25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نوٽ بُڪ جا ورڪ : جاڏي پير –تاڏي خير-45: آدرش

سج سدورو اسلام ڪوٽ جي اُڀ جي وچ تي آيو. اشرف علي پنهنجن شهزادن ڄام وقار علي ۽ اصغر عليءَ، امجد عليءَ سوڌو آيو. منجهند جي ماني کڻي آيو. سفر ٿيو سجايو. شڪارپوري شيخ شهزادو آيو. ٿر وارئو! اُٿو! جهمريون پايون.

مانيءَ ۾ ٻوڙ کانسواءِ ڏُڌُ مکڻ ڏسي، مان ڏاڍو خوش ٿيم. مکڻ جي رنگ ياد هو، سواد وسري ويو هو. ورهين کان پوءِ دلبر دوست نصيب ڪرائي، ٺٺ ڪرائي ڇڏيا.

پيٽ ۾ للُ، ڳوٺ ۾ هل. ڍءُ ڪري ڍوڍو کائڻ کانپوءِ، اشرف علي پنهنجي نينگرن کي وٺي پنهنجي گهر آرام ڪرڻ لاءِ ويو.

مان کٽ تان اٿي، ڪتابن ڏانهن آيم. دنيا ۾ ڪتاب کان وڌيڪ آرام واري چڱي چيز ٻئي ڪائي نه هوندي آهي.

***

ڪتاب هڪ اُهو باغ آهي، جنهن کي هر ماڻهو پنهنجي دماغ کيسي ۾ کڻي سگهندو آهي. ڪتابن بابت انهن جي عاشقن کان پڇو ته هنن لاءِ ڪتاب ڪيڏو وڻندڙ عاليشان جهان آهي. هڪ عاشق جيئڙي هڪ محفل ۾ پائيپ جو آخري ڪش هڻي، ان کي ميز تي رکي چيو هو “مان جيڪڏهن ڪنهن کي پڙهڻ لاءِ ڪتاب ڏيندو آهيان، ته جيستائين، اهو واپس نه ٿيندو آهي، تيستائين مان ان پيءُ وانگر لڇندو آهيان، جنهن جو پٽ ڪنهن بڇڙي سنگت ۾ ويلُ هجي ۽ هو گهر ۾ واپس اچڻ تائين، در ۾ اکيون وجهي ويٺو هجي.”

***

اسپين ۾ قرطبه مسجد کي ٽِن ڪِلن جو پتل جو ڪلف لڳل آهي. چرچ جا دروازا، پرديس ويل سڪيلڌي پٽ جي اُلڪي ۾ ماءُ جي اکين وانگر کليل آهن.

چرچ جي هڪ راهب چيو هو ته: جيڪڏهن هن کي ڪنهن سٺي ڪتاب جي گهرج پئي، سڌي طريقي سان حاصل نه ٿيو، ته هو ان لاءِ قتل ڪرڻ ۾ به دير نه ڪندو.

***

ڪتابي ماڻهو ڪتاب جي چوري ڪرڻ ۾ هٻڪ محسوس نه ڪندو آهي. آمريڪا جي شهر بوسٽن جو هڪ همراه اسٽيفن برگ ڪتابن جو وڏو چور هو. هن 327 لائبريرين مان ٻاويهه هزار ڪتاب چورايا هيا.

اسان جو دلبر ۽ درويش صفت پڙهاڪو، لارڪاڻي ڄائو، مٺو ماڻهو سليم انور عباسي ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. اخبار “جنگ” ۾ ڪم ڪندو آهي. هن جي ڪتابن جي سٺي چونڊ آهي. ٽي چار هزار ڪتاب ٿيندس. انهن مان هڪ به ڪتاب هن پئسا ڀري ڪونه ورتو آهي.

***

منهنجي ويچار موجب هر پڙهاڪو ماڻهوءَ پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ اڌ هڪ ڪتاب ضرور چورايو هوندو. ڪتاب جي چوري ڏوهه ناهي. مون به هٿڙي هنئي آهي.

ملينيم سالَ ۾ حيدرآباد ۾ هجان. سنگتي شاعر بشير منگي گڏ هجي. هڪ صبح جو ڏهين کن نظم “پاڻ کي هاڻي آزاد گهرجي وطن” ۽ شاعريءَ جي ڪتاب “ايءُ خاڪيءَ جو خيال” جي سرجڻهار خاڪي جويو ڏانهن وياسون. هو بشير صاحب دوست هو. منهنجي پهرئين ملاقات ئي آخري هيس.

هو هڪ رسالو “ساڃاھ” ڪڍندو هو، جيڪو هڪ نظرياتي سياسي اخبار هو. خاڪي جويو صاحب پنهنجي لائبريري ۾ ويهاريو. سنڌي ۽ اردو ڪتابن جو وڏو انگ هو.

خاڪي صاحب سان جهٽ گهڙي ڪچهري ڪري، چانهن پي ڪري، هن کان موڪلائي، ٻاهر نڪتاسون. ڳچ پنڌ هلي، ٻئي گهٽيءَ جي منهن ۾ آياسون ته مان بيهي ڪري، چولو مٿي ڪري، سٿڻ جي اڳيان ابداڻي ۾ وڌل ڪتاب ڪڍيو. اهو ڏسو بشير منگي عجب ۾ پئجي ويو ۽ پوءِ مرڪڻ لڳو.

مون چيو مانس: “بشير ميان! ڳالهه ٻڌ! ڪاوڙ نه ڪجانءِ خاڪي جويو صاحب تنهنجو دل گهريو دوست آهي. منهنجي به سر جو سائين آهي. مون کي پتو هو ته هو پڪو آهي. ڪتاب نه ڏيندو. سوال لک جو هوندو آهي. منهنجو ايلاُز  اجايو وڃي ها. ان ڪري مون اها حرڪت ڪئي.”

“ارشاد! اُهو ٺيڪ آهي. پرتو  چورايو ڪيئن جو مون کي به خبر نه پئي.”

مون کلي چيومانس : “جڏهن خاڪي صاحب چانهن ۽ بسڪوٽ کڻڻ لاءِ گهر ويو. تون به چيلهه تي هٿ رکي. ڪتاب دم روسي ليکڪ نڪولائي گوگول جي ڪهاڻين جوڪتاب وجهي ڇڏيو.“

***

گهڻا يار ڪتاب وڍي کائي ويندا آهن. هنن جي لطف ۾ موٽائڻ جو لفظ ئي ڪونه هوندو آهي. اسان جي شڪارپور جو اديب انور فگار هڪڙو به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن ڏي ڪتاب ويو، کوهه ۾ ويو. ڏکئي ۾ ڏکئي چور کان مينهن موٽائڻ سولي، هن کان ڪتاب موٽائڻ ڏکيو.

هن جي لائبريري ڪنهن نه ڏٺي آهي. سنگت ته پري رهي، ڪنهن ويجهي مٽ مائٽ ئي ڪونه ڏٺي آهي.

هڪ ڏينهن شاعر دوست هوٽل تي ويٺا هياسون. ڳالهه لائبريرين جي نڪتي، زبير سومري پڇيو: “سائين! انور فگار جي لائبيري ڏٺي اٿو؟”

“ نه ابا! اهو دلبر ڪنهن کي ڏيکاريندو ئي ناهي.”

“ڇو ؟”

مون کلندي چيومانس : “ منَ! اصل ۾ ڇاهي ته جڏهن ڊاڪٽر صاحب پرائمري استاد هو. ان وقت پرائمري اسڪولن ۾ لائبيريون هونديون هيون. ڪتاب به چڱا هيا. سٺا ۽ پراڻاهيا. هڪ ته اهي سڀ ڪتاب چونڊي ڪري ٻهاري ويو. ٻيو کوڙ ڪتاب تو کان، مون کان هن کان، هن کان پڙهڻ لاءِ وٺي ويو. جيئن اک مان نڪتل ڳوڙهو واپس نه ٿيندو آهي. تيئن هن وٽان ڪتاب موٽڻ ڏکيو. جنهن کي لائبريري گهمائيندو، ان کي پنهنجا پنج ست ڪتاب نظر ايندا. ضرور کڻندو، ائين سڀني کي هن لائبريري ڏيکاري، ته باقي هن وٽ وڃي ڇا بچندو؟“

***

نامياري وڪيل، اديب، جماعت اسلاميءَ جي اکين جي تاري، آمر ضيا جي گهڻگهري، وفاقي وزير رهندڙ اي.ڪي.بروهي ۽ سندس ڀاءُ نامياري ليکڪ علي احمد بروهي جي ڳوٺ ڳڙهي ياسين ڀرسان هنن جو ذات ڀائي، ماهر لسانيات ۽ محقق نذير احمد “شاعر” بروهي هڪ ڳوٺ نوشهرو ابڙو ۾ رهندڙ آهي.

اهو ڳوٺ 1901ع تائين تعلقو هو. هاڻي تيز هلندڙ ٽرڪ مان روڊ تي ڪرندڙ هنداڻي وانگر ٿي ويو آهي.

ان ڳوٺ ۾ پليجي صاحب سان پيار ڪندڙ، ڊاڪٽر عزيز ڪمبوهه سان گڏ سٺو شاعر ۽ سندس فرزند ارجمند شفيق احمد “شائق” ڪمبوهه رهندڙ آهي.

ڳوٺاڻي زندگي نديءَ وانگر هوندي آهي. ڳوٺ ۾ نذير احمد بينظير آهي. هن جو گذر سفر ٻني ٻاري کانسواءِ ڪتابن تي آهي. ڪتابن مٿان ساهه ڏيندو آهي. چڱو خزانو اٿس.

***

شڪارپور ۾ ڪربلا معليٰ جي سانحي کانپوءِ، محرم الحرام جا ڏهه ڏينهن شهر جي زندگي هڙ ۾ ٻڌي سُڪ ڪئي ويندي آهي. نائين ۽ ڏهين تاريخ گهٽين ۽ روڊن تي شاميانا لڳايا ويندا آهن. هنڌ هنڌ تلاشيون، شڪارپور اسرائيل بڻيل هوندو آهي.

گذريل محرم جي اٺين تاريخ تي مان ۽ زبير سومرو هڪ هوٽل تي ويٺا هياسون. ويچار ڪيو سون ته ٻيلي! اهي ٻه ڏينهن عذاب جا ڪيئن گذرندا، ڪو بلو ڪيون. شاڪر صاحب جي ڳوٺ وڃڻ جو پروگرام ٺاهي اُٿياسون.

ٻئي ڏينهن زبير ميان جي گاڏي ۾ اڌ ڪلاڪ ۾ نذير صاحب جي ڳوٺ پڳاسون. هو ڏاڍو خوش ٿيو. قرب ۽ ادب جي ڪچهري شروع ٿي. وچ ۾ مان دٻئي پير اُٿي ڪري، شائق ڪمبوهه ڏانهن ويم. اسان جي اوچتو  اچڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو. ٻئي ڄڻا گڏجي اوطاق تي موٽي آياسون. ماني کاڌي سون.

زبير سومرو سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان ايم.فل ڪري رهيو آهي. هن کي موضوع جي حوالي سان پنج کن ڪتاب مليا. نذير احمد شاڪر کي کڻي وڃڻ ۽ فوٽو ڪاپي ڪرائڻ کانپوءِ واپسيءَ جو وچن ڪيائين. هن کيس رضيا خوشيءَ سان ڏنا.

پيشيءَ جو اسان موٽ ڪئي. شهر ۾ داخل ٿيڻ سان مولوي صاحب “ الله اڪبر” آڌرڀاءُ ڪيو.

***

نذير احمد “شاڪر” جو ڪتابن ساهه پيل هوندو آهي. پنج ڏينهن به نه گذريا ته فون مٿان فون ڪري باهه ٻاري ڏنائين. هانءُ ئي پٽي ويو، ڄڻ ٻچا ٻاهر هيس. زبير سومري کي چيم، “ ادا! وارو ڪر. ڪتاب جلد واپس ڪريس، نه ته شڪارپور اچي، بروهڪو ٻارُ آهي. آڪهه ماري ويندوءِ.” زبير کلندي چيو : “سائين! آچر تي واپس ڪبس.”

***

آچر تي سائين ضيا شاهد ۽ مان هڪ هوٽل تي ويٺا هياسون. زبير سومرو ڪتاب کڻي آيو. نذير صاحب به ڊرائيور سوڌو دير ئي نه ڪئي. اچي نازل ٿيو. هن کي موٽر سائيڪل هلائڻ نه ايندي آهي، سو ڪنهن ويجهي مٽ کي ڊرائيور ڪري وٺي ايندو آهي.

سنڌ جي نامياري، پنهنجي منفرد اسٽائيل ۾ نچندي ڳائيندي ڳائڻي سيد سليمان شاهه کي موٽر سائيڪل هلائڻ نه ايندي هئي. هن وٽ بائيڪ هلائڻ لاءِ هڪ ماهوار پگهار تي ڊرائيور رکيل هوندو هو.“ اسان نون عشق ماريندا، ڍولڻ ول ول قتل ڪريندا.“

***

نذير احمد “شاڪر” منهن مهانڊي ۾ ايران جي اڳوڻي ذهين صدر احمدي نجاد وانگر لڳندو آهي. هو ڀلو ۽ کلڻو ماڻهو آهي. زبير ميان کيس ڪتاب واپس ڏنا. خوش ٿيو. هن کان وڌيڪ مان خوش ٿيم جو منهنجو سر بچيو.

***

محفل ۾ پرواني لاءِ شمع ٻرڻ لڳي. ڪتابن جي ڳالهه نڪتي. شاعرن ۽ ليکڪن جي ڪچهرين ۾ ٿوري گهڻي رنن جي ڳالهه کان پوءِ، ادب، ڪتابن جون ڳالهيون ۽ مختلف ليکڪن جون گلائون هونديون آهن.

ڪتاب جا ڪجهه شوقين پنهنجي نالي جو ٺپو ٺهرائي. ڪتاب تي ائين هڻندا آهن، جيئن جاءِ جي سند تي سٽي سرويئر جو ٺپو لڳل هوندو آهي.

نذير احمد “شاڪر” به پنهنجن ڪتابن تي ٺپو هڻندو آهي. مون هن کان پڇيو : “سائين نذير! غلام رسول مهر صاحب مرزا غالب جي شهرن جي شرح لکي هئي. اهو ڪتاب ڇپيو هو. ڏٺو ٿي؟”

“ ها.ها. بالڪل. اهو ڪتاب چڱو خاصو ٿلهو آهي. نيرو ٽائيٽل اٿس.”

“توهان وٽ آهي؟”

“هون” ائين چئي هو سوچ ۾ پئجي ويو ۽ مون سندس جواب کان اڳ چيو “شاڪر ميان! ڪتاب ڪنهن جو به نه هوندو آهي. ان جو پنهنجو سفر هوندو آهي. هاڻي ٻڌ! اهو تو وارو ڪتاب، جنهن تي تنهنجي نالي جو ٺپو لڳل آهي. مون وٽ آهي.”

“تو وٽ ڪيئن آيو؟” هن عجب مان پڇيو.

“مون اهو مرزا غالب جي شرح وارو ڪتاب، ٻه ٽي سال اڳ ڪراچيءَ جي ريگل چوڪ تي پراڻن ڪتابن جي لڳندڙ بازار مان ويهن روپين ۾ ورتو هو.”

“نه بابا!”

“نه ته ڇا!”

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليلا خالد: تاريخ جو بهادر ڪردار:حميده گهانگهرو

اها چوڻي مشهور آهي ته عورت نفيس، نازڪ، ڪمزور دل ۽ هيڻي هوندي آهي، اهو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے