24 آچر , جون 2018

چنڊ تي 4جي انٽرنيٽ جون تياريون

برلن(ويب ڊيسڪ) هاڻي چند جي سطح تي به پهريون ڀيرو 4 جي موبائل انٽرنيٽ استعمال ڪئي ويندي جنهن جي ذريعي ايڇ ڊي ويڊيون کي لائيو نشر ڪرڻ ممڪن هوندو. هي نطام جرمن موبائل نيٽ ورڪ ووڊا فون ۽ ٽيڪنالوجي جي ڪمپني نوڪيا گڏيل طور تي تيار ڪندي جئين ته چنڊ تي انٽرنيٽ کي قابل بڻائڻ جي مشن جي معاونت ڪري سگهجي. هي ڪمپنيون  جرمني ۾ قائم اداري ”پي ٽي سائنس“ سان ملي ڪري ڪم ڪنديون جيڪي نجي طور تي 2019 ۾ چنڊ تي مشن موڪلڻ جو ارادو رکن ٿيون. ووڊا فون 4 جي جي انٽرنيٽ نيٽ ورڪ تيار ڪرڻ لاءِ پنهنجي خاصيت جو استعمال ڪندي جڏهن ته نوڪيا هڪ” اسپيس گريڊ“ تيار ڪندي جيڪا هلڪي هوندي ۽ ان جو وزن 2 پائونڊ کان به گهٽ هوندو.ووڊا فون پاران  4 جي جا سنگنلز نشر ڪرڻ ۽ چنڊ جي سطح جي پهرين لائيو ايڇ ڊي ويڊيو فيڊ موڪلڻ جي قابل ٿيڻ چاهي ٿي  جنهن جي ذريعي عالمي ناظرين لاءِ چنڊ تي هڪ گهري جاءِ جو لائيو منظر نشر ڪري سگهبو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Independent Calcutta Digital Body prepared by Medical College to launch the lotion

ميڊيڪل ڪاليج کي لاشن جي ضرورت کان آزاد ڪرائيندڙ ڊجيٽل لاش تيار

پيرس(ويب ڊيسڪ) ميڊيڪل ڪاليجن ۾ تجربن ۽ سرجري سکڻ لاءِ لاشن جي عطن جي هميشه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے