25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سياسي ڄنڊاپٽ جو نقصان به سياست کي ئي ٿيندو!

ملڪ جي اقتدار تي وفاق توڙي صوبن ۾ رهندڙ سياسي پارٽين جي هڪٻئي سان اکٻوٽ توڙي لفظي ڄنڊاپٽ جاري آهي، جنهن ڪري سياسي پارٽين جو عام طور ۽ سياست جو خاص طور وڏو نقصان ٿي رهيو آهي، ان نقصان جي باري ۾ نه ڪنهن کي اون آهي ۽ نه ئي پرواهه آهي. عدالتي فيصلن جي ڪري تبديل ٿيندڙ سياسي اڳواڻي کان ويندي هر اڳواڻ پٺيان جيڪا پوليس پئي آهي تنهن لاءِ ٻي پارٽي جو رڳو ايترو خيال بچيو آهي ته ” مان بچيل آهيان“ جڏهن ته انهن کي ان ڳالهه جو احساس ئي ڪونهي ته اهو سراسري طور ڪيئن سياست جو، سياسي سسٽم جو ۽ سياسي پارٽين جو نقصان ٿي رهيو آهي. ظاهر آهي ته سياسي پارٽين جي نقصان جي ڪري جيڪا وٿي بچندي يا جيڪي خال پيدا ٿيندا انهن کي سياسي نظام ڀرڻ جي اهل ئي نه رهندو ته نوان نوان غيرسياسي فيڪٽر ۽ انهن نرسري نوان نوان گئونچ پيدا ڪندي جنهن سان منهن ڏيڻ ڪنهن جي وس ۾ نه رهندو.

مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪي پي ڪي حڪومت 100 ارب لڳائي به ميٽرو منصوبو ناهي بڻائي سگهي جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف پنجاب کي ماڊل صوبو بڻايو ۽ روڊن جو ڄار وڇايو. تفصيل موجب پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته اسان جي سربراهه نواز شريف ڪنهن کي گار ڏيڻ ناهي سيکاريو، ميان صاحب ملڪ ۾ ترقي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ مٿس هڪ رپئي جي به ڪرپشن جو الزام ثابت ناهي ٿيو. هن چيو ته اڳوڻي وزير اعظم ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، اقتصادي راهداري جو تحفو ڏنو ۽ هو اڄ به عوام جي ووٽ جي جنگ وڙهي رهيو آهي.

خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بااثر خاندان جو احتساب ٿي رهيو آهي، وقت اچي ويو آهي ته ارب پتي چور جيل ۾ وڃن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز خٽڪ چيو ته نواز شريف کان پوءِ هاڻ شهباز شريف جو وارو آهي، پاڪستان جي ستر سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بااثر خاندان قانون جي پڪڙ ۾ آيو آهي. هن چيو ته ان کان پهرين رڳو لکين رپين جي چوريون ڪندڙ جيلن ۾ ويندا هئا هاڻ وقت اچي ويو آهي ته ارب پتي چور به جيلن جي هوا کائين. هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته عمران خان اليڪشن لاءِ نئين چونڊ منشور تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، سڄو ملڪ خيبرپختونخواهه جي ترقي ڏسي نظام کي تبديلي جو نعرو هڻي رهيو آهي.

خميس پهرين مارچ  2018ع،  12 جمادي الثاني 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت کي عوام جي اميدن تي پورو لهڻ گهرجي

پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ کانپوءِ عوام جون تمام گهڻيون اميدون ان سان سلهاڙجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے