18 سومر , جون 2018

ڪهت ڪبير امرت وسي، هيرو نپجي:نوراحمد جنجهي

ڪبير ڀڳت جي شاعري جنهن خيال کي خومچو آڇي ٿي تنهن ۾  عشق، فطرت پسندي ۽ انسان دوستي مک نڪتا آهن. عشق جي ڳالهه ڪندي ڪبير ڀڳت پريم جي ”اڍائي اکرن“ پڙهڻ جي ترجيح نروار ڪري ٿو.فطرت پسنديءَ جي ڳالهه ڪندي، عام زندگيءَ جا مثال ڏيندي سمجهائي ٿو. انسان دوستي ته سندس سنيهي جو محور آهي. ڪبير جي سموري بيانيئي تي انسان ۽ انسانيت ڇانيل آهي. هو مذهبن کان اڳتي وڌي ڳالهه ڪري ٿو.ڪبير پنهنجي شاعريءَ ۾ طبقاتي ڳالهه به ڳائي آهي. ”ڪبيرواڻي“ جي مهاڳ ۾ علي سردار جعفري لکي ٿو،” مايا جڏهن سورنهن سينگار ڪري مست اکين واري لال تراڙ کڻي شاعر اڳيان اچي ٿي ۽ کيس پنهنجو ”ڀتار“ يعني ور چئي مخاطب ٿئي ٿي ته شاعروراڻيءَ ۾ ٽوڪيندي چوي ٿو”اسان جي ذات ڪوري آهي ۽ نالو ڪبيرآهي. اسان کان ته ڪڏهن ڪنهن پڇيو ناهي. توهان اُتي وڃو جتي تخت وڇايل آهن ، باغ سجايل آهن، اناج جا ٻورا ڀريل آهن، پٽ پٽيهر جي پالوٽ آهي. اگر ۽ چندن گاٺو پيو وڃي. اسان ڏانهن اچي ڇا ڪندئين. اسين ته ڪميڻي ذات سان تعلق رکون ٿا.“ ڪبير اظهاري ٿو؛

”راتي کهانڊي  ديکهه همارا سنگارو

سرگ لوک تهين هم چل آئي کرن کبير بهرتاري“

”سرگ لوک مين کيا دکهه پڙيا، تمهين آئي کل مانهين

جات جُلاها نام کبيرا، اج هون پتيجو ناهين

تهان جائو جهان پاٽ پٽمبر، اگر چندن گهس لينان

آئي هماري کها کروگي، هم تو جات کمينان“

هٿ ۾ تلوار، حسين روپ ٻئي ڇڪيندڙ روپ آهن پر ڪبيرانهن سان لالچائي نٿو. اُٽلندو ٽوڪي ٿو ته توکي ذهن (ڪل) ۾ ڇا آيو جو اسان گهٽ ذات وارن ڏانهن آئي آهين. اسين ته اُڻڪر ڪوري پورهيت آهيون. تون پنهنجو حسن ۽ هٿيار کڻي ، بادشاهن وٽ وڃ جتي پٽ پٽيهر ۽ ريشم اطلس وڇايل آهن. گلن ڦلن وارا باغ سجايل آهن. چندن ۽ اگر گاٺو وڃي پيو . اسان وٽ توکي اچي ڇا ملندو؟. ڪبير جو اهو رويو ”مايا ونت “ سماج ڏانهن آهي جنهن جي طبقاتيت جو بنياد رڱ ، نسل ، رت ۽ تلوار جي بنياد تي آهي. هو ڪائنات جي وسعت کي ذهن ۾ رکندي، انسانيت کي هڪ سمجهي ٿو  جنهن ۾ مالڪ پاران امرت آب حيات سدائين وسي رهيو آهي؛

امرت برسي هيرا نپجي

گهنٽ پڙي ڻکسال

کبير جلاها بهيا پارشو

انبهئه اُترپار

کبير هري رس يون پيا

باقي رهي نه تهاک

پاکا کلس کمهار کا

بهري نه چڙهئي چاک

امرت وسي رهيو آهي. هيرو نپجي رهيو آهي. ٽڪسال جو گهنڊ وڄي رهيو آهي. ڪبير ڪوري هيرن جواهرن جو پارکو بنجي ويو آهي. ڪنهن ڀئو کان  هن پار لهي پيو آهي. ڪبير هري رس يا  عشق جي اوت ايئن پيتي آهي جو هاڻي تاس باقي نه رهي آهي. ڪنڀار جو پچايل ڪونڀ ٻيهر چڪ تي نه چڙهندو آهي. فطرت جي اها امرت اوت سدائين جاري آهي. فطرت جي هيري سازيءَ جي ٽڪسال جو گهنڊ وڄي سڀني کي سجاڳ ڪري رهيو آهي. ڪبير ڪوري تڏهن پارکو ٿيو آهي جڏهن هن عشق جو آب حيات پيتو آهي. ڪبير پاڻ کي اهڙو ٻوليو سمجهي ٿو جيڪو سڀني جي ڳالهه ڪري ٿو پر کيس ڪير سُڃاڻي نٿو. سندس جٽادار شخصيت تي زمانن جو اثرنٿو ٿئي. هو پاڻ لاءِ چوي ٿو ته هو تڏهن به ڀلو هو ، هاڻي به ڀلو آهي . جڳن کانپوءِ به ايئن ئي هوندو. ڪلجڳ کوٽو زمانو آهي جڳ انڌو آهي شٻڌ (حق جو ٻول) جي ڪنهن کي ڄاڻ ناهي.هو اظهاري ٿو؛

هون تو سب هي کي کهون، موکون کوئو نه جان

تب هو بهلا اب بهي بهلا، جُگ جُگ هوئون نه آن

کل کهوڻا جگ آندهرا، سبد نه ماني کوءِ

جاهي کهون هت اپنا، سو اُڻهه بيري هوءِ

مس کاگج چهويو نهين، قلم گهي نهين بات

چاريو جُگ کو مهاتم مُکهه هي جنائي بات

بولي همري پورو کي، همين لکهي نهين کوءِ

هم کو تو سوئي لکهي، دُهر پورب کا هوءِ

ڪبير چوي ٿو ته  هو جنهن سان به ان جي فائدي جي ڳالهه ڪري ٿو اهوئي سندس ويري ٿي پوي ٿو.هو پاڻ کي اکرن ۾ اڙيل هجڻ جي پٽي پڙهيل هجڻ نٿو سمجهي. ڪاڳرڪور کيس نٿي اچي. مس ۽ ڪاغذ کي هٿ نه لاٿو اٿس. چئني جُڳن جي ڳالهه زباني بيان ڪئي اٿائين.پنهنجي ٻوليءَ بابت هو فرمائي ٿو ته اها پوربي آهي ان ڪري اسان تي ڪنهن جي اک نٿي ٻُڏي. اسان جو قدر اهوئي ڄاڻندو جيڪو بنياد کان ئي پورب جو هوندو. ڪبير ڪلجڳ جي کوٽائي، جڳ جي بي نور هجڻ ۽ پاڻ کي اڻ پڙهيو سمجهڻ جي ڳالهه ڳائي ٿو.

ڪبير کي قدرت جي سموري تحرڪ تي عجب به ٿئي ٿو . هو قدرت جي گت کي نياري گت (نوعيت) سمجهي ٿو.قدرت وارو راضي ٿئي ٿو تڏهن رولو فقير(رنڪ) کي راجا ڪريو ڇڏي. ڏمرجي ته ڏيهن تي راڄ ڪندڙن (ڀوپت)کي پينو فقير بنايو ڇڏي.اها سندس راند آهي جو لونگ ۾  ميوو نٿو لڳي ۽ چندن جهڙو سڳنڌ ڀريو وڻ بي گل آهي .قدرت چاهي ها ته ماڱرمڇ جهنگ ۾ گهمي ها ۽ شينهن ساگر۾ غوطا کائي ها. ريڙي جو وڻ چندن سان ڀرپور وڻراهه جو ڏونگر بنجي وڃي ها ۽ چئني طرفن سڳنڌ پکڙجي ها. انڌو به ڪائنات جي ٽن لوڪن (آسمان، ڌرتي ۽ پاتار) جو نظارو ڪري ها ۽ منڊو سمير جي ڏونگر(سون جو فرضي جبل، جبلن جو سرتاج) تان ڊوڙندي ٽپي وڃي ها۽ ٽنهي دنيائن ۾ اجهل گهمي ها. گونگو ماڻهو علم عرفان جون ڳالهيون ڪري ۽ انهد  جا ڳڻ ڳائي ها. آسمان کي پاتار وٽ رکي ته قدرت واري جي مرضي آهي ۽ شيش نانگ کي سرگ موڪلي سو به قدرت جو اختيار آهي. هو فرمائي ٿو؛

 

اودهو ! قدرت کي گت نياري

رنک نواج کري وه راجا، بهوپت کري بکهاري

يي ني لونگهه پهل نهين لاگي، چندن پهول  نه پهولي

مچهه شکاري رمي جنگل مين سنهه سمندر هي جهولي

ريڙا روکهه بهيا ملياگر، چهون دس پهوٽي باسا

تين لوک برهمانڊ کهنڊ مين، ديکهي اندهه تماسا

پنگل ميرو سمير اُلنگهي تربهون مکتا ڊولي

گونگا گيان وگيان پرکاسي، انهد باني  بولي

باندهه اکاس پتال پڻهاوي سيس سرگ پر راجي

کهي کبير رام هين راجا جو کچهه کرين سو چهاجي

 

اهڙي طرح قدرت جي ٻهڳڻائپ کي ڳائيندي، اهو سمجهائي ٿو ته اهو تنوع ماڻهن کي سمجهه ۾ نٿو اچي .اهي جيئن ڏسن ٿا تيئن سمجهن ٿا. پر اهو ان جي ڪري آهي جو فطرت مڙني شين جي ڀاڃ ايئن رکي آهي. رنڪ نوازجي ٿو ته راجا بنجي وڃي ٿو. راجا ڌڪارجي ٿو ته رنڪ ٿي پوي ٿو. ڪيترائي وڻ ٽڻ ٻوٽا آهن جن ۾ ڦر نٿو لڳي ته ڪي اهڙا آهن جن ۾ ڦُل نٿو لڳي پر پوءِ به انهن مان سڳنڌ سان سنسار واسجي ٿو. قدرت چاهي ها ته انهن شين جي رهڻي ڪهڻيءَ کي ڪنهن ٻئي نموني به رکي سگهي پئي. اها گهڻا گهڻي فطرت جي سونهن آهي. فطرت جي نيارپ کي سمجهڻ ضروري آهي. ڪبير فطرت جي نياري گت کي سمجهندي ذات پات  وساري ٿو. هو چوي ٿو ته اسانجي اُڻت ”شونيه“ يعني ”ٻُڙيءَ“ مان ٿي آهي ۽  جاري آهي. اسان جو ڪنهن سان به جهيڙو جهڳڙو نه رهيو آهي. پنڊت ۽ مُلان ٻنهي کي اسان ڇڏي ڏنو آهي. اُڻان ٿو ۽ اُڻي اُڻي پاڻ پهريان ٿو. جتي پاڻ کي گم سمجهان ٿو اُتي ڳايان ٿو. اسان پنڊت ۽ ملان جي لکت مان ڪجهه نه کنيو آهي. منهنجو هنيون خالي ۽ کلاس آهي يعني صاف آهي. هاڻي ڪبير ان ماڳ پهتو آهي جتان هو ڳوليو مس لڀندو. هو اهڙي خيال کي هن ريت اظهاري ٿو؛

اُلڻي جات کل دوئو بساري

سن سهج مهي بنت هماري

همرا جهگڙا رها نه کو و

پنڊت مُلا چهانڙي دوو

بُن بن آپ پهراوون

جهان نهين آپ تهان هوئي گاوون

پنڊت مُلا جو لکهه دييا

چهانڙي چلي هم کچهو نه ليا

ردي کهلاس نرکهه  لي ميرا

آج کهوج کهوج ملي کبيرا

ڪبير جو اهڙو بي ريا ۽ فطرت پسند سنيهو انسان دوستيءَ جي ڳالهه بيان ڪري ٿو. هو امرت جي ڳالهه ڪري ٿو. انسان پنهنجي عمل سان انسان بنجي ٿو . ذات پات ڪڙم قبيلو سڀ سُڃاڻپ لاءِ آهن. اهائي ڳالهه آهي جو هڪڙو ڪوري هيڏو وڏو پارکو بنجي وڃي ٿو ۽ ماڻهن کي ڏاهپ ڀريون ڳالهيون ٻُڌائڻ لڳي ٿو. هڪ دفعو جيڪو ٿانءُ ڪنڀار پچائي ٿو ان کي وري پچائڻ جي ضرورت ناهي. ڪبير ذات جي خول مان نڪري سڀ ۾ ملي وڃي ٿو. هو پاڻ کي ظاهري طور پڙهيل به نٿو سمجهي. ڪاغذ قلم ۽ مس کي به ويجهو نه ويو آهي پر چئني جُڳن جون ڳوڙهيون ڳالهيون زباني ٻُڌائي رهيو آهي. هو پنهنجي ٻوليءَ کي پوربي چوندي اهو چوي ٿو ته پوربي کي اهوئي سمجهي سگهندو جيڪو ڌُران پوربي هوندو. قدرت جي ٻهڳڻائپ جو بيان ڳائيندي هو ان سموريءَ جوڙجڪ کي فطرت جو جنسار سڏي ٿو جنهن کي قدرت جيئن ٺاهيو آهي تيئن هلي ٿو. ڪنهن ٻئي نموني قدرت ٺاهي ها ته اهو ان نموني هلي ها. اهي سڀئي ڳالهيون سمجهه جيون آهن. انسان کي قدرت جي نشانين بابت غور ڪرڻ گهرجي. اهڙي اونهي خيال سان ئي کيس فطرت جي رازن پروڙڻ جي واٽ ملندي. ڪبير پنهنجي هنن واڻين ۾ پوربي ٻولي استعمال ڪئي آهي. هن ڪجهه ڳوڙها لفظ به استعمال ڪيا آهن جيئن ؛ امرت (آب حيات)، ٽڪسال (ضربخانو) جلاهو (ڪوري، اُڻڪر)، ڪل (ڪلجڳ)، شبڌ(حق جو ٻول)، پورب (اولهه) ، رنڪ (رمتو فقير)، ٽي لوڪ (آسمان، ڌرتي، پاتار)، برهمانڊ (ڪائنات)، سمير(سون جو ڏونگر، خيالي ڏونگر، ڏونگرن جو بادشاه)، پرڪاشڻ (پرکڻ، پروڙڻ). انهن سمورن لفظن بابت الڳ تحقيق جي ضرورت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀني سان سٺا پير ڀريندڙ تاج جويي جو هڪ اتساهه پاسو

رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ آڳاٽي چوڻي آهي، شايد مُهاورو آهي ”پنهنجن سان  سٺا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے