24 آچر , جون 2018

نيوز : ڪنب: سماجي تنظيم پاران هارين جي حقن ۽ ترقي لاءِ هاري ميلو لڳايو ويو

ڪنب ۾ سماجي تنظيم پاران هارين جي حقن ۽ ترقي لاءِ هاري ميلو لڳايو ويو، جنهن ۾ شهرين توڙي سياسي سماجي تنظيمن جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ڳوٺ عارب سولنگي ۾ لڳايل ميلي کي مهمان خاص منور علي وساڻ خطاب ڪندي چيو تھ ضلعي خيرپور ۾ ھارين کي ترقي وٺرائڻ لاءِ هي ميلو لڳايو ويو آهي ، جيڪو هارين جي ترقي لاءِ  بهترين قدم ثابت ٿيندو .

 هن چيو تھ خيرپور ضلعي ۾ عورتن لاءِ ھنري اسڪول کوليا ويندا، جنهن ۾ عورتن کي ڪڙهائي ، ڀرٿُ ، رِليون،  اجرڪ ۽  ٽوپيون ٺاھڻ جي سکيا ڏني ويندي.

  ان موقعي تي منور علي وساڻ عارب سولنگي جي سماجي تنظيم جي آفيس ۽   سکيا اسڪول  جي بلڊنگ کي چارديواري ۽ سولر سسٽم ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو .

تقريب جي پڄاڻي تي   مهمان خاص سکيا حاصل ڪندڙ عورتن ۾ شيلڊون ۽  سرٽيفڪيٽ پڻ ورھايا….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Dad Laghari: Halar patafi arranged gathering, satisfaction by community

منجهند ٽي وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-06-24

*پ پ جا اميدوار فائنل، اڄ کان ٽڪيٽ جي ورڇ شروع ٿيندي *پڙهو ڪرپٽ حڪمرانن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے