23 آچر , سيپٽمبر 2018

کلڻ منع آهي

پڙهائي

ڇوڪري وارا پنهنجي پٽ جي رشتي لاءِ هڪ ڇوڪريءَ جي گهر ويا. ڇوڪريءَ وارن صاف جواب ڏئي ڇڏيو. ” اسان جي ڌيءَ اڃا پڙهي رهي آهي، هاڻي اسان سندس شادي نه ٿا ڪري سگهون“

ڇوڪري وارن چيو ” ٺيڪ ها ڪا ڳالهه ڪونهي، هن وقت اُن کي پڙهڻ ڏيو اسان ٻن ڪلاڪن کان پوءِ اينداسين.

بيوقوف

ٻه مکيون ڇت تي گهمي رهيون هيون.

هڪ چيو ” اهي انسان ڪيترا بيوقوف آهن، ڪيڏا پئسا خرچ ڪري ڇتون ٺهرائيندا آهن، پر گهمندا فرش تي آهن.“

فن جي فيس

مئجسٽريٽ (جيب ڪتري سان) ” تو هن جو ٻٽون ڪيئن ڪڍيو جو هن کي بلڪل ئي خبر نه پئي“

جوابدار: ”سائين ! ان فن کي سيکارڻ جي فيس پنج سئو رپيا آهي.

پاڙيسريءَ جو ڪتو

هڪ ٻار گهٽي ۾ راند کيڏي رهيو هو. ويجهي گهر کان هڪ ڪتو نڪتو ۽ سندس پير چٽڻ لڳو. ٻار روئيندو گهر آيو.

ماءُ پڇيو” ڇو روئي رهيو آهين، ڪٿي پاڙيسري جي ڪتي ته توکي چڪ ناهي هنيو؟

ٻار ” اڃا ته هن  زبان سان منهنجي پير کي چکيو، پوءِ چڪ به هڻي وٺندو.“

حيرت جي ڳالهه

مريض ڊاڪٽر کان:” ڊاڪٽر صاحب! مونکي آواز ٻڌڻ ته اچي ٿو، پر ڪير به نظر نه ٿو اچي“

ڊاڪٽر حيرت سان ” ايئن ڪڏهن ٿيندو آهي؟“

مريضن ” فون تي ڳالهائيندي“

خاص ڏينهن

ٻه بيوقوف پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا، پهرين چيو ” ڇا توکي خبر آهي ته قيامت جي ايندڙ ڏينهن اخبار ۾ ڇا خبر ڇپجندي؟“

ٻين چيو ” تون مونکي بيوقوف نه سمجهه، هر خاص ڏينهن جي ايندڙ ڏينهن اخبار جي موڪل  هوندي آهي“

سائنس جي ترقي

هڪ ڳوٺاڻو بس جي ڇت تي ويهي ڪراچي کان پشاور اچي رهيو هو، رستي ۾ گاڏي بيٺي ته کاڌو کائڻ کانپوءِ هو غلطي سان پشاور کان ڪراچي ويندڙ بس جي ڇت تي ويهي رهيو. ٿورڙي دير کانپوءِ هيٺ ليئو پائو هڪ ماڻهو کان پڇيائين ” سائين اوهان ڪاڏي وڃي رهيا آهيو؟“

مسافر جواب ڏنو” ڪراچي“

ڳوٺاڻي حيران ٿي چيو ” واھ سائين سائنس ڪيتري ترقي ڪري ورتي آهي مٿي وارو پشاور وڃي رهيو ۽ هيٺيون وارو ڪراچي.

ڪهڙو فائدو

ماهر نفسيات (مريض کان): مبارڪ هجئي، اوهان جو علاج مڪمل ٿي چڪو آهي، هاڻي اوهان بلڪل ٺيڪ آهيو.

مريض ” اهڙي علاج جو ڪهڙو فائدو،  تون وٽ اچڻ کان اڳ مان آمريڪا جو صدر هئس، هاڻي هڪ عام ماڻهو آهيان.

 

 

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے