24 سومر , سيپٽمبر 2018

سوجهري ۾ شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽيءَ تي ٿيل تنقيد ۽ ان جو رد عمل:مشتاق باگاڻي

سيپٽمبر 1974ع ۾ سوجهرو ۽ رشيد ڀٽيءَ  جو انٽرويو شايع ٿيو. جنهن ۾ هن چيو ته،

(1)            اديب کي سياسي طور جانبدار هئڻ گهرجي (2) نظريا ۽ اصول سونهن تي حاوي نه هئڻ گهرجن، ان ڪري نعري بازي نه هئڻ گهرجي (3) مونکي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به سماجي ٻنڌڻن جي روڪ نه رهي آهي. اديب کي گهرجي ته سماج جي سهي تصوير ڪشيءَ لاءِ اها ٻنڌڻن جي روڪ ٽوڙي ڇڏي. اديب جيڪي محسوس ڪري ان کي صداقت ۽ سچائيءَ سان بيان ڪرڻ گهرجي. سچ ۽ صداقت فنڪار لاءِ انتهائي ضروري آهن.“

ان کان علاوه هن جو خيال هو ته نيئن سنڌي شاعري اياز جو پڙاڏو آهي. ان انٽرويو جي رد عمل ۾ ذوالفقار راشدي هڪ مدلل مضمون لکيو جيڪو آڪٽور 1974ع واري سوجهري ۾ ادبي مسئلا / ڇنڊ ڇاڻ جي عنوان واري ڪالم ۾ شايع ٿيو. جنهن ۾ رشيد ڀٽيءَ تي تنقيد سان گڏ اياز کي به سڌو سئون ٽارگيٽ بڻايو ويو.

ذوالفقار راشدي بابت ٻڌائيندو هلان ته هو غزل جو بادشاهه شاعر هو. سڪمو، رعبدار مڙس هميشه مهڪندڙ ۽ مسڪرائيندڙ هي اڏول انسان پنهنجي مخصوص نظرئي ۽ پختي شاعريءَ جي ڪري ادبي حلقن ۾ پاڻ مڃائي چڪو هو. سوجهري ۾ ڇپيل سندس مضمون جا خاص نڪتا هي هئا. ”(1) رشيد ڀٽيءَ جي انهي ادبي فتويٰ سان اختلاف اٿم ته هرون ڀرون هر ڪنهن اديب لاءِ هڪ خاص قسم جي نظرئي سان ڳانڍاپو ۽ ان ڏانهن جانبداري لازمي آهي. (2) آسڪروائيلڊ جو قول ته،

“To reveal art and conceal the artist is the arts aim”

(3)     سموري نئين سنڌي شاعري اياز جو پڙاڏو ناهي (4) اياز گهڻا نوان لفظ، ترڪيبون، خيال، لاڙا ۽ گهاڙيٽا سنڌي ادب ۾ آندا آهن..؟ پر سنڌڙي جا ٻيا به ڪيترا ڪوي آهن جن وٽ پنهنجي سوچ، پنهنجو پورهيو، پنهنجي پنهنجي گهڙت ۽ اسٽائيل آهي ۽ اهي اياز جي ڪاربن ڪاپي هرگز ناهن سموري جديد سنڌي شاعريءَ کي اياز جي نگيٽو ڪاپي سڏي منهن پاسيرو ڪرڻ، سڄي جديد سنڌي شاعريءَ تي ڪارنهن رکڻي آهي، ( 5) ۽ اياز جي فن جو آئون عاشق آهيان مگر کيس سموري سنڌي شاعري ۾ وحد هو لاشريڪ لهه نٿو ڀانيان.

اياز تي تنقيد جا ڪيئي دور گذريا. رشيد احمد لاشاريءَ وارو دور، قربان علي بگٽي وارو دور وغيره، جنهن جي نتيجي ۾ کيس جيل به ڀوڳڻو پيو هو، تنقيد جو هي نئون دور سندس ئي مڪتب فڪر وارن اديبن طرفان شروع ڪيو ويو هو. جنهن ۾ سندس شاعريءَ جي مڃتا سان گڏ، نئين ٽهيءَ تي سندس ڇاپ جو انڪار ڪيو ويو هو. نومبر 1974ع واري سوجهري جي پرچي ۾ اديب مسئلا ڇنڊ ڇاڻ واري ڪالم ۾ سليم سولنگي، شيخ اياز۽ رشيد ڀٽيءَ جو دفاع ڪندي ذوالفقار راشديءَ جي جواب ۾ لکيو ته، ” (1) “ فن برائي فن “ بورجوا  ليکڪن جي ذهني نستائي ۽ ڀينگيائي جو اعلان آهي. (2) راشدي صاحب ، ” تو جا ڳالهه ڪئي سا ڪاناهه نئين “ هر بوجوا اديب شعوري ۽ لاشعوري طور تي اهڙيون ڳالهيون ڪندو آهي. (3) کيس اياز جي اڀري اچڻ ۾ ادبي “ سازش جو هٿ ڏسڻ ۾ ٿو اچي ۽ اياز جا خليفا ۽ ڇاڙتا ادبي پر مار آهن ! سليم سولنگي شيخ اياز جي شاعري بابت چند سوال اهڙا ڪيا جيڪي هيٺ ڏجن ٿا.

”ڇا اياز جي شاعريءَ ۾ بغاوت جي باهه ورهاڱي کان اڳ ڀڙڪانه ڏنا هئا ؟

ڇا هن جي سياسي سرت ۽ پختا نظريا گهڻو آڳاٽا نه آهن ؟   ڇا هن جي فن جي بلنديءَ جو سبب واضح سياسي نقطه نظر نه آهي ؟  ڇا هن سامراجي، فاشي پرماري يا ٻين ظالمن سان سوين ٽڪر نه کاڌا آهن ؟ ڇا هن ائين ناهي چيو ته،

” ڏات وڏي شئي ناهي،

پر سچ وڏي شئي آهي

۽ جو سچ مچائي مچ، سو مچ

وڏي شئي آهي“، سندس ، تصور جو کهنبو، زندگي جي ڪلهي ڦاٽل ڪنجري کي نٿو لڪائي سگهي“.  ڇا هن ”چمارن“ جا گيت نه ڳايا آهن؟ فني تجربن کانسواءِ ( ڇو ته اصل اهميت انهن جي ناهي ) اياز مظلوم قومن ۽ پيڙيل، ستايل، ڏکويل ۽ ڏجهايل طبقن جي ترجماني نه ڪئي آهي. اهو ئي سبب اهي جو هو هن وقت ادب جي آڪاش تي چوڏيهنءَ جي چنڊ جيان کڙيو بيٺو آهي. تارن کي پنهنجي جوت جهڪي ٿي ڏسجي ته ان ۾ چنڊ جو ڪهڙو قصور.“

ڊسمبر 1974ع واري پرچي ۾ خواجه سليم جو مضمون آيو. جنهن ۾ هن راشدي صاحب جي، اديب جي غير جانبداريءَ واري نظرئي جي جواب ۾ پنهنجي رومانٽڪ ٻوليءَ ۾ مضبوط دليل پيش ڪيا. رشيد ڀٽيءَ جي انٽرويو جي حمايت ڪئي ۽ شيخ اياز جو ڀرپور دفاع ڪيو، هن لکيو ته، ” خالص نجي غير جانبداري ناممڪن ۽ غير فطري شئي آهي. اها هڪ طرح جي ڀاڄ آهي، بزدلي ۽ ڪانئر تا آهي. مڃت آهي سچ سان اکيون نه ملائي سگهڻ جي. “ راشديءَ آسڪروائيلڊ جي جا چوڻي نقل ڪئي آهي سا وائيلڊ جي مڙني لکڻين جيان اڻ چٽن ۽ لفظن جي بازيگري play upon words آهي. “ راشديءَ کي گهڻي چڙڀٽيءَ جي لفظ سياسي تي لڳي آهي. جيڪڏهن ڀٽي رڳو جانبداريءَ جو لفظ ڪم آڻي ها ته شايد راشديءَ جو قلم حرڪت ۾ نه اچي ها.

اسانجا ڪي اديب سياست کان ائين ٽاهه کائيندا آهن. جيئن ملان سوشلزم کان حالانڪ اديب لاءِ سياسي غير جانبداري جو پرچار ڪرڻ به پنهنجي ڄاءِ تي سياسي جانبداري آهي.“ ” رشيد ڀٽي چوي نه چوي، ذوالفقار راشدي مڃي نه مڃي، جانبداري هر اديب ( ۽ هر سڄاڻ انسان) جي رت ۾ آهي، هو ان کانسواءِ رهي نٿو سگهي. ( پر ڌرتي ته گردش ڪري ٿي، گئليليئو.) ان کان علاوه خواجه سليم ساڳئي مضمون ۾ شيخ اياز جي دفاع ۾ جيڪي دليل ڏنا انهن مان چند نڪتا هيٺ ڏجن ٿا.

(1) هي جو شيخ اياز کي اڄوڪي سنڌ جو وڏو شاعر مڃيو ٿو وڃي سو ڇو؟ ڇا ان ڪري  ته هو ڪو عاليشان فنڪار آهي يا ڪو هن سنڌي ادب ۾ نوان نوان لفظ، ترڪيبون، خيال ۽ گهاڙيٽا آندا آهن.“ نه بلڪ ان لاءِ ته ” هن نئين پيڙهيءَ کي نوان رستا، نوان ڏس پنڌ ڏنا آهن،“ اهي نوان رستا ، نوان ڏس پنڌ وطن دوستي ۽ قومپرستيءَ جا آهن. جيڪڏهن اياز جي شاعريءَ مان قوميت وارو انگ ڪڍي ڇڏيو ته هو وڏو فنڪار، رهي نه رهي، وڏو شاعر نه رهندو. (2) ڪهڙو شاعر آهي، جنهن سنڌ جي گڏيل سوچ، تاريخ، ثقافت، ٻوليءَ جو ايترو اونهو، اصل مجذوبيت جي حد تائين، اڀياس ڪيو هجي جيترو اياز ؟ (3) اياز وٽ جو سنڌ جي سچ جو ادراڪ آهي، سو ئي کيس مهان ڪري ٿو. (4) ڀٽيءَ جي جنهن ٻي ڳالهه تي راشديءَ اعتراض ڪيو آهي تنهن ۾ آئون ٿوري ترميم ڪندس. “ سموري نه بلڪ گهڻي نئين سنڌي شاعري اياز جو پڙاڏو آهي.“

جنوري 1975ع واري سوجهري ۾ انيس انصاريءَ جو تنقيدي مضمون شايع ٿيو. جنهن ۾ هن راشدي صاحب سان سهمتي ڏيکاريندي ڪجهه وچٿري واٽ ورتي. البت خواجه سليم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي هن لکيو، ” نومبر 1974ع جي سوجهري ۾ خواجه سليم صاحب ته ساهت کي رڳو طبقاتي پروپيگنڊا جو ذريعو قرار ڏنو آهي پر منجس جا سونهن ۽ سوپيا آهن، هي ان تي ويچار ئي ڪو نه ڪيو اٿئين.“ شيخ اياز جي باري ۾ لکي ٿو،” سنڌي نظم ۽ نثر ۾ نئون موڙ شيخ اياز جي ادب جي ميدان ۾ اچڻ کان گهڻو اڳ آيو. گل ۽ قاسم جي صاف سنڌي تشبيهن موجوده سهڻي سٿري سنڌي ۾ غزل چوڻ جي پيڙهه وڌي. سانگي غزل کي داخلي توڙي خارجي جذبن ۽ احساسن جو ترجمان بنايو ۽ غزل ۾ سنڌ جي معاشي توڙي معاشرتي حالتن جي ترجماني ڪئي. شمس الدين بلبل ۽ محمد هاشم مخلص سنڌي شاعريءَ کي وقت جي حالتن موجب موڙيو، جوڙيو ۽ ان کي نئون ۽ نرالو رنگ ڏنو. شيخ اياز 1956ع کانپوءِ ادب جي آسمان ۾ آب ۽ تاب سان چمڪيو، جڏهن ته ماهي مهراڻ جي ٻئي دور جي پهرين پرچي ۾ ايڊيٽر جي هڪ نوٽ سان سندس سنڌي بيت شايع ڪيا ويا، ان نوٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته، شيخ اياز اردو زبان کي پنهنجي خيال جي اظهار جو ذريعو بنايو هو،پر  پوءِ سنڌي بيت جي سٽا کيس متاثر ڪيو، ۽ هن سنڌي بيتن ۾ پنهنجا خيال ظاهر ڪرڻ شروع ڪيا. “ هن وڌيڪ لکيو ته ” شيخ اياز سنڌ جي ادب ( نثر توڙي نظم ) جي پهرين صف جو اديب آهي پر هو سنڌي ساهت تي پهريون ۽ پويون اکر ڪو نه آهي، اهڙي طرح رشيد ڀٽيءَ به پنهنجي سورمي جي ساراهه ڀلي ڀت ڪئي آهي، پر جڏهن ڪنهن جوان  ان کان بغاوت ڪئي ته کيس رجعت پسند ۽ بور جوا لقب ڏنو ويو.“

فيبروري 1975ع واري سوجهري ۾ نور گهلوءَ رشيد ڀٽيءَ جي انٽرويو جو دفاع هنن لفظن ۾ ڪيو، ” راشدي صاحب کي ڀاءُ رشيد ڀٽيءَ جي انهن لفظن تي اعتراض آهي ته اديب کي سياسي طور جانبدار هئڻ گهرجي. مارچ 1975ع واري پرچي ۾ ديپڪ اترادي جو شيخ اياز ۽ سليم سولنگي تي تنقيدي مضمون شايع ٿيو، مضمون جا خاص نڪتا هي هئا. (1) چمارن جا گيت ته اياز ڳايا، کيس لک شابس، پرچمارن کي ڪهڙو فائدو ٿيو؟ اهو به ته سليم سولنگي صاحب کي لکڻ گهربو هو. (2) دراصل اياز پڻ بورجوا ليکڪن جي ذهنيت جي ترجماني ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اياز کي سنڌ جي اصل ۽ گهڻي عوام سڃاڻي ئي ڪو نه : بورجوا تخيل جي فلسفي کي اگر تچوڙي نتيجو ڪڍجي ته اياز جي زد کان بچي نٿو سگهي. سليم مارڪسوادي ٿي ڪري سڀ ڪجهه لکيو آهي پر پنهنجي ذاتي تاثرن ۽ راين کي فتوائن جي صورت ۾ لکڻ ته ذري گهٽ ڇسائپ آهي. (3) اياز اگر سچ چيو آهي ته مچ ڪٿي مچيو آهي، جو اسان چئون ٿا هاڻي ٺيڪ آ. ان مچ جو سيڪ ته صرف رشيد ڀٽي جهڙن مارڪسوادين تائين مس پهتو آهي. (4) اياز بلند فنڪار تڏهن آهي جڏهن بلندين تان هيٺ لهي ايندو. چمارن ۽ ستايل طبقن سان گڏجي بيهندو، تماشائي نه بنجندو ۽ گڏجي ڏک سور سهندو.“

اپريل 1975ع واري سوجهري جي پرچي ۾ وري ذوالفقار راشدي سامهون آيو. ڇنڊ ڇاڻ ۾ لکيائين، ” اڳ پڪ جهڙو گمان هئم پر هينئر پڪي پڪ اٿم ته اسانجا“ جانبدار“ ترقي پسند ايب ۽ پارکو به ٻانڀڻ وانگر ڪٽر، تنگ دل، تنگ نظر، فتويٰ باز ۽ گهٽ سوچيندڙ آهن.“ هن اڳتي لکيو ته ٻه ڀائر ( سليم ۽ سليم صاحب ) کليو کلايو جانبدار آهن. آسڪر وائيلڊ جو بچاءُ ڪندي هن جويي صاحب جو حوالو ڏيندي لکيو ته، سنڌي ادب ۾ ورهاڱي کانپوءِ ترقي پسنديءَ جي ابهمڙي کي پالي نپائي وڏو ڪرڻ واري محترم جويي صاحب ڇو سکڻي لغاظيءَ ۽ ڄاڙي ماريءَ سان ڀريل بورجوا وائيلڊ جا قول مهراڻ 1-1955 جي صفحي 75 تي نقل ڪيا آهن، هن ڪي سوال  اٿاريا ته، ڇا رشيد ڀٽيءَ جي هڪڙي اتاولي ۽ اٿاڇري راءِ کي برحق (Justified) ڪرڻ لاءِ جانبدارن وٽ ايترو قتلام جائز آهي؟ ڳالهه هي آهي ته جنهن کي به ” شاعري مڃبي انکي ” اياز“ جو پڙاڏو سڏڻ ” شاعر“ ۽ شاعريءَ جي تمام گهڻي گهٽتائي ۽ ذلت ڪرڻي آهي.“ ” غضب آهي جو جانبدار ڀائر هڪڙي سورمي کي پڏائڻ ۽ ٻين کي سندس پڙاڏو بنائڻ خاطر شاعريءَ جهڙي اوچي ۽ مقدس فن جي بيحرمتي گوارا ڪري رهيا آهن.

غير جانبداري بابت دليل ڏيندي هن وڌيڪ لکيو.” سڀني وحدت الوجوي صوفي جن ۾ منصور، بايزيد بسطامي، سرمد ۽ سچل سرمست به اچي وڃن ٿا غير جانبدار هئا ۽ مونکي ياد آهي ته اسانجا گهڻا ئي جانبدار ترقي پسند اديب حق پرستيءَ  ۽ حق گوئي جي هام هڻندي انهن بزرگن جا نالا علامت طور ڪتب آڻيندا ۽ پاڻ تي رکائيندا آهن.“ ” خواجا صاحب ! فلسفي جي ورن وڪڙن سان معاملي کي Mould ڪري پنهنجي مطلب تي آڻڻ، ادبي ديانتداري ته ناهي باقي جانبداري ضرور چئبي.“ هن طويل مضمون ۾ راشدي صاحب اڳي لکن ٿا،” چوٿون سوال آهي، اياز جي عظمت جو مان ته هن کي سندس سڀني فنڪارانه ۽ شاعرانه گڻن سميت عظيم مڃيو هو مگر ”جانبدار“ ڀائرن کي هن جا حصا پتيون جدا ڪري، ڪن حصن کي عظيم ۽ ڪن کي شايد حقير چوڻ جو شوق آهي، سولنگي هن کي ”چمارن جا گيت“ ڳائڻ ۽ ”سامراج سان وڙهڻ“ سبب اتم ڀانئي ٿو، ۽ ان جي بنهه ابتڙ خواجا وري اياز جي شاعريءَ ۾ مجذوئي (1) جي حدتائين قوميت جو انگ ڏسي کيس ”عظيم شاعر“ مڃي ٿو. جيڪڏهن عظمت رڳو ”طبقاتيت“ ( طبقاتي شعور ) سان ئي ٻڌل آهي ته پوءِ مخدوم محي الدين (سرخ سويرا وارو) جي شاعري ”فيض“ جي فن وانگر ڇو نه عظيم آهي.

خواجا سليم جي توصيف (Defienation)  مطابق اياز کي ”عظيم شاعر“ نه پر فقط ” قومي شاعر“ چوڻ کپي. گهڻي ڀاڱي اهڙي ساڳي ئي توصيف (Defination) جي آڌراتي جي ايم سيد صاحب ڀٽائيءَ کي ”قومي شاعر“ ڪوٺيو آهي (پيغام لطيف) جيتوڻيڪ جي ايم سيد ڀٽائيءَ جي ڪلام جي ٻين صفتن ۽ عظمتن کان به انڪار نه ڪيو آهي. مگر خواجا صاحب ته اياز جي وڏپ جو سارو مانڍاڻ ئي قوميت جي انگ ۾ ڏسي ٿو. ان ڪري نماڻائي سان عرض آهي ته ”قومي شاعر“ ۽ وڏو شاعر“ ٻه جدا لفظ ۽ لقب آهن. جيڪي هرون ڀرون هڪ معنيٰ ۾، هڪڙي ئي وقت هڪ ماڻهوءَ لاءِ ڪتب آڻي نٿا سگهجن، ضروري ناهي ته هرڪو وڏو شاعر لازمي طرح قومي شاعر هجي يا هرڪو قومي شاعر وڏو شاعر به چئي سگهجي وغيره.

هاڻي قارئين پاڻ اندازو لڳائين ته ايڏن وڏن شاعرن ۽ اديبن تي ڪيڏي بي رحم تنقيد ٿيندي رهي. اياز اهو سڀ ڪجهه پڙهندو ۽ ٻڌنڌو رهيو پر هن ان بحث ۾ حصو ڪو نه ورتو. نه ئي رشيد ڀٽيءَ ڪو وضاحتي مضمون لکيو. شيخ اياز 1975ع جي شروع کان حالتن جي زد ۾ رهيو ۽ خاموش رهيو. جيئن ” لڙيو سج لڪن ۾“ ناشر طرفان ڄاڻايو ويو. هن ڪتاب کي شاعر جي انتهائي نراسائيءَ جي ڪيفيت جو ترجمان ڪري پيش ڪيو ويو. شيخ اياز جي هن شعري مجموعي ” لڙيو سج لڪن ۾ ” جي پهرين وائي ان دور بابت گهڻو ڪجهه ٻڌائي ٿي:

ووڙيندي مون واٽ

لٿو سج لڪن ۾

چپر منجهه ڇپي ويا، اوٺين اوچا ڳاٽ

لٿو سج لڪن ۾

ڪيڏو اهکو پنڌهو، نه ڪا ڇانو نه ڇاٽ

لٿو سج لڪن ۾

انداهي ۽ اوجهرو، رهتو جيئڻ جاٽ

لٿو سج لڪن ۾

(شيخ اياز)

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليلا خالد: تاريخ جو بهادر ڪردار:حميده گهانگهرو

اها چوڻي مشهور آهي ته عورت نفيس، نازڪ، ڪمزور دل ۽ هيڻي هوندي آهي، اهو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے