24 آچر , جون 2018

سامونڊي جهازن جي حادثن جو داستان موج نه سهي مڪڙي:رکيل مورائي

موج نه سهي مڪڙي اسان جي ان ليکڪ جو ڪتاب آهي، جنهن لا اهو چوڻ ٺيڪ ٿيندو ته هو سدائين سفر ۾ رهيو آهي. هاڻ جڏهن هو پنهنجي ڊگهن سفرن واري نوڪريءَ مان آجو ٿي آرام ڪرڻ چاهي ٿو، تڏهن به کيس سک سان سمهڻ نٿو ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته دنيا هُن جي تجرين مان سکڻ چاهي ٿي جنهن ڪري هو اڄ به مختلف اڪيڊمين ۾ ليڪچر ڏيڻ جي سانگي ڪڏهن ڪٿي آهي ته ڪڏهن ڪٿي آهي

هُو ڪنهن وقت ڪٿي هوندو آهي ۽ ڪنهن وقت ڪٿي هوندو شايد اها خبر کيس به نه آهي. اها خبر هاڻ ڪتاب ايندو آهي ته خبر پوندي آهي ته هو گذريل ڏينهن / مهينن ۾ ڪٿي هُئو.

اڄ جڏهن سنڌي ادب نهايت تيزيءَ سان ڪتابي صورت ۾ اچي رهيو آهي ۽ ان جو وڏو حصو اهڙو اچي رهيو آهي، جيڪو ليکڪ خود به ان وقت ئي آخري ڀيرو  پڙهيو هوندو جنهن وقت اهو ادب تخليق ڪري رهيو هوندو، تڏهن به ادب کي عبادت جو درجو ڏيندو رهيو آهي، ۽ سچ به اهو ئي آهي ته ادب جيڪڏهن سچ پچ اهو داب ئي آهي ته اهو مقدس درجو رکي ٿو ۽ ان معرفت ئي هن سنڌي ادب ۾ جيڪو مرتبو حاصل ڪيو آهي. اهو فلحال سنڌ ۾اڪيلوئي مثال آهي ۽ ان مثال جو حوالو آهي الطاف شيخ.

موج نه سهي مڪڙي. الطاف شيخ صاحب جو ڪتاب آهي. هيءَ ڪتاب جڏهن پهريون ڀيرو ڇپيو هئو تڏهن به بيحد پيار ۽ تجسس سان پڙهيو ويو هُئو ۽ هاڻ جڏهن ان جو نئون ڇاپو ( جنهن تي ٽيون ڇاپو لکيل آهي) آيو آهي، تڏهن به ايئن ئي پڙهيو ويندو، ڇو ته هن ڇاپي ۾ ڪافي واڌارا ۽ سڌارا ڪيل آهن.

هن ڪتاب ۾ ان جي نالي جيان حيرت ڏيندڙ ۽ ساڳئي وقت ڏک ڏيندڙ اهي واقعا آهن، جن ۾ ڪيترائي شخص اجل جو شڪار ٿيا.

هيءَ ڪتاب انهن سامونڊي جهازن سان آيل حادثن جو دستان آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي منزل تي نه پڄي سگهيا ۽ الڳ الڳ نموني جي سامونڊي حادثن جو شڪار ٿيا، هي واقعا پڪ سان الطاف شيخ جا نه رڳو ٻڌل هوندا پر ڪي واقعا سندس اکين ڏنل به هوندا ڇاڪاڻ ته هو سڄي ڄمار اڄ تائين سمونڊ ئي جهاڳيندو رهيو آهي. ان ڪري مونکي گمان آهي ته کيس شاهه سائين جي رسالي جو سُرسامونڊي وڌيڪ وڻندو هوندو.

ڪيئن به الطاف شيخ صاحب جو هيءُ ڪتاب پڙهندڙن لاءِ هڪ حيرت جو جهان کوليندڙ ڪتاب آهي. سمونڊ جو جهان جيڪو ڏاڍو وڏو آهي ۽ ان ۾ ٿيندڙ سامونڊي جهازن جا حادثا ڪيڏا خوفناڪ آهن، اهي سنڌي ماڻهن کان ڀل پري هجن پر گهڻن ماڻهن سمونڊ ۾ ٻڌل هڪ جڳ مشهور جهاز تي ٺهيل فلم ضرور ڏٺي هوندي، جنهن جهاز جو نالو آهي، ”ٽائيٽانڪ“ جنهن ايتري مشهوري ماڻي جو دنيا جي ڪيترين اليڪٽرانڪ ڪمپنين پنهنجا ڪيترائي برانڊ ان جي نالي سان متعارف ڪرايا ۽ جهجهو ناڻو ۽ نالو ڪمايو آهي.ڪيئن به هيءُ جهازن جو سمنڊن ۾ ٻڏڻ جو هڪ دل ڏڪائيندڙ واقعن جو داستان آهي. جيڪو داستان، جهاز رانن ۽ ان ۾ سفر ڪندڙن کي وڌيڪ ڏکائيندو هوندو، جڏهن سمنڊ جو حالتون بدليل هونديون.

ڪتاب ۾ موجود عملي ۽ سفر ڪندڙن جا داستان پڙهي، ڏندين آڱريون اچيو وڃن ٿيون، الطاف شيخ صاحب چواڻي اسان سندس ڪتابن ۾ سفرن جا شفي پاسا ۽ معلوماتي پسا ته پڙهيا آهن ۽ محسوس ڪيا آهن پر هن ڪتاب ۾ آيل واقعا ۽ داستان انهن جي ابتڙ آهن جنهن ڪري وڌيڪ ڇرڪائين ٿا.هن ڪتاب ۾ اهڙا ڏکئيندڙ ۽ پڙهڻ جهڙا واقعا انگ ۾ اٺاويهن داستانن جي صورت ۾ موجود آهن، جن ۾ ٻيءَ طرح ڪيترائي، ننڍا ننڍا داستان موجود آهن، جيڪي سڀ پڙهڻ جهڙا آهن ته رڳو پڙهڻ جهڙا آهن  پر سبق سکڻ جهڙا به آهن

ٻيءَ  طرح الطاف شيخ صاحب پنهنجي ڪتابن وسيلي جيڪو سنڌي نوجوانن کي دنيا جو ۽ دنيا جي شهرن توڻي سمنڊن جو علم ڏنو آهي ان لاءِ سنڌين جا ڪيترائي نسل سندس احسان ياد ڪندا، پڪ سان سندس هيءُ ڪتاب به اهڙو آهي، جيڪو پڙهندڙن کي گهڻي وقت تائين ياد رهندو جن مان هڪ مان به آهيان.

هن ڪتاب جي هن ٽيئن ڇاپي (جيڪو وڌايل ۽ سڌاريل آهي ) ۾ ٻه سئو ڇاونجاهه صفحا آهن ساڳئي وقت داستانن ۾ آيل ڪيترن ئي جهازن جا يادگار فوٽاپڻ ڏنا ويا آهن، جن مان ڪيرائي فوٽا ناياب آهن، فوٽن ڪتاب جي سونهن ۾ ۽ ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو آهي، پڪي جلد سان ڇپيل هن ڪتاب ۾ ٽي مهاڳي ليک پڻ شامل آهن جن جا لکندڙ آهن محترم تاجل بيوس، محترم نصير اعجاز ۽ محترمهتاب اڪبر راشدي. ڪتاب جو مُلهه ٽي سئو روپيا آهي، ڪتاب چپائيندڙ ادارو آهي، نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ ڪراچي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀني سان سٺا پير ڀريندڙ تاج جويي جو هڪ اتساهه پاسو

رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ آڳاٽي چوڻي آهي، شايد مُهاورو آهي ”پنهنجن سان  سٺا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے