23 ڇنڇر , جون 2018

مُھذب ڪير آھي؟:مٺل جسڪاڻي

سڀ کان پھرين سڀني مانوارن پڙهندڙن سان، ان کان پوءِ ھر ھڪ، منھنجو مطلب آهي ته ھر مرد خواہ زائفان ڊاڪٽر توڙي ھر مذڪر توڙي مونث مڇر، وڪيل ۽ دانشور سان معذرت ۽ عرض ته منهنجي لکڻ جو مطلب، مقصد، ڪير به ذاتي طور تي، پنھنجي پاڻ تي تنقيد، طنز، چرچو، حملو نه سمجھي. ڇاڪاڻ ته نيتن آئون اھڙو ڪجھه به نه پيو لکان، جنھن سان ڪنهن کي ڪو رنج پهچي، ڏک ٿئي، صدمو پهچي، ڪاوڙ اچي، ته ردعمل ۾ پاڻ سان دشمني پرايان. ڇو ته دشمني ۾، ذاتي طور مون ڪڏھن به نه پرايو آھي. ڇاڪاڻ ته دشمني جو ڪو به گُر، آئون اڃان تائين سکي نه سگھيو آھيان. ان ڪري ئي مون کي وڙھڻ ٺپ نه ايندو آھي.

ھي ته بس، اوچتو مون کي ھڪ مونجھارو ٿي پيو آھي. ان کي سمجھڻ جي لاءِ، ھڪ مختصر سوال جو بلڪل چٽو جواب معلوم ڪرڻ لاءِ لکان پيو، لکان به نه، پڇان پيو. اميد ته مون کي پنھنجي شاگردي ۾ قبولي، سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندا، ته آئون ڏينھن قيامت تائين، مون کي پنھنجي شاگردي ۾ قبوليندڙ سونھي ۽ محترم استاد جو، سندس اھل و ايال سميت دعاڳو رھندس، ته جيئن ھو حياتي ۾ ڏھه، مُئي پڄاڻان ستر ماڻي، بھشت جا مزا ماڻي.

مون کي مونجھارو اھو آھي ته ڊاڪٽر سُئي ھڻي ٿو ۽ مڇر سُئي وانگر چڪ پائي ٿو يا خبر نه آهي ته اهو به چڪ هڻي ٿو. ڊاڪٽر سُئي ھڻڻ کان اڳ، اڳي اسپرٽ، پوءِ سئالين، پوءِ ڊيٽول ۽ ھاڻي خبر نه آھي ته ڇا، سُئي کي مَکي، پوءِ سُئي ھڻندا آھن. جنھن به ڊاڪٽر يا ان جي ڪمپائونڊر جو ھٿ ھلڪو ھوندو آھي، ان جي سئي لڳڻ سان به مڇر جي سُئي وانگر سُور ٿيندو آھي. جڏھن ته منھنجو اندازو اھو آھي، ته ڪنھن به ڊاڪٽر وانگر، مڇر کي في ملڻ جو ڪو به آسرو اميد نه ھوندو آھي. ان ڪري ھو، يعني مڇر ته بنا سوچڻ سمجھڻ جي، ھر چڱي ڀلي، صحتمند توڙي بيمار، ھر ساھواري کي، بنا ٻڌائڻ جي، ھوشيار ۽ خبردار ڪرڻ کانسواءِ، سُئي ھڻي ڇڏيندو آھي.

مون کي مونجھارو ڪو گھڻو منجھائيندڙ نه آھي، پر ڇاھي ته، مون کي جو سمجھه ۾ نه پيو اچي، ان ڪري سکڻ ۽ سمجھڻ لاءِ، پڇڻ جي همٿ ته ڪريان پيو، پر خبر نه آھي ته منھنجي رھنمائي ڪئي ويندي، يا جيئن وڪيل صاحبان، ھار جيت جي پڪ کانسواءِ، پھرين في وٺي، پوءِ ڪيس وڙھڻ لاءِ مشورا ڏيندا آھن. ڪٿي مون کي به ڪو ڊاڪٽر يا مڇر جواب ڏيندو يا ڪنھن ڏاھي دانشور وٽان دانشمنداڻي سمجھاڻي ملندي، ته ڊاڪٽر ۽ مڇر مان وڌيڪ مھذب ڪير آھي؟

مون کي جيڪڏھن اھا ڳالھه سمجھه ۾ اچي وئي، ته پوءِ پڪ سان، ڪنھن کان به پڇڻ کان سواءِ، آئون اھو به سمجھي ويندس، ته ڊاڪٽر، مڇر، وڪيل ۽ دانشور يا مان، اسان سڀني مان ڪير يا ترتيبوار ڪير ڪير گھڻو وڌيڪ ۽ ڪير ڪير ٿورو گھٽ مھذب آھي؟

اميد ته انسانن، حيوانن ۽ وڻن ٻوٽن جي ڊاڪٽرن سميت ڪو به ڊاڪٽر، ڪو به مڇر، ڪو به وڪيل يا ڪو به دانشور، ذاتي طور تي، منهنجي هن سوال کي، پاڻ سان ڪو چرچو، ڪا تنقيد، ڪو ڀوڳ، ڪا طنز محسوس نه ڪندو. ڇو ته نيتن منهنجو اهڙو ڪو ارادو، ڪو منصوبو نه آهي، مون کي ته اڄ به اوچتو ئي اوچتو ”پُڇڻان نه مُنجھڻان“، ”پُڇن سي پسن“، ”لوچين سي لھن“ وارا سڦل سبق ياد اچي ويا آھن! ان ڪري صرف سمجهڻ لاءِ ئي مون سوال ڪيو آهي، اميد ته مثبت جواب ملندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀني سان سٺا پير ڀريندڙ تاج جويي جو هڪ اتساهه پاسو

رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ آڳاٽي چوڻي آهي، شايد مُهاورو آهي ”پنهنجن سان  سٺا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے