23 ڇنڇر , جون 2018

نيوز : سوڀوديرو:ڳوٺاڻڻ ۽ شاگردن جو  استاد جي بدلي خلاف  پَٽَ تي ويهي احتجاج

سوڀوديرو ڀرسان ڳوٺاڻن ۽ شاگردن استاد جي بدلي خلاف  پَٽَ تي ويهي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ڳوٺ  نور محمد خاڪي جي رھواسين ۽ اسڪول جي شاگردن پريس ڪلب سوڀوديرو اڳيان پٽ تي ويھي احتجاجي مظاھرو ڪري استاد کپي کپي جا نعرا هنيا.

 ان موقعي تي  ڳوٺاڻن ۽ شاگردن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  پرائمري اسڪول ۾ 350 شاگرد آھن جتي صرف ٽي استاد آهن ،  انھن مان بھ  ھڪ استاد نورمحمد ڀيلار کي بدلي ڪيو ويو آھي جيڪو تعليم دشمن فيصلو آھي جنھن کي اسان ڪنھن بھ  صورت ۾ قبول نھ  ڪنداسين.

هنن تعليم جي صوبائي وزير ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ استاد نورمحمد ڀيلار جي بدلي روڪي ساڳي اسڪول ۾ مقرر ڪيو وڃي ۽ اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ سميت مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Hyderabad: The memorandum of Ahmed Kooja, a friend of the small kandel, Noor Ahmed Kooja

نيوز: حيدرآباد: ننڍي کنڊ جي ادب دوست شخصيت نور احمد کوجه جي ياد ۾ تقريب

حيدرآباد ۾ ننڍي کنڊ جي ادب دوست شخصيت نور احمد کوجه جي ياد ۾ تقريب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے