24 آچر , جون 2018

نقاد پرم ابيچنداڻيءَ ڏانهن تنقيدي پهچ:واسديو موهي

عام رايو ائين ڦهليل آهي ته تنقيدي ڪارج تخليقي عمل جي بنسبت هيٺئين ڏاڪي تي آهي. اِهو وڏو ڀِرمُ آهي. تنقيدي رچنا منهنجي نظر ۾ ڪنهن به حالت ۾ تخليقيت کان دور ڪانهي، صرف اُنجي هئنڊلنگ گهربل ڍنگ سان ڪجي ته . تنقيد لاءِ وسيع اڀياس جي ضرورت رهي ٿي.  تنهن کانسواءِ نقاد پنهنجي تنقيد جي سلسلي ۾ ڪي نتيجا تاري ڪڍندو آهي جيڪي ادبي کيتر ۾ ڪِن ڌارڻائن کي قائم ڪندا آهن، اُهي ڌارڻائون اڳتي هلي ادب جا ماڻ به ٿي پونديون آهن، جِن کي، رچناڪار روشن مُنار جيان ڪتب آڻيندا آهن ۽ ڪا شاهڪار چيز رچي وٺندا آهن. نقادن جي اهميت کي ناڪارڻ پنهنجي ساهت کي رِورس گيئر ۾ هلائڻ جي برابر آهي. اسان سڀني کي ڄاڻ آهي ته رِوَرس گيئر جو اُپيوگ صرف محدود حالتن ۾ ڪيو ويندو آهي، ورنه ته واهڻ کي اڳتي وٺي ويندڙ گيئرن ۽ ائڪسيلريٽر جي ئي درڪار هوندي آهي. منهنجو اِهو پُختو عقيدو آهي ته پرم ابيچنداڻيءَ پنهنجي اڀياس ذريعي رچنائن جي ڪيترن اڻ ڇُهيل پاسن کي اُجاگر ڪيو ۽ اسانجي ادبي سُوجهه ٻُوجهه کي سٻر ڪيو.

پرم جو اِئين ته وهنواري تنقيد جو صرف هڪڙو ڪتاب “تڪ تور” (1994)  ئي آهي، حالانڪ پرم جا ٽي مضمونن جا ڪتاب به آهن جِن ۾ ادبي فلسفن جي وضاحت ڪندي هُنجي نقادي نظر به نظر اچِي ٿي وڃي، پر منهنجي اک خاص طور “تڪ تور” تي ئي هوندي. اُن اڪيلي ڪتاب ۾، پرم جيڪي تارڻ تاري ڪڍيا آهن سي سندس اڀياس جا روشن مِثال آهن . ها، ڪيترن هنڌ اسانجا هُن سان متڀيد ٿي سگهن ٿا، پر سراسري طور هُن جا نتيجا قبولڻ لائق آهن. هڪڙِي خوبي جا پرم جِي تنقيد ۾ صاف آهي ته ڪنهن به رچنا تي ڳالهائيندي هو پنهنجو رايو بيباڪيءَ سان ڏئي ٿو، اُن وقت وابسته ليکڪ جي ساهتڪ وقار کان هو اثرانداز نٿو ٿئي، هُنکي جيڪِي چوڻو آهي، سو هوويڙهيل سيڙهيل لفظن ۾ نٿو لکي، بلڪ ڪِرسٽل لفظن ۾ چئي ڏئي ٿو. ان لاءِ پُختي آتم وشواس جي ضرورت هوندي آهي، جيڪو پرم ۾ ڀرپور هو.

“تڪ تور” ۾ جن ڪتابن يا رچنائن / مقالن جي پرم ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي، اُهي پنهنجي ليکي ئي سنڌي ساهت جي اهم ليکڪن جا لکيل آهن، “ تڪ تور” کي اِئين مخصوص اهميت پهرئين قدم تي ئي حاصل ٿِي ٿِي وڃي. جئن، ڪتاب جو شروعاتي تبصرو اَنند کيماڻيءَ جِي 1965 جِي بهترين ڪهاڻي “ٽُڪرا ٽُڪرا” تي آهي. پرم مڃي ٿو ته ماحولياتي (milieu) حالتن جو اثر پهرين ليکڪ تي پوي ٿو ۽ پوءِ ساهت تي. پرم جي اِها جاچنا صحيح آهي ۽ اهڙِي ئي صحيح جاچنا هو اَنند جي ڪهاڻيءَ لاءِ به ڏئي ٿو ته اَنند کي وشيه کي نباهڻ جي پُختائي آهي، ته اَنند آسپاس جي حقيقت کي ڪنهن ڪنڊ کان کڻِي، اهڙن ڪردارن کي کڻي ٿو اچي جيڪي زندگيءَ ۾ گَهِرا پيهي سُن ۽ ساڻائيءَ وارين حالتن کي بي نقاب ٿا ڪن. سڄي ڪهاڻي دراصل غيرسلسليبنديءَ  (non sequitur)جو جوڙ آهي، ٽُڪرن ۾ آهي، جيڪي ٽُٽندا ـ جُڙندا رهن ٿا. اِئين ڪهاڻيءَ جي تهن کي کوليندي پرم موهڪ ٻوليءَ جو اُپيوگ ڪري ٿو  ۽ ڪٿي اَنند کيماڻيءَ جِي ڪهاڻيءَ سان ٺهڪندڙ اِظهارن تي آڱر رکي ٿو  جئن ـ “ ظاهري پٺيان لڪل جي تلاش” (ص 7) يا “ڪهاڻيءَ جي اڏاوت لاءِ ليکڪ سوکيمتا ۽ موڊ، منظر ۽ ماحول جي باريڪ اِظهار تي ڀاڙيو آهي ۽ پوءِ منووگيان جي نفيس ڌاڳن ۽ فلسفي جِي پاڻ ۾ گهري اُڻت سان ڪهاڻيءَ جو ٽيڪسچر ٺاهيو آهي” (ص 7)، اِتي ٽيڪسچر لفظ جو تُز استعمال ڌيان جوڳو آهي ۽  هِڪ ٻئي جملي ۾ وري آزاديءَ ۽ ٻنڌن جو خوبصورت لفظي پِلي نظر اچي ٿو “ڪڏهن آزادي کوهڻ ۽ ڪڏهن پائڻ جو ٻنڌن رهي ٿو” (ص 10) . آزادي کوهڻ ۽ پائڻ جو ٻنڌن هيٺان لِيڪ منهنجي آهي.

اهڙيءَ طرح بلڪل تيز نظر سان ڪهاڻيءَ کي پرکيندو پرم اِن نتيجي تي پهچي ٿو ته اَنند کيماڻيءَ جي ٽُڪرا ٽُڪرا ڪهاڻي 1965 جي بهترين ڪهاڻي آهي. اِتي مان بنا پرم جي دعوى کي للڪارڻ جي، ايترو ضرور چوندس ته ڪا به ساهتڪ چيز جِي پسندي ناپسندي هِڪُ شخصي احساسُ هوندو آهي، جيڪو ظاهر آهي ته شخصي هئڻ جي ڪري هڪ شخص کان ٻئي شخص تائين ڦرندو رهي ٿو.

بزرگ اديب سدارنگاڻي خادم جي ٻن ڪتابن جِي پرک پرم ڪئي آهي ـ چيخ ۽ خوشبوءِ جو سفر. .“چيخ” ۾ آزاد نظم آهي ته “خوشبوءِ جوسفر” ۾ رباعيون. پرم جو وشواس آهي ته نئين شعر لاءِ مقرر هيئت وارو فارم يا گهاڙيٽو ڪارگر ڪونهي، جو اُن جو ٻنڌن نئين خيال، ويچار کي کُليو اظهار ڏيڻ ۾ لاچار آهي، اسمرٿ آهي . هتي مان واضح ڪرڻ چاهيندس ته پرم  خادم جي آزاد نظم کي رد ڪيو آهي، جڏهن ته رباعين کي قبول ڪيو آهي ـ (ص 32) ـ  باوجود اُن جي، مقرر هيئت وارِي شاعريءَ لاءِ تنگدلي (preoccupation) اَکرجي ٿي. خيال، ويچار پهرين، هوندو آهي، ۽ خيال، ويچار مطابق ئي  فارم پوءِ پاڻهي پنهنجو روپ وٺندو آهي، اسين سڀ اِن وشواس جي تائيد ڪندڙ آهيون، تنهن هوندي به نئين ڪوتا جي اِظهار جِي آزاديءَ کي کڻي اسين مقرر فارم جي شاعريءَ کي ننديون ٿا. پرم جي ڏنل نارايڻ شيام جي ڪوٽيشن ڏيڻ پُٺيان به اِهائي مُراد آهي ـ پرم، نارايڻ شيام جو اُهو ڪوٽيشن ڏنو آهي جنهن ۾ هُن موزون شاعريءَ جي فارمن کي ٻنڌن مڃيو آهي ۽ نئين ڪوتا جي آزاد فارم جي ساراهه ڪئي آهي(ص 33)  جڏهن ته اسين ڄاڻون ٿا ته نارايڻ شيام هر گهاڙيٽي (form) ۾ شاعري ڪئي آهي ۽ خوب ڪئي آهي، هُن جي شاعريءَ ۾ ڪٿي به ڪا نقليت محسوس نٿي ٿئي ـ  شيام وزن کي آتمسات ڪيو هو ـ جيڪڏهن ڪويءَ جو وزن تي عُبور (command) آهي ته اُهو هُن جي رت ۾ شامل ٿي ويندو آهي. مان جيڪر هِتي ڏاڪڻ ۽ لِفٽ جو مثال ڏيان. وزن تي عُبور رکندڙ  شاعر ڄڻ لفٽ ۾ آهي، لِفٽ ذريعي هو اوچي ۾ اوچي ماڙي تي پهچي سگهي ٿو، ڀلي بلڊنگ ۾ سؤ ماڙا هجن. جڏهن ته اُهو شاعرجيڪو وزن کي بار ٿو سمجهي، تنهن لاءِ ته ڏاڪڻ جو ئي آپشن آهي، هو ضرور سهڪي پوندو ڏاڪا چڙهندي.

نئون شعر، پراڻو شعر صرف ليبل آهن، ڪٿي فئشن جي تحت، ته ڪٿي ائڪڊيمڪ اڀياس جِي ضرورت خاطر. نئين شعر لاءِ رِوايتي فارم محدود فارم آهي ۽ اِظهار جون تقاضائون پوريون ڪرڻ ۾ اسمرٿ آهي ـ اِهو نظريو خيالي آهي.  نارايڻ شيام جو روپ مايا، شاهه جو ڪلام، غالب جا غزل رِوايتي فارم ۾ آهن، ۽ ڪٿي به ڪا مڙهيل ڳالهه نظر نٿي اچي.  ص 36  تي پرم پاڻ کي  تضادن سان گهيري ڇڏيو آهي ـ هڪ پاسي هو  نئين شعر جي وڪالت ٿو ڪري، ٻئي طرف هو نئين ڪويتا جي پوين پساهن  ۾ هئڻ جي ڳالهه ٿو ڪري، نون ڪوين کي رِوايتي فارم سِکڻ جي صلاح ٿو ڏئي. تنهن کانسواءِ اِها به ڳالهه عجيب ٿي لڳي ته هن تبصري لاءِ ڪتاب ته خادم صاحب جو کنيو آهي پر هو ڳالهائي گهڻو ايم ڪمل جي نئين غزل تي ٿو (ص 41).  آخر ۾، پرم ٻنڌنن واري فارم  رُباعيءَ ۾ لکيل “خوشبوءِ جو سفر” کي، ڪامياب ڪوشش ٿو مڃي، جڏهن ته آزاد فارم ۾ لکيل “چيخ” کي خارج ٿو ڪري.

“تڪ تور” ۾ نئين ڪوتا جي سلسلي ۾ پرم جا ٻه تبصرا آهن ـ  شروعاتي ٽن ڪتابن ـ انند کيماڻيءَ جي “بيمار پيڙهي” (1974)، واسديو موهيءَ جي “تضادَ” (1976 )۽ هريش واسواڻيءَ جي “76 ـ 40” ۽ چوٿين ڪتاب هريڪانت جي “سوچ جون صورتون” (1990) تي. پهرين ٽن مجموعن تي پرم پنهنجا  تاثرات ڏنا آهن جئن ته “اَنند جون اُلٽ ڪوتائون هڪدم اصلوڪيون ۽ برجستيون آهن. دل ۾ حرڪت پيدا ڪندڙ سندس ڪوتائون محبت، نفرت ۽ جِنس جهڙن دائمي احساسن سان ڀريل آهن، جن ۾ ڪن لمحن جي خوشيءَ کانپوءِ دائمي پيڙا جو اِظهار آهي.” (ص 22 ـ 21)؛ يا “موهيءَ جي ڪوتا نجي منوڪريا (Pure Psychic Automation) يعني اِنساني سوچ ۽ ڀاوَ جو مُڪت ڀاونا وارو  ورڻن آهي” (ص 23)، ۽ هريش واسواڻيءَ لاءِ پرم چوي ٿو “هُن جون ڪيتريون ئي ڪوتائون تمام سهڻيون ۽ اوچي مِعيار جون آهن ۽ پنهنجي ليکي تت توڙي ورڻن ۾ هُن جون شخصي آهن” (ص 25) پر پرم اِنهن تبصرن ۾ اهڙيون به جاچنائون ڏنيون آهن جن سان سهمت ٿيڻ ڏُکيو آهي. جهڙوڪ اَنند کيماڻيءَ بابت هو چوي ٿو، “هو ٻوليءَ کي اُنهن پهاڪن، اِصطلاحن ۽ النڪارن سان نٿو سينگاري جن جو رِوايتي شعر ۾ استعمال لازمي سمجهيو ويندو آهي” يا انند کيماڻيءَ جون ڪوتائون نئين ڪوتا جي فارم ۾  آهن ئي ڪونه، ۽ نئين ڪوتا کي وري به پنهنجو ڍانچو (سٽرڪچر) ۽ عڪس بندي (اِميجري) آهي ـ 22”   هتي ٻه اعتراض آهن، ته روايتي شعر ۾ اصطلاحن النڪارن جو استعمال لازمي سمجهيو ويندو آهي، ۽ نئين ڪوتا کي پنهنجو ڍانچو ۽ عڪس بندي هوندي آهي، ٻئي بيان قبولڻ جهڙا ڪونهن جو روايتي شعر ۾ اصطلاحن ـ النڪارن جي استعمال جي نه  ڪا لازميت  آهي ۽ نه ئي نئين ڪوتا کي ڪو مقرر ڍانچو آهي ۽  نڪو ڪا طئه شُدهه عڪس بندي. هر ڪويءَ پنهنجي پنهنجي نموني، پنهنجِي نِـجي عبارت ۾ ڪوتائن کي اِظهار ڏنو آهي، اُنهن ۾ ڪا به ساڳيائپ محض اتفاقي آهي .

هريڪانت جي  “ سوچ جون صورتون” تي ڳالهائيندي پرم  ترقي پسند ساهت لاءِ به پنهنجو رايو درج ڪندو ٿو هلي. حالانڪ هو اِهو رايو موهن ڪلپنا جي حوالي سان ٿو چوي پر لفظ هُن جا آهن.  هو چوي ٿو  ـ ترقي پسندي هِنسڪ، شرارتي ۽ برباديءَ واري ادب جو مرض آهي (ص 18).  پرم کي رِوايتي يا ترقي پسند ساهت سان ڪا ازلي عداوت ٿي لڳي. نئون مفهوم هُن مٿان ايترو حاوي آهي جو ٻئي ڪنهن ويچار کي هو پنهنجي اندر اچڻ ئي نٿو ڏئي، در پوري ٿو ڇڏي. مان سمجهان ٿو ته پنهنجي قلم کي ڪا به مقرر  يونيفارم  پهرائڻ   پنهنجِي رچنا کي ئي هاڃِي رسائيندي، اسانجِي رچنا کي ئي محدود گهيري ۾ بند ڪري ڇڏيندي.

هريڪانت جي ڪوتائن کي پرم دل سان قبوليو آهي. اُنهن جِي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي هو ڪوتا جي رُوپ تي به ڳالهائي ٿو وٺي. درحقيقت اسانکي خبر آهي ته هريڪانت جون ڪوتائون چهري تي چهرو پائي هلندڙ سماج، پنهنجِي ڌرتيءَ تان ڌڪاڻيل هئڻ جي پِيڙا ۽ نـتيجي طور پيدا ٿيل بيگانيت جون ۽ سياسي پاکنڊ خلاف وڏي واڪي للڪارون آهن. پرم اِنهن ڪوتائن تي بلڪل درست ٿو چوي ته “طنزي ڪوتا ۾ لفظ نه فقط هڪ علامت جي صورت وٺندا آهن جيڪا ڪنهن شيءِ کي اهميت سان اُڀاريندي آهي، پر اُها پاڻ اُن شيءِ جو روپ ڌارڻ ڪري وٺندي آهي. مثال طور ‘باهه’ لفظ نه فقط باهه جو عڪس پيدا ڪري، پر ساڳئي وقت باهه وانگر جرڪي ۽ اُن ۾ ساڙڻ جي شڪتي به هجي. هريڪانت جو ٻوليءَ جي سلسلي ۾ ڇُهاءُ ڪيميائي آهي جيڪو رِوايتي معنى کي بدلي ٿو ڇڏي ۽ سندس عام، رواجي اِظهار به هڪ نئين جيون ۽ سندرتا جو روپ ٿو پائي” (ص 121). پرم اِتي هريڪانت جِي ٻوليءَ جي حوالي ۾ هُن جِي اهم خاصيت تي آڱر رکي آهي.

پرم  “سنڌي شاعري ـ بڻياد ۽ رِوايت” ۾ معلوماتي ڄاڻ ڏني آهي جيڪا اڀياسين لاءِ ڪا نئين ڳالهه نٿي جوڙي. هڪ ڳالهه ڏانهن البت ڌيان ڇڪائڻ ضروري ٿو لڳي. پرم سنڌي ڪاويه جو اصلوڪو فارم دوهو ٿو مڃي، درحقيقت اسانکي سنڌي ڪاويه جو اصلوڪو فارم بيت ۽ وائي ليکڻ گهرجي. دوهو ـ سورٺو ته ڀارت جو پُراڻو فارم آهي. قاضي قادن  دوهي سورٺي جي گهاڙيٽي جو صرف آڌار ورتو آهي، پر بيت جو  فارم پاڻ گهڙيو آهي، جيڪو پوءِ سنڌيءَ جي ٻين شاعرن به ڪم آندو، شاهه عبداللطيف سميت. اهڙيءَ طرح شاهه وٽان اسانکي وائي به ملي.

پريم پرڪاش جي ناٽڪ “مورچابندي” نسبت پرم خالص رايو نٿو رکي، هُن جا رايا مُـتَـضادُ (contradictory) آهن ـ جئن هڪ هنڌ هو چوي ٿو “مورچابنديءَ ۾ بند ڪيل طنز هڪ سنجيدِي طنز آهي جيڪا ذِهن کي لوئي سوچڻ لاءِ آماده ٿي ڪري.” (ص 47) ۽ وري طنز نسبت ئي لکندي هو چوي ٿو، “مورچابنديءَ ۾ وڏي اوڻائي اِها آهي ته اُن ۾ سمايل طنز جو مطالعو ڪندي پاٺڪ جي چپن تي اُها شرارتي مُرڪ نٿي آڻي جيڪا هڪ سُٺِي، سهڻي، صحتمند طنز آڻيندي آهي” (ص 50). منهنجي نظر ۾ مورچابندي الڳ الڳ ڪامپوزيشنس جو ناٽڪ آهي، اداڪارن جو هال ۾ الڳ الڳ ڪُنڊن کان مورچا سنڀالڻ، پروسينيم (proscenium) ٿيئٽر جي ڪنسيپٽ کي ڪُنڊ ۾ ڌِڪي ٿو ڇڏي، درحقيقت اِها مورچابندي ئي هِن ناٽڪ جو روح آهي. اِها ٻي ڳالهه آهي ته جڏهن اُهو اِسٽيج تي آيو ته اُنکي مجبورن  بمبئيءَ جو اوپن ايئر ٿيئٽر مِليو جيڪو پروسينيم ٿيئٽر جو ئي ڏيک ڏيئي رهيو هو.  جڏهن ليکڪ ڪو ناٽڪ لکي ٿو ته هُن جو رول اُتي ختم ٿئي ٿو، بلڪ ناٽڪ نويس ئي ڇو، مان ته هر ليکڪ لاءِ ائين چوندس ته پنهنجِي رچنا لکِي ظاهر ڪرڻ کانپوءِ اُها رچنا پاٺڪن / نقادن جي حوالي آهي، هو اُن رچنا جو ڇا ڪن ٿا، اُن جِي ڪهڙي شـَرح ڪن ٿا، اُن کي ڪئن خيال ۾ آڻين (conceive) ٿا, اُنکي ساراهين ٿا، نِندين ٿا اُهو سڀ اُنهن جي انڀوَ، احساسن، عِلميت ۽ اڀياسي پس منظر تي ڇڏيل هوندو آهي. 19 صديءَ جي، ناروي جي مشهورحقيقت وادي (realist) ناٽڪ نويس، هدايتڪار۽ ڪوي هينرڪ اِبسن هڪ هنڌ چيو هو:

Often my characters astonish me by doing or saying things I had not expected-yes, they can sometimes turn my original scheme upside down, the devils!

پريم پرڪاش ائين ئي ڪيو، ناٽڪ لکي هدايتڪار هريش ڪڪواڻيءَ جي حوالي ڪيو، هُن ئي اداڪارن جون ڪامپوزيشنس مقرر ڪيون، جن ۾ هُن اداڪارن کي اِمپرووائيزيشنس جا ڪافي موقعا مُيسر ڪري ڏنا.  ۽ سچ پچ، مونکي ياد ٿو اچي ته ڊيوِلس، ڊيئرڊيولس (Dare Devils) ثابت ٿيا هئا.

“تڪ تور” ۾ چئن ناولن جي اوک ڊوک ملي ٿي. تنهن کانسواءِ انڊين لِٽريچر ۾ ڏنل 1985 جي ساهتيه جِي سروي ۾ ناولن تي تبصرو آهي ۽ سُٺن ناولن توڙي ناٽڪن جِي کوٽ جِي شڪايت ڪئي ويئي آهي. پهرين هوتچند گربخشاڻيءَ جي ناول “نورجهان” (1915) تي نظر وجهون. پرم هتي وار جي کَل لاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ـ هو ڪي اهڙا اعتراض اُٿاري ٿو جيڪي ليکڪ جي مُراد سان ميل نٿا کائين. مثال طور نائڪا نورجهان جي خط و خال جِي ڳالهه ڪندي هوتچند جي بيان کي پرم اِئين چئي  غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ته هوتچند “موچاري” کي “ٺاهوڪو” ٿو چوي. هاڻي ڀلا موچارو ماڻهو ٺاهوڪو نٿو ٿي سگهي ڇا! ـ(ص57 ) ـ بلڪ مان ته اِئين چوندس ته موچارو ۽ ٺاهوڪو هم معنى لفظ آهن، جنهن لاءِ سنڌيءَ جي ڪابه ڊِڪشنري ڏسي سگهجي ٿي.   ساڳيءَ طرح ليکڪ جي تاريخي افسانو لکڻ تي صرف “تاريخي” لفظ کي الڳ ڪري تاريخي ناول طور اُن جي ٽِيڪا ڪئي ويئي آهي، پر اِن حقيقت کي درگذر ڪيو ويو آهي ته  هوتچند اُن کي افسانو به سڏيو آهي، جڏهن خود ليکڪ اُن کي محض تاريخي نالن وارو افسانو ٿو سڏي ته پوءِ اُهو تاريخي ناول ته هونئن به آهي ئي ڪونه .  ليکڪ اهڙي قسم جي دعوى بلڪل نٿو ڪري. بلڪ پرم ليکڪ جي مهاڳ مان جن چئن ڳالهين کي ناول جِي چيرڦاڙ ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي (ص 53) اُتي ٻِين ۽ ٽِين ڳالهه ۾ ليکڪ پنهنجي ناول جي ٻئين ڇاپي ۾ صاف چيو آهي ته جڏهن هيءُ ناول پهرين ڇپيو “تڏهن ڪيترن صاحبن اِئين سمجهيو هو ته منجهس نورجهان جو سچو تاريخي احوال آهي؛ پر اِئين هرگز نه آهي ــ پڙهندڙن جي رس ۽ مزي لاءِ ڪيتريون ڳالهيون مغز مان ڪڍي پيش ڪيون ويئون آهن” . ڪيترن بياني مُبالغن جو ـ هاٿي، گهوڙن، شينهَن، چِيتن جي انداز بابت پرم جا اعتراض اجايا ٿا لڳن، جو پرم خود سنسڪرت ودوانن جي اِن راءِ کي ڪوٽ ٿو ڪري ته تاريخي ناول ۾ فئنٽسي جا عناصر شامل هوندا آهن. هاڻي فئنٽسي ۾ مُبالغو نه ٿيندو ته ڇا ٿيندو. ڪافڪا جي فئنٽسي ڪهاڻي“ميٽمارفِسس” ۾ ته ماڻهو ئي جِيت ۾ تبديل ٿِي ٿو وڃي.

پرم سان البت اِن ڳالهه سان اختلاف ناهي ته ناول جي واقعن ۾ ڪا سلسليبندي هئڻ گهرجي، ته ڪِردار سهج نموني پيش ٿيڻ گهرجن، پر وري هو هڪ تضاديه ڳالهه ٿو ڪري ـ  ص 60 تي هو چوي ٿو ته “… نورجهان ناول جا ڪِردار اهڙو ته اسڀاويڪ نموني پيش ٿا اچن، جو ڄڻ ته چاٻين وارا رانديڪا آهن، يا گُڏا گُڏيون آهن، جيڪي ڳالهائي نٿا سگهن پر ليکڪ ئي هنن جي طرفان ڳالهائيندو ٿو رهي ــ پُتلين جي کيل وانگر ” اُن ئي ساهيءَ ۾ پرم ٺيڪ ص 61 تي پنهنجِي ئي ڳالهه کي ردقد ڏيندي لکي ٿو “دراصل ڏٺو وڃي ته شروع کان وٺي نورجهان ناول جا ڪردار ليکڪ کان ڊگها ٿي ٿا وڃن ۽ سندس پڪڙ ۾ نٿا اچن.” هاڻي هڪ پاسي پرم ڪردارن کي ليکڪ جي هٿ جون پُتليون ٿو سڏي جن کي مرضيءَ مطابق نچائي سگهبو آهي ۽ ٺيڪ ٻئي پيج تي ڪردار ليکڪ جي قد کا ن وڏا ٿي ٿا وڃن ۽ هُن جي پڪڙ ۾ نٿا اچن! پرم خود ٻِـچِتو آهي. البت هن جي اِن بيان سان ڪير به سهمت ٿيندو ته  “هتي ناول جي اڏاوتي نمونن، ٽيڪنڪ، پئٽرنس وغيره وغيره جي باري ۾ ذڪر ڪرڻ بيسود ٿيندو ڇاڪاڻ ته جنهن وقت نورجهان ناول لکيو ويو هو ان وقت سنڌي ناول اڃا ٻاروتن ۾ هو. پر ايترو ڪجهه چوڻ جي گنجائش ته رهي ٿي ته ناول جو خاص گڻ ان وقت ۽ اڄ به اهو آهي ته اُهو پاٺڪ کي ڀرمائڻ ۽ گمراهه ڪرڻ جي بدران سندس چيتنا ۾ اِضافو ٿو آڻي” ۽ پوءِ پرم نورجهان ناول کي هڪ ناڪام ڪوشش قرار ڏيندي ناول کي رد ڪري ٿو.

هتي مونکي ناول جِي ناڪامي يا ڪاميابيءَ جِي تڪ تور بجاءِ آلوچڪ جي ائپروچ تي اعتراض آهي. شروع کان آلوچڪ من ۾  اڳواٽ سوچيل سوچ سان اڳتي وڌي ٿو ته ناول کي هو ٽوڪريءَ حوالي ڪندو. اِهو رُخ ڪنهن  به نقاد کي گُمراهه ڪري سگهي ٿو، آلوچڪ کي رچنا جي ليکڪ جي احساسن کي سمجهڻ، اُنهن ۾ داخل ٿيڻ (empathy) جو لاڙو ته هئڻ ئي گهرجي، پوءِ ڀلي اُن تحت رچنا بابت هو جيڪي هاڪاري يا ناڪاري انڀوَ محسوس ڪري ٿو سي ڳڻائيندو وڃي، ڪو ڀولو ڪونهي.

ٻين ٽن ناولن کي پرم الڳ الڳ ڌارائن جي آڌار تي چونڊيو آهي ـ  “هنجي آتم جو موت” ـ سُچيتيءَ جي وهڪري طور، “ياد هڪ پيار جِي” ـ رومان جي بنياد تي ۽ کاهيءَ جي چؤطرف ـ نئين ڀاوَٻوڌ جي آڌار تي. لعل پُشپ جي ناول “هنجي آتم جو موت” تي پرم  جِي جاچنا صحيح آهي ته اِن ناول ۾ پلاٽ ڪونهي، اُهو هڪ کُليو ناول آهي، اِن ناول ۾ اِنساني سڀاءَ جي اوک ڊوک آهي، من جي پيچيدگين جو اِظهار آهي جنهن تجربي جون راهون کوليون آهن، فارم جي اهميت ۽ ٻوليءَ جي استعمال ۾ ضبظ پنهنجو مـَـقـام حاصل ڪري ورتو آهي. پر ڪرشڻ کٽواڻيءَ لاءِ هو ايترو اُداردل ناهي. “ياد هڪ پيار جِي” ناول ڏانهن سخت رُخ اِختيار ڪندي، هُن ناول جي ٻوليءَ مان، اظهار جي ڍنگ مان، عبارت مان، ڪردارنگاريءَ مان، سندرتا ٻوڌ مان، مطلب ته ناول جي هر پهلوءَ مان عيب ڏيکاريا آهن. هُن جو چوڻ آهي ته ليکڪ حقيقت کان دور آهي. ايتريقدر جو هو ڪرشڻ ۾ تخليقيت ئي ناهي جهڙي تلخ فتوى صادر  ٿو ڪري. ايترو سڀ ناڪاري رُخ منهنجي خيال موجب صرف انڪري آهي جو پرم جو لاڙو جِدت طرف آهي، هُنجو مائينڊ سيٽ جِدت کانسواءِ ٻي ڪا ڳالهه قبولڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي.ورنه جنهن ليکڪ “ترندڙ بادل” جهڙو ڇُهندڙ ۽ سنڌي ناول ۾ هڪ ميل جو پٿر ثابت ٿيل ناول لکيو آهي، اُن ۾ تخليقيت نالي ڪا چيز ناهي جهڙو رمارڪ نه ڏئي ها. ڪرشڻ جِي هڪ مخصوص، ماٺيڻي عبارت رهي آهي جنهن تحت هن جون اڪثر رچنائون اسانجي سامهون اينديون رهيون آهن “ياد هڪ پيار جِي” ناول سميت. پنهنجي ڪنهن خاص رنگ واري چشمي سان ڪنهن به رچنا جِي پرک ڪرڻ جو عمل جوکائـتو آهي، چشمي جو خاص رنگ اُن رچنا کي صحيح پس منظر ۾ ڏسڻ جو موقعو ئي ڪونه ڏيندو نقاد کي. شيام جئسنگهاڻيءَ جي ناول “کاهيءَ جي چوطرف” لاءِ پرم جِي جاچنا بلڪل قبولڻ جهڙي آهي ته اِهو ناول ائنٽي سينٽيمينٽ واري نائڪ کي کڻي رچيو ويو آهي. درحقيقت “کاهيءَ جي چوطرف” جو نائڪ مونکي فرانسي ليکڪ البيئر ڪاموءَ جي ناول “اجنبيءَ” (The Outsider  )جي نائڪ مِيورسال جي ياد ڏياريندو آهي جنهنجو به سماجي وهنوار ڪيترين حالتن ۾ شيام جي نائڪ سان ٺهڪي اچي ٿو. جئن ڪاموءَ جي نائڪ جو ماءُ جي موت جِي تار ملڻ تي، هُنجو ٿڌو، سانت ردعمل ۽ شيام جي نائڪ جو ڏاڏي جِي بيماريءَ جو خط ملڻ، ۽ واندڪائيءَ ۾ انکي پڙهڻ کانپوءِ هنجو بي حِسُ ردعمل ـ ڏاڏي جي گهر تائين پهچڻ تي به ڏاڏي سان بنا ملڻ جي واپس موٽي اچڻ ـ هي سڀ ٻنهي نائڪن ۾ ڪافي ساڳيائپ کڻي ٿا اچن. شيام جي اِن ناول هونئن به، پنهنجي رچناتمڪتا جي ڪري پاٺڪن کي موهيو هو،  هتي پرم جو نقاد ڪجهه وڌيڪ ئي ڌاردار رهيو آهي، هُن اِن ناول کي پوريءَ طرح ولوڙيو آهي ۽ اُنجي ڪِريم کي تاري ڪڍيو آهي .

پرم ابيچنداڻيءَ “تڪ تور” ۾، ساهتيه اڪادميءَ جِي انگريزي مخزن“ اِنڊين لِٽريچر”  ۾ ڏنل سندس 1984 ۽ 1985 جي ساهتڪ ڪتابن جِي سروي به شامل ڪئي آهي:  ڀلو فصل ـ 1984 جا ڪتاب  ۽ سُٺن ناولن ۽ ناٽڪن جي کوٽ ـ 1985 جا ڪتاب.  پرم ابيچنداڻي نئين ڀاوَٻوڌ جو حمايتي رهيو آهي، هُن لاءِ اُهو ڀاو هر رچنا جِي تقاضا ـ گهرج بڻجي ٿو پوي. انڪري هو رِوايتي سوچ رکڻ وارن رچناڪارن وٽان به اُن جي اُميد رکي ٿو، جئن هري دلگير جي شعري مجموعي تي تبصرو ڪندي هو چوي ٿو “ شاعر جي حيثيت ۾ دلگير پاڻکي هميشه گنڀيرتا سان کنيو آهي، پر پسند پوڻ جي حد تائين هرگز نه . اِنڪري اِها ڪا عجب جِي ڳالهه نه آهي ته سندس روماني غزل جديد زندگيءَ جِي بيوسيءَ، ارٿ هيڻتا ۽ واهياتپڻي جي دخل کان جوکائـتي نموني ۾ هميشه دور رهيا آهن ” (ص 71 ). هِڪَ سُک درسي شاعر مان ائبسرڊ ساهتيه جا عناصر طلبڻ عجيب ٿو لڳي.  آخر ڪيستائين اسين اِهي اُڌاريون، خيالي جِدتون کڻي هلنداسين.  شخصي طور مان مڃيندو آهيان ته ڪلا صرف ڪلا هوندي آهي ـ اُن وٽ ڪي به نخرا نه هوندا آهن. اُها بلڪل سهج هوندي آهي.

شعري ڪتابن ۾ پرم ارجن حاسد جي “ميرو سج” جِي صحيح پس منظر ۾ تعريفي اوک ڊوک ڪئي آهي، نامديو جي “اٺون سُر” ۾ به هُن کي ڪي ويچار جهِنجهوڙيندڙ لڳا آهن پر هُن جِي راءِ مطابق نامديو کي اڃا ڪيترا مفاصلا طيءِ ڪرڻا آهن (ص 72) . منهنجِي راءِ موجب اِها تقاضا صرف نامديو سان لاڳو ڪانهي، رچناڪار وقت جي ڪنهن به نُـقطي تي هجي، ڪيڏو به وڏو هجي، ڪامياب ليکيو ويو هجي، چوٽيءَ تي هجي، پر هُن کي ڪيتريون ئي اڻ ڏٺل ايراضيون ضرور ڳولهي لهڻ لاءِ هونديون آهن، ڪيتريون ئي نيون چوٽيون سـَر ڪرڻ لاءِ هونديون آهن.

ڪهاڻين جي مجموعن ۾ پرم شيام جئسنگهاڻيءَ جو “مِيلن جو سفر” پسند ڪري ٿو، جنهن سان ڪير به جيڪر شاملراءِ ٿيندو، ۽ ها، ڪنهن ماترا ۾ هو گوبند مالهيءَ جي “اِها به ڪا آکاڻي آهي؟” جون ڪهاڻيون به قبول ڪري ٿو وٺي. 1984 جي ناولن نسبت هو نراش آهي، وهنواري آلوچنا جو هڪ ئي ڪتاب مُيسر هو، هريش واسواڻيءَ جو “84 ـ 40” جنهن لاءِ پرم لکي ٿو “… هريش وٽ درشٽي آهي ۽ پهچ آهي پر هن سان ويڌن اِها آهي ته سندس ٽِيڪا ۾ رواني، چِٽائي ۽ اوجلائي نه آهي، ۽ وڏي ڳالهه ته هن جو رايو تُز نه ٿو رهي.” هِن ڪتاب کي ‘ فڪري وندر’ جي چُهنڊڙي پائيندي به، آخر ۾ پرم هڪ شفي رايي سان ڪتاب جي تبصري کي پورو ڪيو آهي. هريش نسبت پرم جي راءِ بلڪل صحيح آهي ته هريش تز نموني ڪا ڳالهه ڪونه چوندو هو، هڪ ئي جملي ۾ هو تضاديه ڳالهيون ڪندو هو، اِها هُن جي عبارت هئي، هو چيزن کي اوپن اينيڊيڊ رکندو هو، سڀ پاٺڪن تي ڇڏيندو هو، ته هو جيڪي مطلب ڪڍن، ڇُوٽ اٿن. ساهت جي ٻين وڌائن ۾ اوپن اينڊيڊ عبارت شايد خاصيت ليکي وڃي، پر تنقيد جي حوالي ۾ ته آلوچڪ چِٽو هجي اهڙي تقاضا بيجا ته نه ئي ليکبي. 1984 ۾ ڇپيل ٻين صِنفن ـ سمرتيون، جيونيون، سفرناما وغيره ـ  جي ڪتابن، آلوچڪ کي خاص ڪو موهيو ڪونهي، البت لکمي کلاڻيءَ جي سفرنامي “من جا محل کنڊهر”کي ساراهيندي وري “پر”  چئي ساراهه ڄڻ واپس کسي ٿو وٺي ته “شبد لکميءَ سان دوکو ڪندا ٿا رهن” (ص 76) .  لکميءَ کي لفظ دوکو ڪئن ٿا ڏين اُنجو هڪ به مثال پرم ڏنو ڪونهي. منهنجِي نظر ۾ لکميءَ جو هيءُ سفرنامو يادگار سفرنامن ۾ اوچي جڳهه والاري ٿو.

سُٺن ناولن ۽ ناٽڪن جي کوٽ ـ سروي 1985  ـ ۾ پرم کي مضمونن جي ڪتابن ته سنتوش ڪونه ڏنو آهي ۽ ڪجهه ههڙن فِقرن سان اُنهن کي نامنظور ٿو ڪري ـ “اوچي اسڪالرشپ جِي تقاضا ٿي ڪري جا پوري ڪانه ٿي آهي”، يا “مضمون گٺل پيٺل وشين تي آهن ۽ ڌيان ڇڪائڻ کان رهجي ٿا وڃن”، (ص 77)، يا “رچناڪار رهڙيل رستن تي هليو آهي، وشيه جي تحرير ڪجهه اڀوڳي ۽ نراسائيءَ جو احساس ڪرائيندڙ ٿي لڳي”، “ڪتاب ڪجهه اهڙن مِعيارن کان هيٺتي ڪِري ٿو پوي جن مِعيارن جي هڪ سُٺي آلوچڪ مان اُميد رکي سگهجي ٿي”، “پڪ سان چئي نٿو سگهجي ته فلاڻي جون رچنائون پاٺڪ تي آخر ڇو پرڀاءُ نٿيون ڇڏين” … اهڙن فِقرن کانپوءِ تمام ٿورن هنڌ اسانکي نفي رايي کانپوءِ “پر” سان شروع ٿيندڙ فِقرو ملي ٿو جيڪو ڪا  شفي ڳالهه ڪري ٿو وٺي جهڙوڪ  … “پر تنهن هوندي به ڪتاب ۾ ڪي سوجهيءَ واريون ڳالهيون اُڀري بيٺيون آهن”.(ص ـ7 7 ) ڪٿي اِهو “پر” شفي ڳالهه کانپوءِ به ڏنل شيءِ ڦُري ٿو وٺي جئن سندري اُتمچنداڻيءَ  جي  “وڇوڙو” ڪهاڻين تي ڳالهائيندي پرم چوي ٿو “هن جو وشواس، هن جي همٿ ۽ اَٽل اِرادو سندس اندر لڪل فنڪار منجهان ئي نڪري نروار ٿا ٿين پر هوءَ پنهنجي فنڪار کي (مڙهيل) ويچارڌارا جِي ويڌيءَ تي چاڙهيندي ٿي رهي  ـ  ويچارڌارا جنهن سان سچ ته هوءَ گنڀيرتا سان وچن ٻڌ آهي ئي ڪانه” (ص 83 ـ 84 ) شخصي طور منهنجو وشواس آهي ته سندريءَ جون ڪهاڻيون ڪلاتمڪ آهن ۽ اُنهن مٿان ڪابه ويچارڌارا مڙهيل هجي، اهڙو ڪجهه لڳي ڪونه ٿو. .

۽ ناٽڪن ۾ به هو پريم پرڪاش جي “باهه” مجموعي کي ئي قبولي ٿو  ـ پريم پرڪاش جي ناٽڪ جي حوالي ۾ پرم جو اظهار به تخليقي آهي جڏهن هو چوي ٿو ته “هنن ناٽڪن ۾ ڀُڻ ڀُڻ به ڪَنَ ڦاڙيندڙ چيخن جِي صورت ٿي وٺي” جنهن ۾ ڪو وڌاءُ مونکي ڪونه ٿو لڳي ( ص 78 ).

سنڌي ادب ـ مغربي ادبي نظريا ۽ اُنهن جي مناسبت واري تبصري ۾ پرم ابيچنداڻيءَ گُني سامتاڻيءَ جي مغربي فلسفن تي پيش ڪيل مقالي تي نظرثاني ڪئي آهي. مقالو توڙي تبصرو ٻئي گهڻو تـڻو وضاحتي آهن، البت پرم ، گُني سامتاڻيءَ جي اِن رايي سان صحيح اِختلاف ٿو رکي ته مارڪسواد، رومان واد، هستي واد جِي سنڌي ساهت سان مناسبت ڪانهي. اسانکي خبر آهي ته ترقي پسند ساهت تي مارڪسواد جو اثر هو، سنڌيءَ ۾ روماني شاعري به خوب ٿي آهي ته جديد ساهت تي هستيواد جي گهِري ڇايا مان جديد ساهتڪار گذريا آهن. گُني سامتاڻيءَ جي سنڌي ٻوليءَ جي هِيڻائيءَ واري رايي سان به پرم سهمت نٿو ٿئي ۽ هن جِي اسهمتي بلڪل جائز آهي، جو سنڌي ٻولي هِڪَ سگهاري ٻولي آهي، اُن ۾ وگياني توڙي فلسفيائي يا ڪنهن به ٻئي ڊِسيپلين جو گيان بلڪل جوڳي نموني اِظهار پائي سگهي ٿو.

سنڌي واڻي تبصري ۾ پرم پنهنجي اڀياس ذريعي نرگڻ ۽ سگڻ ڀڳتي ڪاويه تي بحث ڪندي مهامتي پراڻناٿ (1694 ـ 1618) جِي سگڻ ڀڳتي ڪوتا تي نظر وڌي آهي. هو اِن ڪوتا کي قاضي قادن (1551 ـ 1463) ۽ شاهه عبداللطيف (1752 ـ 1689) جي وچ واري وقت جِي اهم ڪڙي مڃي ٿو ۽ هُنجي مڃتا ۾ ڪنهن شڪ جي گنجائش ڪانهي.

اِئين ته جئن مون شروع ۾ چيو آهي ته پرم ابيچنداڻيءَ جا ست سار ڀاڱا، خاص ڪري پهريان ٻه ، ڀلي اُهي اولهه جي فلسفن جِي وضاحت سان ڀريل آهن پر پرم جنهن نموني اُنهن کي واضح ڪيو آهي اِن مان صاف ظاهر ٿو ٿئي ته هُن اُنهن فلسفن کي پنهنجين نسن ۾ اوتيو آهي، اُنهن جِي ڪِرسٽل تصوير پنهنجي دماغ ـ پٽيءَ تي اُڪيري آهي، ۽ ان ڪري ئي هو اُنهن کي صاف لفظن ۾ درشائي سگهيو آهي، وشيه سان پوريءَ طرح نڀائي سگهيو آهي، مثالن سان هر ويچار (ڪنسيپٽ ) کي سمجهائي سگهيو آهي. اُنڪري جيڪي ڪجهه هو تاري ڪڍي ٿو اُهو سـَـنـدَ جو درجو رکي ٿو. هڪ مثال اسين ست سار ـ 1 ۾ ڏسي سگهون ٿا. “ساهت ۽ زندگي” مضمون ۾ ص 89 ـ 90  تي هو صحيح نـتيجو ٿو ڪڍي ته “ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته ساهت صرف اِن ڳالهه تي پنهنجو عڪس ٿو وجهي جنهن سان شهريءَ جو واسطو آهي ۽ انڪري پرڪرتيءَ جِي کُليءَ فضا ۾ پلجندڙ ۽ ان کي پيار ڪندڙ جِي روحاني بُک نه ٿي مِٽجي. پنگـتي وگيانين قبول ڪيو آهي ۽ ودوانن چُڀندڙ لفظن ۾ اظهار ڪيو آهي ته شهريءَ جو بي تعلقيءَ جو خيال کيس اِئين محسوس ٿو ڪرائي ته هُو سماج جو انگ نه آهي ۽ انڪر انبوهه ۾ رهندي به اڪيلو آهي.”  اسان سڀ اهڙي ساهت مان گذري چُڪا آهيون.

ست سار ڀاڱا پرم جي گَهِري اڀياس جو نچوڙ آهن. البت اِنهن ۾ ذڪر هيٺ آيل يوروپي ودوانن جِي هڪ اڌ جملي وارِي سڃاڻَ  ڏئي ها ۽ اُنهن جا نالا برئڪيٽن اندر انگريزي ۾ به ڏئي ها ته اهڙن نالن کان اڻ واقف مون جهڙن ڪيترن پاٺڪن کي وڌيڪ فيض رسي ها. جئن ايچ جِي وئيلس ۽ جِي ڪي چيسٽرٽن (ص 64)، هاڻي ايچ جِي وئيلس ته ڪافي سُڃاتل نالو آهي، جنهنجو ورلڊ هسٽري تي لکيل ڪتاب ڪافي مشهور آهي، پر جِي ڪي چيسٽرٽن جِي ڌنڌلي ياد آهي ته هو شايد انگريزي ڪوي ۽ ناٽڪ نويس هو، ۽ اهڙيءَ طرح ئي اِسپينگلر ۽ ٽائنبي (ص 68)  ۾ ٽائنبي ٻُڌل آهي  ته هو برطانوي تواريخ نويس هو پر اِسپينگلر اڄاتل آهي. پرم طرفان سُڃاڻَ ڏيندڙ هڪ اڌ سِٽ اهڙن نالن جي به وضاحت ڪري ها ته اسانکي ڌُڪا هڻڻ جي ضرورت نه پوي ها.

پرم جي هِنن ڪتابن ۾  هُنجي ٻوليءَ جِي نرالپ مونکي بيحد موهيو آهي. هُو نِج سنڌي ٻولي ٿو لکي، ڪي اهڙا به مُرڪَبَ گهڙي ٿو وٺي جيڪي هُنجي اِظهار کي رچناتمڪتا هڪ طرف ٿا ڏين ته موزونيت ٻئي طرف، پرم جا لفظ وابسته جُملي ۾ مُـنڊيءَ ۾ ٻُـڙي جيان جَـڙيل ٿا لڳن.  ڪي مثال آهن  ـ ٽاڻو ڀاڻو ـ ص 23، اسين اِن لاءِ عام طور  “زمان مڪان” جوڙ جو استعمال ڪندا آهيون، اهڙيءَ طرح هندي لفظ ڇان بين (ص 28 ) لاءِ ڇاڻ ويڻ، شاعرن جون ڪوششون ۽ سندن اُتساهه لاٽاري نٿو سگهجي.(ص 72 )، اِتي ‘لاٽاري’ لفظ جو اُپيوگ خوبصورت بڻجي پيو آهي. البت،  ڪٿي ڪٿي نِـج هندي لفظ ڪَنن کي ڪسارا ضرور لڳن ٿا جئن نِـتيتا  (ص 67 )، تِـيور (سُوجهه)، تِيور (وشواس)ـ پـَـٿُ ـ (ص 130)، ست سار ـ 2 ۾ به تِـيور (سُرت) (ص 21)، لفظ ملي ٿو ، لڳي ٿو پرم جو اِهو پسنديده لفظ آهي، ساڳئي صفحي تي هنديءَ جو  ‘ ڀِن’ لفظ به ديرو ڄمائي ويٺو آهي.  هي اهڙا لفظ آهن جنجا هم معنى لفظ سنڌيءَ ۾ هڪيا تڪيا آهن.

پرم ابيچنداڻيءَ هِنن چئن ڪتابن ۾ سچ پچ ته کاڻين جي کوٽائي ڪئي آهي، جن مان هُن نتيجن توڙي تارڻن جي صورت ۾ نه صرف هِيرا هٿ ڪيا آهن، بلڪ اُنهن کي تراشيو به آهي . ٿي سگهي ٿو ڪن جوهرين کي ڪٿي ڪنهن تراش ۾ ٻئي نموني جِي تراش جِي گنجائش لڳِـي هُجي، پر اِن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته پرم جِي تراش به هيرن ۾ چِلڪاٽ ته خوب آندو آهي.

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀني سان سٺا پير ڀريندڙ تاج جويي جو هڪ اتساهه پاسو

رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ آڳاٽي چوڻي آهي، شايد مُهاورو آهي ”پنهنجن سان  سٺا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے