀني ڏسندڙن جو دليون کٽيندي ڪلاس فرسٽيئر بِي تمام گھڻو داد حاصل ڪيو. اهڙيءَ طرح رنگن خوشين ۽ خوشبوءِ سان ڀريل ان محفل جي پڄاڻي ٿي. جنهن ۾ ايندڙ وقت ۾ به پنهنجي ماحول کي سر سبز ۽ سائو رکڻ جي وچن سان گڏ پنهنجي گهر روانو ٿيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀني سان سٺا پير ڀريندڙ تاج جويي جو هڪ اتساهه پاسو

رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ آڳاٽي چوڻي آهي، شايد مُهاورو آهي ”پنهنجن سان  سٺا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے