24 آچر , جون 2018

مذهب جو احترام سڀ کان اول پر پاليسين جو ڇا ٿيندو؟

جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان آمريڪي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار مولانا فضل الرحمان پيغام اسلام يوٿ ڪنونشن سان خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مسجدن ۽ مدرسن جو خاتمو ڪرڻ اولهه جي سياسي ايجنڊا آهي، اسلام کي ختم ڪرڻ اولهه جي ايجنڊا آهن، پر اسان ان سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته پاڪستان جو عوام ڄاڻي ٿو ته جي يو آءِ جو مقام ڪهڙو آهي، جي يو آءِ جڏهن به ڳالهائيندي آهي مسلمان امت جي ڳالهه ڪندي آهي، اسان پاڪستان ۾ سرگرم اسلام مخالف قوتن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. هن پنهنجن مخالفن تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪجهه ماڻهن دعويٰ ڪئي ته اها نوجوانن جي پارٽي آهي، پر دعويدارن جو موجوده منظر ڪا ٻئي ڪهاڻي بيان ڪري رهيو آهي.  اسان سان اهو طبقو سلهاڙيل آهي جيڪو ديني جذبا رکي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته هڪ نظرياتي جنگ وڙهي رهيا آهيان، جنهن ۾ اسان ئي کٽنداسين.

مولانا صاحب هجي يا ڪوبه سياسي مذهبي اڳواڻ انهن کي ڪنهن به حالت ۾ عقيدي جي حوالي سان ايتري سنجيدگي ڏيکارڻ گهرجي پر گڏوگڏ ان ڳالهه کي به اڳيان رکڻو پوندو ته انهن سمورين مذهبي سياسي پارٽي اڳواڻن جي پاليسين جا مذهب يا عقيدن تي ڪهڙا اگرا اثر پيا آهن ۽ ملڪ اندر جيڪي به اثر پيا آهن انهن ۾ انهن پاليسين جو ڪيترو هٿ آهي؟ وقت اچي ويو آهي ته سموريون مذهبي پارٽيون پڻ ان باري ۾ سنجيدگي سان سوچي ڪي هاڪاري ڪم ڪن ۽ قدم کڻن،

خميس پهرين مارچ  2018ع،  12 جمادي الثاني 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊن کان اڳ ڪامور ا شاهيءَ جون وڏي پئماني تي ٿيل بدليون

سرڪاري ملازم لاءِ اصول ته اهو هوندو آهي ته اهو شخصيتن جي تابع ٿيڻ بدران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے