23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز | ٽنڊو آدم ويجهو جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ زال  ۽ ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو

ٽنڊي آدم ۾ جوابدار ڪارنهن جي الزام ۾ پنهنجي گهرواريءَ ۽ ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

ڳوٺ مير محمد خيبر ۾ جوابدار عبدالرحمان خيبر پنهنجي 24 ورهين جي زال انو ۽ ڀيڻ حسن بانو کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو.

اطلاع ملڻ تي اي ايس پي شهدادپور جهانگير وٽ مقتول عورتن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا، جتي پوسٽ مارٽم بعد وراث لاش کڻائي ويا.

رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي ٽنڊو آدم محمد ايوب ٻڌايو ته واقعو ٽنڊي آدم جي تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ ٿيو، جوابدار فرار آهي پر کيس جلد گرفتار ڪيو ويندو.

هن چيو ته واقعي ڪيس اڃا داخل نه ڪرايو ويو آهي، مقتول عورتن جا وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.

هوڏانهن ٻن عورتن جي قتل سبب ڳوٺ ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے