25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز : سوڀو ديرو: اسڪول جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي فرار ٿيل ٺيڪيدار خلاف احتجاج ، علمي سرگرميون سخت متاثر

*سوڀو ديرو ويجهو  اسڪول جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي فرار ٿيل ٺيڪيدار خلاف احتجاج ڪيو ويو.

گورنمينٽ پرائمري اسڪول زنوار سليمان چنو جي شاگردن ۽ شاگردياڻين   هيڊماستر لالڻ چنا جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي ھيڊ ماستر لالڻ چنا ٻڌايو ته  اسڪول جي بلڊنگ جا ڪمرا زبون حال هئا، اسڪول جي نئين عمارت جو 33 لکن جو ٺيڪو  منور پٺاڻ کي ڏنو ويو جيڪو ڊي پي سي تائين ڪم ڪرائي رقم ڳڙڪائي فرار ٿي ويو.

هنن ٻڌايو ته  ٺيڪيدار جي فرار ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو جيڪا خبر عوامي آواز ۾ شايع ٿيڻ بعد چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪراچي 20 نومبر 2017 جي عوامي آواز جي خبر تي  نوٽيس ورتو

هنن ٻڌايو ته عدالتي نوٽيس بعد سول جج سوڀوديرو  ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ اسڪول جو  اڌ       ۾ رڪيل ڪم ڏسڻ لاءِ پهتا، پر ڪو به کڙتيل نه نڪتو.

علائقي واسين چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪئي   ته ٺيڪيدار خلاف ڪاروائي ڪري اسڪول جي عمارت  جو ڪم مڪمل ڪرايو وڃي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

Bandhi

نيوز | ٻانڌي: جمالي برادري جي ماڻهن پاران گهر کي باهه ڏيندڙ جوابدارن خلاف احتجاج

ٻانڌي ۾ جمالي برادري جي ماڻهن پاران گهر کي باهه ڏيندڙ جوابدارن خلاف احتجاج ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے