24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز | ٽنڊي آدم  ڀرسان ڪار ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ پورهيت فوت، 4 ڄڻا زخمي

ٽندي آدم لڳ ڄاڃين  جي ڪار، ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، حادثي ۾ ڪار ڊرائيور فوت ۽ 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا

ريسڪيو ذريعن موجب ونگي واٽر وٽ ڪار ۽ تيز رفتار ٽرالر وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 32 ورهين جو ٽيڪسي ڊرائيور  وسيم راڄپوت موقعي تي فوت ٿي ويو

 ريسڪيو ذريعن موجب حادثي ۾ عرفان راجپوت ، نعمان ، عمران شهباز راجپوت زخمي ٿي پيا جن کي تعلقي اسپتال پهچايو ويو ، جتي  کين طبي امداد ڏني وئي

ريسڪيو ذريعن موجب  فوتي ۽ زخمي شادي جي ڪاڄ ۾ شرڪت لاءِ ٻيراڻي کان ٽنڊوالهيار وڃي رهيا هئا ته  حادثو پيش آيو

زخمين مان ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کين حيدر آباد اسپتال منتقل ڪيو ويو، فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد: چيني واپاري پاران شهر ۾ سڌي ريت واپار ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد شاهد ۽ چائنا جي صنعتڪار جانگ يانگ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے