23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز : ڏهرڪي:پي ايس 7 تي پ پ اميدوار باري پتافي ۽ فنڪشنل ليگ ميان مجن  وچ ۾ سخت مقابلي جا امڪان

*ڏهرڪي  ۾ احمد علي پتافي جي فوت ٿيڻ بعد خالي ٿيل سيٽ پي ايس 7 تي 5 مارچ تي رٿيل ننڍي  چونڊ  ۾ ڪاميابي لاءِ ٻنهي ڌرين پاران نهن چوٽي جو زور لڳايو پيو وڃي.

پي ايس ست تي پ پ اميدوار باري پتافي ۽ فنڪشنل ليگ جي ڀرچونڊي پير ميان عبالمالڪ عرف ميان مجن وچ ۾ سخت مقابلي جا امڪان آهن

باري پتافي کي پيپلز پارٽي جي خالد احمد لنڊ صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، محمد بخش  مهر ۽ ٻين جي حمايت حاصل آهي .

فنڪشنل ليگ جي اميدوار ميان مجن کي مهر سردار کان سواءِ مهر گروپ جي ننڍن وڏن اڳواڻن ڪارڪنن، ايس ٽي پي جي  مرڪزي وائيس چيئرمن ڄام فتاح سميجو ن ليگ جي ميان رحمت الله قادري  ۽ ٻين جي حمايت حاصل آهي .

پيپلز پارٽي جي اميدوار باري پتافي چونڊ مهم ۾ شهر توڙي ٻهراڙين اندر پنهنجي والد جي دور ۾ ترقياتي ڪم ڪرڻ جو حوالو ڏيئي رهيو آهي ۽ چئي رهيو آهي ته ڪيترن ڪمن جا ٽينڊر ٿي ويا آهن ۽ ڪم ٿي رهيا آهن، جيڪي نظر ڪونه ٿا اچن.

فنڪشنل اميدوار چئي رهيو آهي ته هي ووٽ صرف ٽن مهينن لاءِ آهي هن ووٽ سان تبديلي اچي رهي آهي ۽ پي ايس ست جو عوام ثابت ڪندو ته عوام پي پي کان بيزار آهي پي پي وارن گذريل ڏهن سالن ۾ ڪرپشن کان سواءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے