20 سومر , آگسٽ 2018

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي مزاحمتي شاعري جو امام هو: تاج بلوچ

ڪراچي ( ٽي وي نيوز ) سينئر اديب، شاعر ۽ نقاد تاج بلوچ چيو آهي ته ورهاڱي کانپوءِ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ئي مزاحمتي شاعري جو باني ۽ امام رهيو آهي، اهڙو اظهار هن عوامي آواز ٽي وي جي ادبي پروگرام تخليق ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سڀاڻي 21 مئي تي ٿيندڙ 46 هين ورسي جي موقعي تي سندس ادبي ۽ شاعري واري پهلوءَ تي ميزبابن زرار پيرزادي سان ڳالهائيندي ڪيو، تاج بلوچ چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي شاعري ۾ تحريڪي پس منظر ملي ٿو، سندس نظم ” جئي سنڌ “ ته ڄڻ سنڌ جو منشور آهي، هن جي سياسي جدوجهد توڙي ادبي فڪر ۾ مظلوم طبقي ۽ هارين جي حقن ، سامراج دشمن ۽ وڏيرا شاهي خلاف جاکوڙ ملي ٿي، هن چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي تمام گهڻو پڙهيل لکيل ۽ باشعور هو ۽ اهو شعور هن عوام کي به پنهنجي ادب ذريعي ڏنو، تاج بلوچ چيو ته بک، مفلسي، تنگ دستي ۽ سياسي جبر کي ڪامريڊ نه رڳو پاڻ ڀوڳيو، پر ان جو شاعري ۾ ڀرپور نموني اظهار به ڪيو، هن چيو ته افسوس ته حيدر بخش جتوئي جي مزاحمت کي عوامي موٽ نه ملي سگهي، هڪ سوال جي جواب ۾ تاج بلوچ چيو ته جئين ته اڄ تحريڪون ناهن رهيون ، تنهن ڪري ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي مزاحمتي شاعري وارو پهلو دٻجي ويو آهي، نامياري اديب ۽ محقق شير مهراڻي ءَ چيو ته ڪامريڊ حيد بخش جتوئي جي شاعري ۾ سنڌ جي سياسي، ثقافتي ۽ جاگرفياڻي عڪس ملي ٿو، هو انقلابي ماڻهو هو تنهن ڪري سندس شاعري جو محور انقلاب هو، سڄاڻ شاعر ادل سولنگيءَ چيو ته ڪامريڊ پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جي انهن پاسن کي ڇهيو ۽ محفوظ ڪيو آهي جيڪي اسان جي جياپي جو مک ڪارڻ آهن، ڪامريڊ پنهنجي شاعري ۾ هارين ۽ مظلومن جي ترجماني ملي ٿي، ادل سولنگيءَ ان موقعي تي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جا ٻه شاهڪار نظم ” جيئي سنڌ “ درياهه بادشاهه پڙهي پروگرام کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Badin: Notice took by judge of the Zahida Jutt case, Report required by SSP Badin

نيوز: بدين: نينگري زاهده جت جي  خبر جو عدالت نوٽيس ورتو ،ايس ايس پي بدين کان رپورٽ طلب

*بدين ۾ عوامي آواز اخبار  ۽ عوامي آواز ٽي وي تي نينگري زاهده جت جي  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے