25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

هيءَ آهي ايڪويهين صدي ۾ امڙ جي حيثيت!!

نذير  سومرو

بي بي سي جي هڪ خبر روئاري وڌو. هونئن ته هاڻي ڪا خوشيءَ جي خبر، کلائيندڙ خبر جو ڏڪر ٿي ويو آهي خاص طور اسان جي ملڪ، عام طور اسان جي هن دنيا جي گولي تي. سرمائيدار دنيا ماڻهن جي مُکن تان کِلون کسي ورتيون آهن. (ڪڏهن ٽائيم ملي ته هن سموري صورتحال جي سببن تي غور ڪجو، سرمائيداري ئي سبب هوندو سڀني عذابن جو جنهن اها پوزيشن ڏني آهي، هن دنيا کي جتي کلڻ هاڻي ڪو خواب لڳي ٿو) اخبار هجي يا اليڪٽرانڪ ميڊيا يا وري سوشل ميڊيا، ڏسڻ/ٻڌڻ سان هواس ڪم ڇڏي وڃن ٿا. باور ٿئي ٿو ته اسين ڪنهن آفريڪا جي جهنگلن ۾ رهندڙ وحشي قوم جو حصو آهيون. اگهاڙا بدن پنهنجي بت تي ڀوائتا ليڪا پائي، هٿن ۾ تکا تير کڻي چيرڻ ڦاڙڻ لاءِ اسان ڏانهن وڌن ٿا. اخبار تي پهرئين نظر مايوس ڪري ڇڏي ٿي.

بي بي سيءَ جي خبر آهي ته انڊيا جي هڪ رياست ۾ پنجهٺ سالن جي پيرسن عورت ۽ ان جي پنجٽيهن سالن جي ڌيءُ کي ڏائڻ سمجهيو ويو. انهن کي پيشاب پيئاريو ويو، انساني فضلو کارايو ويو، انهن جا ڪپڙا ڦاڙيا ويا ۽ کين اگهاڙو گهمايو ويو. اهي هر ايندڙ ويندڙ ڏانهن واجهائينديون رهيون پر انهن جي مدد لاءِ ڪوبه ڪونه آيو.

هيءَ ايڪويهين صدي آهي. انسان جو چنڊ تائين پهچڻ هاڻي پراڻو ٿي چڪو، ان جو مريخ ڏانهن سفر هاڻي موضوع جو بحث به ڪونهي. ڪمپيوٽر گهر گهر اچي ويو. ٻار به ونڊوز هلائي رهيا آهن پر هر جنگ هارائڻ باوجود عقيدي جي انڌن تي ڪو اثر ڪونه پيو اهي سمم بڪمم ئي رهيا (۽ رهندا) هر ملڪ (مختلف روپن ۾) ۾ وتن ٿا درندن وانگر ٿونا هڻندا.

انسان هجي يا ڪو به ساهوارو، ان جو پهريون محبوب امڙ هوندي آهي. اها امڙ جيڪا ڏهه مهينا هن کي اندر ۾ سانڍي ٿي، ان کي پهرئين چمي ڏئي ٿي. دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وفادار رشتو سمجهيو ويندو رهيو آهي امڙ جو. امڙ جيڪو پهريون سهارو هجي ٿو هر ان ساهواري جو جيڪو هن ڌرتيءَ تي پنهنجي حصي جي مليل زندگي گهارڻ آيو آهي. انسان جون امڙيون ته هن کي تاتي نپائي وڏو ڪن ٿيون پر جانورن جون امڙيون ان جي سموري بت کي زبان سان چٽي جلا بخشين ٿيون. سائنسي تحقيق موجب اهو چٽڻ ئي هن کي اٿي بيهڻ قابل بڻائي ٿو. امڙ جيڪا ڪريئيشن جو اهڃاڻ رهي آهي. دجلا جي تهذيب هجي، يا مصر جي. سنڌوءَ جي تهذيب هجي يا آفريڪا جي. عورت جون مورتيون تخليق جي سيمبول طور ئي مليون آهن.

هڪڙي فلاسافر چيو آهي ته امڙ جي پيٽ ۾ ٻار ساهه پوڻ کان پوءِ جڏهن پهريون دفعو چرپر ڪندو آهي، اڌمو کائيندو آهي ۽ هوءَ ان اوچتي چرڻ تي ڊڄي ويندي آهي ان پهرئين چرپر جي نتيجي ۾ ڊڄڻ جو حق پوري زندگي سندس خدمتون ڪري به لاهي ڪونه ٿو سگهجي. امڙ جيڪا اولاد جي سموري بت تي چميون ڏئي ٿي ان جو ڪو حق ادا ڪونه ٿو ٿي سگهي. ٻار جي پيدائش لاءِ امڙ ۽ بابا جو هجڻ هڪ جيترو ضروري آهي پر بهشت ماءَ جي قدمن ۾ آهي، اها ڳالهه ڪا معمولي ڪونهي. اها ڳالهه هن ڪائنات ۾ پيدا ٿيندڙ وڏي ۾ وڏي انسان جي چيل آهي.  عقل جا انڌا صرف دنيا جي ڪنهن هڪ ملڪ ۾ ڪونه آهن. هتي به ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾، وقت سر پنهنجيون شڪليون بدلائي موجود رهندا پيا اچن.

نينگري/ عورت/مستقبل جي امڙ سان اهو ڪهڙو ناحق آهي جيڪو ڪونه ٿو ٿئي. زينب هڪ ته ڪونه ڪُٺي ويئي آهي، سنڌو صرف لاڙڪاڻي جي بيغيرت ڀائرن پاران ڪونه ماري ويئي آهي، عاصمه صرف پشاوري درندن جو نشانو ڪونه بڻي آهي دنيا جي هر ملڪ ۾ عورت/امڙ مختلف طريقن سان ذرا ذرا ٿيندي رهي ٿي.

رجنيش اوشو جو چوڻ هاڻي ڪيترن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته مرد اصل ۾ عورت جي صلاحيتن کان ڊنل آهي، هن کي خبر آهي ته جيڪڏهن هن کي آزاد ڇڏيو ويو، پنهنجون قابليتون ڏيکارڻ جو موقعو ڏنو ويو ته هوءَ مردن کي ڪيترن ئي ميدانن ۾ شڪست فاش ڏيئي سگهي ٿي. تنهنڪري مرد هر هيلو بهانو بڻائي کيس ڊپريس رکندو پيو اچي. پوءِ سوال آهي ته ڇا، ايڪيويهين صدي جي انسان کان اهي ماقبل تاريخ انسان ڪيترا دفعا ڀلا هئا جيڪي عورت ۽ مرد کي هڪ جهڙو ڏسندڙ هئا، اهو سوال هاڻي ذهن ۾ اچي ٿو……پر ان جو سبب ڇا آهي؟ ڇا اهڙي قسم جا انڌا عقيدا ئي انسان کي بدتهذيبو بڻائي رهيا آهن. ان سوال تي غور تمام ضروري آهي، هن اڄوڪي ترقي يافته انسان؟/ ڳالهائيندڙ درندي لاءِ. اهڙن عقيدن کي هٿي ڪير ڏئي ٿو؟ ڇا سرمائيداري ڄاڻي واڻي اهڙيون معنائون ڏيئي رهي آهي انهن پراڻن مقدس عقيدن کي جيڪي هن (سرمائيداري) جي فنا لاءِ آيا هئا ڇو ته اهڙي تشريح ۾ ئي هن جي بقا آهي.

جيڪڏهن اهڙا عقيدا انسان کي پوئتي ڌڪي رهيا آهن، چنڊ تي پهچڻ هوندي به ستن ڌرتين جي تري جهڙي سوچ جو حامل بڻائي رهيا آهن ته پوءِ انهن اونداهيءَ جهڙن خيالن ۽ انهن جي سرچشمن کي دفنائڻو پوندو اڄوڪي سائنسي سوچ رکندڙ انسان کي. اها ئي وقت جي ضرورت به آهي ته سمورن عذابن جو علاج پڻ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران جي حڪومت، سنڌ جا سُڪل ڦٽ تازا ڪري ڇڏيا

سارنگ پيرزادو جيڪڏهن ڪنهن شخص کي گهڻا ڌڪ لڳن ۽ اهي ڦٽ ٿي وڃن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے