23 آچر , سيپٽمبر 2018

مون کي انيتا ڏوڏيجا جي سچائي ۽ وفاداريءَ تي اعتماد هئو!:ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

2011ع دوران لوناولا ۾ هڪ سيمينار هئو، جو انيتا ڏوڏيجا ’ايس.ايس.سي. بورڊ،‘ پونا جي ’بورڊ آفيس اسٽيڊيز اِن سنڌي‘ جي ميٽنگ لاءِ چيو هئو. مون وري به کيس اُتان جي آفيسر گوورڌن سونا وني سان صلاح مصلحت لاءِ چيو ته جيڪڏهن  اهو پاڻ منهنجي ضرورت سمجهندو ته پوءِ ئي آءُ اُتي اچان!

تقدير منهنجي حق ۾ هئي. آءٌ انيتا جي پڪ ڏيارڻ تي ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيس ته سونا وني صاحب منهنجي تمام گهڻي عزت ڪري رهيو هئو. ان ڏينهن واري ميٽنگ ۾ به ڪو سائين ڪيئن مون کي وٺي آيو هئو؛ جو  ان ڏينهن بورڊ جي سيڪريٽريءَ اسان جي ‘بورڊ آف اسٽيڊيز اِن سنڌي‘ ۽ نائين ۽ يارهين درجي لاءِ ٺهندڙ سنڌي ڪتابن جي گڏيل ميٽنگ ۾ اهو اچي چيو ته بورڊ جي امتحانن ۾ سنڌي سبجيڪٽ لاءِ گهٽ شاگرد آهن؛ ان لاءِ هينئر اُهي ڪتاب ڪنهن به هڪ اسڪرپٽ، ’عربي-سنڌي‘ يا ’ديوناگري-سنڌيءَ‘ ۾ ڪڍيا وڃن!

اُن دور لاءِ اها منهنجي پهرين ميٽنگ هئي ۽ مون کي لڳو ته هنن همراهن کي خبر ئي ناهي ته ڇا جواب ڏجي. ائين به ٿي سگهيو پئي ته انهن مان هر هڪ پنهنجي ترجيح موجب سوچڻ شروع ڪيو هجي، ته ديوناگري يا عربي ڪهڙي اسڪرپٽ ۾ ڪتاب شايع ڪيا وڃن!پوءِ جيئن ئي سيڪريٽري صاحب ڳالهائي پورو ڪيو ته مون اشاري سان انيتا ڏوڏيجا (بورڊ ڪنوينر) کان اجازت وٺي هٿ مٿي کنيو ته مون کي ڳالهائڻ ڏنو وڃي!

انيتا ڏوڏيجا جو مون ۾ ڀرپور اعتماد هئو؛ ته آءٌ جيڪي به ڳالهائيندس، سو مناسب ئي هوندو! مون سيڪريٽري صاحب کان اجازت وٺي ڳالهائيندي کين ٻڌايو ته ڇهه ڏهاڪا اڳ مذهب جي بنياد تي هندوستان جي ورهاڱي سبب هڪ سنڌي هندو جاتي ئي ان جي خراب اثرات کان متاثر ٿي؛ جو پنجاب ۽ بنگال ته صوبائي سطح تي به اڌو اڌ ڪيا ويا؛ پر سنڌي هندن مٿان سوا سئو سالن کان آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندي به جهول ۾ کين ‘شرڻارٿي‘ (Refugee)  جي مهر لڳائي ويئي جڏهن ته ورهاڱي کان به اڳ پوري ‘انڊين نيشنل ڪانگريس ‘ جو پريزيدنٽ هڪ سنڌي هندو، آچاريه ڪرپالاڻي ۽ ورهاڱي کانپوءِ هندوستان جي پهرئين زراعتي وزير، جيرام داس دولترام باوجود به سنڌي جاتي هندوستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڀٽڪندي رهي! تعليمي درسگاهن اندر سنڌيءَ لاءِ ’عربي، فارسي‘ اسڪرپٽ برٽش دور ۾ 1853ع کان نافذ ڪيو ويو هو ۽ اسان جو سمورو معياري ادب پوءِ ئي ان عربي-سنڌي اسڪرپٽ ۾ شايع ٿيندو رهيو. پر بدنصيبيءَ سان هڪ صدي پوءِ وري جڏهن ڀارت جي آزادي ٿي ته هندوستان سرڪار طرفان 1949ع ۾ جي.آر. جاري ڪرائيندي سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ  ديوناگري اسڪرپٽ جي منظوري ڏني ويئي.

ان فيصلي سجاڳ سنڌي اديبن ۽ جاتيءَ جي گهڻگهرن کي ٿڏي تي ئي يڪمشت ڪيو. رام ڄيٺملاڻيءَ ڪورٽ جا دروازا کڙڪايا  ۽ جلد ئي صرف ٽن مهينن اندر سرڪار ٻنهي ڌرين کي راضي ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيون جي. آر.جاري ڪيو؛ جنهن موجب تعليمي درسگاهن اندر سنڌي سبجيڪٽ لاءِ عربي ۽ ديوناگري ٻنهي لپين جي منظوري ڏني  ويئي ۽ ان جي چونڊ جو حق شاگردن تي ڇڏيو ويو، ته اُهي پنهنجي پسند موجب جنهن به لپيءَ ۾ چاهين، امتحاني ڪاپيءَ ۾ پنهنجا جواب اُن مخصوص لپيءَ ۾ ڏيئي سگهن ٿا.

اڄ اسان جي ٻوليءَ کي عزت ڏيندي هندوستان جي مرڪزي سرڪار سنڌيءَ کي هڪ سرڪاري ٻوليءَ طور تسليم ڪيوآهي؛ پر ٻن اسڪرپٽس جي سوشي اسان جي ٻوليءَ کي وڏو دهرم رسايو ۽ تعليمي درسگاهن ۾ سنڌي سبجيڪٽ کي ته گهڻين ئي تڪليفن سان منهن ڏيڻو پيو.

اڄ اسان سان اهڙي ٽريجڊي آهي جو سنڌيءَ جو معياري ادب عربي-سنڌيءَ ۾ ميسر آهي پر سرڪاري جي.آر سبب ديوناگري-سنڌيءَ کي سپورٽ ملندي رهي آهي. هاڻ جيڪڏهن ڪنهن به هڪ اسڪرپٽ جي پابندي مڙهي ويندي ته اها هڪ ته مرڪزي سرڪار طرفان جاري ڪيل جي.آر. جي خلاف ورزي ٿيندي، جنهن ۾ ٻنهي لپين کي منظوري ڏني ويئي هئي ۽ ٻيو ته اڄ جيترا شاگرد اسين پنهنجي سبجيڪٽ ڏانهن آڻي ٿا سگهون؛ پوءِ اهي به ڪونه ملندا ۽ ٻولي ئي تڪليف ۾ اچي ويندي!

مون اُهو سڀ هڪ ٺهر سان ۽ آهسته آهسته پوري هائوس کي هڪ هڪ ڳالهه سمجهائيندي تاديب مان پنهنجي ڳالهه رکي. پوءِ ته سيڪريٽري صاحب جيڪو سيڙجي آيو هئو ته سنڌي لاءِ هڪ ئي لپي رکڻي آهي؛ ان کي پنهنجو ارادو واپس وٺڻو پيو ۽ پاڻ به خوشيءَ سان چيائين ته جيڪڏهن اهڙي ڳالهه آهي ته پوءِ اسين به سنڌيءَ کي تڪليف ڏيڻ ڪو نه چاهينداسين!

ڊاڪٽر انيتا ڏوڏيجا جيئن ته ممبئي يونيورسٽيءَ مان منهنجي ئي راهنمائي ۾ پي ايڇ.ڊي.(سنڌي) ڪيئي هئي، ته ان کي مون لاءِ ڏاڍو صدق هئو؛ وري جو ڏٺائين ته آفيسرن کان ڪم ڪيئن وٺجي؛ اُهو ڏانءُ ٻلديو مٽلاڻيءَ کي ٿورو گهڻو وڌيڪ ٿو اچي ته هوءَ مون تي ڏاڍو زور ڀرڻ لڳي ته جڏهن آءٌ اڳ به ’بورڊ آف اسٽيڊيز اِن سنڌي‘ ۾ ڪنوينر هوس، ته هاڻ به انيتا جي جاءِ تي اها ذميواري مان سنڀاليان!

مون کي انيتا ڏوڏيجا جي سچائي، سبجيڪٽ سان وفاداري ۽ مون لاءِ شرڌا ۾ ڀرپور اعتماد هئو؛ پر آءٌ ڀلا ڪيئن پئي احسان فراموش ٿي سگهيس؛ جو جنهن بورڊ مان اڃا ڇهه سال اڳ حرفتن جو شڪار ٿي مستعفيٰ ٿيو هوس؛ اُتي هاڻ پنهنجي ئي نيڪ اسٽوڊنٽ انيتا ڏوڏيجا کي دستبردار ڪرائيندي آءٌ اچي اُها ڪنوينر واري اعليٰ پوسٽ ماڻيان.

جيتوڻيڪ ان لاءِ مون کي بورڊ جي آفيسر گوورڌن سوناوني به ڏاڍو زور ڀريو؛ پر مون انيتا ڏوڏيجا جي عزت وڌائيندي سوناوني صاحب کي پڻ پڪ ڏياري ته مون کي صرف ڪنهن به ڪتاب جي ايڊيٽوريل بورڊ تي کنيو وڃي. هيءُ سڀ بورڊ جا ميمبر ۽ ‘ بورڊ آف اسٽڊيز اِن سنڌي‘ منهنجي پنهنجي آهي؛ آءٌ اڻ سڌيءَ طرح پنهنجو مڪمل سهيوگ ڏيندو رهندس ته جيئن هيءُ نوجوان پنهنجو هلندڙ ڪاريه اڃا به وڌيڪ برجستگيءَ سان هلائي سگهن! باقي مون کي اهو  ڪهڙي به صورت ۾ قابل قبول ڪونه هوندو ته آءٌ پنهنجي ئي نيڪ طالب علم ڊاڪٽر انيتا ڏوڏيجا کي دستبردار ڪرائيندي پاڻ اچي ان پوسٽ تي ويهان!

ائين ايڊيٽوريل بورڊ جون ميٽگس ٿينديون رهيون. پر اسان جي ان مهل واري ڪنوينر، ڊاڪٽر انيتا ڏوڏيجا لاءِ سولو ڪو نه هئو ته هوءَ آرام سان ۽ وفاداريءَ سان ’بورڊ آف اسٽيڊيز اِن سنڌي‘ لاءِ ڪنوينر شپ وارو پنهنجو ڪم ڪري سگهي!

ڇهه سال اڳ21 آڪٽوبر 2005ع تي جنهن قسم جي حالات سبب مون کي ان مهل ڪنوينر شپ تان استعفيٰ ڏيڻي پيئي هئي؛ هاڻ انيتا کي ته ڪجهه ان کان به وڌيڪ مشڪلات سان منهن پئي ڏيڻو پيو!

ڳالهه هيءَ هئي ته ايڊيٽوريل بورڊ ۾ بلڪل جمهوريت جي بالادستي هوندي اسين بحث مباحثي کانپوءِ جنهن به مضمون يا شعر کي وابسته ڪتاب  لاءِ چونڊ ڪندا هئاسين ته ڪجهه ميمبر اهڙا هئا؛ جيڪي ٻاهران وڃي ميٽنگ کانپوءِ چونڊ ٿيل مواد تي رايا وٺي ايندا هئا ۽ هر هڪ ميٽنگ جي شروعات ۾ پهرين گذريل ميٽنگ ۾ پاس ڪيل مواد کي رد ڪرڻ جي رٽ لڳائي ويندي هئي.

هوڏانهن بورڊ جي افسران جو اسان جي مٿان زور هئو ته نائون ۽ يارهون درجو، اُهي ٻيئي مينو اسڪرپٽ جلدي تيار ڪري ڏنا وڃن؛ ته جيئن پوءِ وري انهن جي پروف چيڪنگ ڪندي ايندڙ تعليمي سال شروع ٿيڻ کان اڳ اهي وابسته نوان ڪتاب مارڪيٽ ۾ آندا وڃن!

اهڙي هر هڪ ميٽنگ ۾ ٿيندڙ غير واجبي بحث کان اسان جي ڪنوينر ڊاڪٽر انيتا ڏوڏيجا سخت بيزار هوندي هئي. هوءَ بار بار مون کي ڪنوينر شپ قبول ڪرڻ لاءِ اصرار ڪندي رهندي هئي. جڏهن ته آءٌ بلڪل مضبوط هوس ته جن وجوهات کان مان تنگ اچي آءٌ اڳ مستعفيٰ ٿيو هوس؛ هاڻ انيتا کي انهن جو شڪار ٿيڻ نه ڏنو ويندو! ان جو حل اسين ائين ڪڍيوسين ته بورڊ کي هر هڪ سبجيڪٽ لاءِ پوءِ جڏهن ڪو-آرڊينيٽر کپندو هئو ته مون سوناوني صاحب ۽ انيتا ڏوڏيجا جي اها آڇ قبول ڪيئي.

آءٌ به جيتوڻيڪ ٻين عام انسان جيان آخر هڪ ڪمزور انسان هوس ۽ مان به ڪو آسمان مان ڪونه لٿو هوس؛ جو ميمبران کي گهران سوچي آيل غير واجبي ويچار ظاهر ڪرڻ تي کين سمجهائي سگهان. پر ان پوري عمل ۾ ڊاڪٽر انيتا ڏوڏيجا جو مون ۾ ڀرپور اعتماد هوندو هئو ته منهنجي راهنمائيءَ ۾ ئي صحيح ڪتاب تيار ڪري سگهبا!

’بورڊ آف اسٽڊيز اِن سنڌي‘ توڙي نائين ۽ يارهين درجي لاءِ سنڌي ڪتاب ٺاهڻ واري ايڊيٽوريل بورڊ جو ڪم Smoothly ڪونه هلي؛ ان لاءِ اسان جا پنهنجا ايڊيٽوريل بورڊ جا ميمبران ئي هر هڪ ميٽنگ کانپوءِ ٿيندڙ ٻين ميٽنگ لاءِ عجيب و غريب سوال کڻي ايندا  هئا.

هيڪر ٺاهيل مينو اسڪرپٽ مان ٻن وڏن سنڌي اديبن جا مضمون ڪڍڻ لاءِ چيو ويو؛ ڇو ته بلند پايه سنڌي ڪهاڻي نويس امر جليل ۽ مشهور و معروف سفرنامه نگار الطاف شيخ سونهاري سنڌ سان وابسته شخصيات هئا. جڏهن ته اسين پنهنجي ڪتابن کي معياري بڻائڻ لاءِ ئي اها سڀ ڪوشش ڪندا هئاسين. پر هر هڪ موڙ تي سائينءَ جي مهر هئي، جو هو پاڻ اچي اسان جي راهنمائي ڪندو هئو ۽ اسين انهن تمام غير واجبي اعتراضن کي رد ڪري سگهندا هئاسين. ان لاءِ منهنجو ٿورو گهڻو تجربو به ڪم اچي رهيو هئو. مون سالن کان ’ يونين پبلڪ سروس ڪميشن‘ ۾ ڪورس ٺاهيندي پنجابي ٻوليءَ جي ماهرن کان ٻڌو هئو، ته اُهي پنهنجي ڪورس کي معياري بڻائڻ  لاءِ پاڪستاني پنجاب جي شعراء حضرات جا انتهائي معياري ڪلام ’انڊين ايڊمنسٽريٽو سروسز‘ امتحان لاءِ مقرر ڪندا هئا؛ جو ادب ڪنهن به قسم جي ورهاست کي نه ته قبول ڪندو آهي ۽ نه ئي وڌڻ ڏيندو آهي!

ته اهڙا ڪجهه منهنجا ٺوس تجربات هئا؛ جو اسين به انهن غير واجبي بحث مباحثي کي رد ڪري سگهندا هئاسين. پر هيڪر ان سال نائين ۽ يارهين درجي وارا سنڌي ڪتاب ٺهي پورا ٿيا پوءِ ٻئين سال ته ڊاڪٽر انيتا ڏوڏيجا بورڊ جي ڪنوينر جي حيثيت ۾ اهڙن ميمبران کي ايڊيٽوريل بورڊ تي رکڻ کان ئي بس ڪري ڇڏي!

هي به ڏسي سگهو ٿا

”املهه موتين“ جهڙي گهڻ صلاحيتي ۽ گهڻ پاسائين شخصيت ”شبنم موتي“:سڪينه امام

شبنم موتي اصولي طور تي ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي، سنڌ جو ساڃاهه وند ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے