23 ڇنڇر , جون 2018

پليجو شناسي

ذوالفقار راڄپر

تازو خميس ڏهاڙي حيدرآباد جي سنڌ ميوزم ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي سورمي جو خطاب حاصل ڪندڙ سنڌ جي جيني ڪامريڊ زاهده شيخ جي چاليهي هين جي تقريب ۾ سائين رسول بخش پليجو جو سخت بيماري جي حالت ۾ پروگرام ۾ موجود هجڻ ۽ سندس شاندار تقرير ۽ جوش جذبي کي ڏسي ۽ سماجي رابطي جي وڏي ذريعي فيس بوڪ ۾  سنڌ ، پاڪستان ۽ برصغيرجي يگاني پورهيت اڳواڻ ، سماجي سائنسدان، ڪارل مارڪس، لينن،اسٽالن، ماوزي تنگ،هوچي منهه ۽ فيڊرل ڪاسترو جي تاريخي تسلسل واري شخصيت ۽ سنڌ جي قومي اڳواڻ محترم رسول بخش پليجي جي ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ بيماري جي علاج هلندي به اڏول نظر آيو، خوشنصيب آهن، اهي سنڌياڻيون، مرد ، ٻارڙا ۽ مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهو جن پليجو صاحب سان اسپتال ۾ وڃي هن جي عيادت ڪئي ۽ هن جي اکين ۾ انقلاب ۽ آزادي جي جوت ڏسي جدوجهد جي جذبن ۽ طاقتور اميدن جو مشاهدو ڪيو.

رسول بخش پليجو سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ، عالمي عوامي فلسفي، سياست ۽ انقلابن ۽ انقلابي شخصيتن جو هڪ واحد سنڌي نچوڙ ۽ مجموعو آهي، جيڪي به ماڻهو عام رواجي ۽ دنيا داري جي اک سان هن ۾ هن جي هم عصر زنده يا مري ويل شخصيتن ۾ فرق نه ٿا ڪن، اهي ته اڻ ڄاڻ، فڪري ۽ سياسي سمجهه ۽ شعور ۾ ايماندار نه آهن.اهڙا ماڻهو هميشه عظيم شخصيتن جي شناسي رکڻ جي معاملي ۾ سنڍ رهڻ جو شڪار رهن ٿا ۽ اهي شعوري طور سماج جي تبديلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ بدران ڪم ٽپائو پاليسي تحت زندگي گذارڻ ۽ هر ڪنهن شخصيت ۽ ڌر سان سلام دعا رکي پنهنجي پر ۾ هر ڪنهن کي خوش رکڻ جي چڪر ۾ عظيم انقلابي لڙاين ۽ اٿلن پٿلن کي پٺي ڏئي حقيت ۾ عوام دشمن طبقن جو ساٿ ڏئي وطن ۽ قوم سان وفاداري جي گڻ کان محروم رهن ٿا.

رسول بخش پليجو به تڏهن ئي عظيم ٿي سگهيو جڏهن هن عوام دوست نظرئي ۽ ڌر جي قافلي جو سراڻ ٿي بيٺو ان لاءِ هن نه فقط جيل سختيون ۽ بيماريون سٺيون پر هو حڪمران طبقن جي اک ۾ ڪنڊو ٿي رهيو، هن جو ڪتاب ”صبح ٿيندو“ ،”واٽون ويهه ٿيون“ ،”سندي ذات هنجن “ ،”انڌا اونڌا ويڄ “، ”ڌراڙن جا ڌڪ “ ۽ ٻيا ڪتاب مضمون، ترجما ۽ تقريرون اڄ ڏينهن تائين سنڌ ۽ پاڪستان اندر سياست جي مختلف عوام دشمن نظرين، ادب ۽ سول ۽ فوجي حڪومتن جي نظامن جي ڪيل ماهراڻي سياسي ، سماجي ۽ فڪري آپريشن سان گڏ مزدورن، هارين، شاگردن، ٻارن ۽ عورتن جي جديد سائنسي انقلابي سياست ۽ فلسفي موجب رهنمائي به ڪئي آهي. پليجي صاحب جو وڏ ڪم سنڌ جي سماجي انقلابي ايجاد سنڌياڻي تحريڪ جو جنم آهي.جنهن جي به هن کي ۽ سندس پارٽي کي اڄ ڏينهن تائين هر قسم جي قيمت ادا ڪرڻي پئي آهي.رسول بخش پليجو نه فقط فوجي آمريت بلڪ وڏيرڪي جمهوريت ۽ جمهوري اڳواڻن سان به هر ناجائز عمل تي مزاحمت ڪندو رهيو آهي، جنهن جي ڪري هو آمر جنرل ضياءَ جي حڪومت ۾ جيل اندر بند رهيو آهي.

پليجو صاحب ملڪ اندر عوامي ۽ قومي سياست اندر اتحاد جي نظرئي سان گڏ وڏا اتحاد به ڪري ڏيکاريا جن جي خلاف سرڪاري ادارن جي ملازم سياسي تنظيمن ۽ اڳواڻن پنهنجا ڪرشما ڏيکاري انهن جو خاتمو ضرور ڪيو پر اتحاد جي مارڪسي فلسفي جي اهميت اڄ به برقرار آهي. رسول بخش پليجو صاحب نه فقط سنڌ ۽ ملڪ جي اندروني سياست بلڪ ملڪ جي پرڏيهي پاليسين تي به تنقيد ڪندو رهيو خاص طور جنر ضياءَ جي دور ۾ اگهاڙي سامراج دوستي ،افغانستان ۾ آمريڪي ڊالرن جي پيدائش مان جنم وٺندڙ اسلامي مجاهن جي هر قسم جي حمايت، افغان عوامي ليڊر ۽ صدرڊاڪٽر نجيب الله خلاف پاڪستان طرفان ڪيل خونخوار سازشن ۽افغان پناهه گيرن کي ملڪ اندر گهرائڻ ۽ انهن جي مستقبل جي پاڪستان دشمن  نتيجن کان به آگاهه ڪيو، جيڪا ڳالهه اڄ به مرحوم وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي دور ۾ ڪيل افعانستان متعلق آل پارٽيز ڪانفرس ۾ ڪيل هن جي تقرير رڪارڊ تي موجود آهي، جنهن ۾ هن پاڪستان جي حڪمرانن کي آگاه ڪيو هو ته جيڪڏهن پاڪستان افغانستان ۾ انتها پسندن جي پٺڀرائي ۽ سامراج جي غلامي ختم  نه ڪئي ته مستقبل ۾ اها جنگ پاڪستان ۾ پهچي ويندي ۽ هاڻي فوج جي سربراهه کان وٺي پرڏيهي وزير تائين ان ڳالهه جو اقرار ڪيو ٿو وڃي ته ” اسان جيڪو 40 سال اڳ فصل پوکيو هو ان کي لڻي رهيا آهيون ۽ افغان پناهه گيرن کي واپس ڪيو وڃي ۽ اسان کي آمريڪا هٿان استعمال نه ٿيڻ گهرجي ها.

هاڻي پاڪستان جو وزير اعظم روس اندر ويٺو آهي ۽ حڪومت روس سان فوجي ۽ سياسي رابطن کي وڌائڻ ۾ تڪڙا قدم کڻي رهي آهي.اها ئي ڳالهه ڪراچي ۾ رياست طرفان ايم ڪيو ايم جي پٺڀرائي جي حوالي سان به چئي هئي ۽ اڄ خود رياست انهن دهشتگردن ۽ مذهبي انتها پسندن خلاف آپريشن ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي.بهارين جي مسئلي تي آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ۽ مذهبي انتها پسند مرحوم ريٽائرڊ جرنيل حميد گل طرفان سنڌ ۾ بهارين کي آباد ڪرڻ واري سازشي تقرير جي جواب ۾ پليجي صاحب جيڪا تقرير ڪئي هئي اها اڄ به ريڪارڊ تي موجود آهي ۽ ان قسم جي هڪ ٻي تقرير لاهور ۾ ايچ آر سي پي طرفان دهشتگردي جي حوالي سان گهرايل هڪ سيمينار ۽ سيد قائم علي شاه جي اڳوڻي وڏ وزارت دوران وزيراعلي ها ئوس ۾ ڪيل تقرير ۾ پڻ رڪارڊ تي موجود آهي.

جڏهن سوويت يونين جو خاتمو ٿيو ته ان کان اڳ ئي عالمي ڪميونسٽ بحران تي پليجي صاحب جو لکيل مضمون اڄ به ڪو پڙهندو ته اهو عالمي ڪميونسٽ تحريڪ مان مايوس نه ٿيندو ۽ پليجي صاحب اهو به هڪ مضمون ۾ لکيو هو ته روس ٻيهر اٿندو ۽ اڄ ڪامريڊ لينن ۽ اسٽالن جو روس دنيا اندر آمريڪي چڙهائي آڏو رڪاوٽ بنجي خاص طور مسلمانن لاءِ هڪ نعمت ۽ تحفظ جي اميد بنجي اڀريو آهي،

اهوئي سبب آهي ته خود پاڪستان به هاڻي روس کي پنهنجي اميد ۽ سهارو سمجهي ان سان دوستي وڌائي افغان مسئلي تي گڏجي ڪم ڪرڻ جا معاهدا ڪري رهيو آهي.پليجي صاحب آمريڪا، ماسڪو، ويٽنام ، ٻين ملڪن ۽ ملڪ جي ٻين صوبن  ۾ جيڪي ليڪچر ڏنا ۽ تقريرون ڪيون هيون، اهي به عالمي سياست ۽ فلسفي جو وڏو ريڪارڊ آهي.

اڄ جڏهن سنڌ ۽ دنيا جي هن عظيم ڏاهي جي زندگي جا ڪيئي سال گذري چڪا آهن ۽ هن جي صحت ۾ به لاها چاڙها اچي رهيا آهن تڏهن اهو احساس ٿي رهيو آهي ته  خاص طور سنڌ ۽ عام طور دنيا جي سياست ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڪاش پليجو صاحب جي صحت بهتر هجي ها  ته هو سنڌ ۽ پاڪستان ۾ اهڙو ته ڪردار ادا ڪري ها جنهن سان سنڌ وڏيرن، دهشتگردن ۽ مذهبي انتها پسندن جي قيد ۾ ايترو قيد نه هجي ها.

هن موقعي تي عوامي تحريڪ ۽ پليجي صاحب جي خاندان آڏو ٻيهر اها ڳالهه ورجايان ٿو ته سنڌ ۽ دنيا اندر پليجو شناسي کي وڌائڻ لاءِ ”رسول بخش پليجو اڪيڊمي“ جو قيام تاريخ جي گهرج طورهنگامي طور لازمي ٿي پيو آهي.هن جي پارٽي ۽ خاندان مٿان سنڌ ۽ دنيا جي انقلابي قافلي طرفان اها  ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو سنڌ جي پوئتي پيل ڳوٺ جنگشاهي ۾ پيدا ٿيل ۽ سنڌ مدرسي ۾ ڏکيائن سان تعليم حاصل ڪندڙ ۽ سنڌ جي دشمنن سان هر قسم جو مهاڏو اٽڪائيندڙ عالمي ليول جي اديب، نقاد، سياستدان ۽سماجي سائنسدان سنڌ جي سپوت جي ڏاهپ سان شناسي کي ٻين تائين ڦهلائڻ لاءِ خود پاڻ ۾ به وڏي پئماني تي  پليجو شناسائي پيدا ڪن.

پليجو شناسائي جي ڳالهه ڪا عام رواجي ۽ معمول جي ڳالهه نه آهي پر اهو ڪم سنڌ عوام جي مسئلن کان نجات ۽ عالمي عوامي تحريڪ سان ڪلهو ڪلهي ۾ هلائڻ لاءِ لازمي ۽ تاريخي فرض آهي.پليجي صاحب جي بيماري دوران هن جي ڪمري ۾ انقلابي گيت به ڳائجن. جلسا جلوس به ڪجن پر پليجو شناسي پيدا ڪرڻ لاءِ اهو لازمي آهي ته هن جو فڪر سنڌ کان سواءِ ملڪ جي ٻين حصن ۽ دنيا اندر پهچائڻ لاءِ هن جو علم ۽ ڏاهپ انگريزي، اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ هنگامي طور تي شايع ٿيڻ گهرجي، اهو ترجمو ٿيل علم انٽر نيٽ جي دنيا ۾ به داخل ٿيڻ گهرجي ۽ ان لاءِ پروفيشنل طريقو استعمال ٿيڻ گهرجي.جيڪو ڪم سواءِ وڏي پئسي خرچ ڪرڻ ۽ لڳائڻ ۽ هڪ اداري ٺاهڻ جي ممڪن نه آهي.ان لاءِ پارٽي جا  خوشحال ڪارڪن، ليڊر ۽ پليجو شناسائي رکندڙ ۽ پليجو خاندان جا آسودا ترين مرد ۽ عورتون پنهنجو  ڪردار ادا ڪن، نه ته سنڌ جا غريب پليجو شناسائي رکندڙ فرد اهو سمجهڻ تي مجبور ٿيندا ته انهن خوشحال فردن ۽ پارٽي وٽ پليجو شناسائي جو مقدار گهٽ آهي ۽ انهن شايد اڄ ڏينهن تائين رسول بخش پليجو جي شخصيت کي غير معمولي انداز ۾ نه سمجهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو تارو سنڌ کي روشن ڪري سگهندو ؟

ماهم سنڌي پاڪستان ۾ هر دفعي ٿيندڙ اليڪشن وڏي پيماني تي تبديليون آڻيندو آهي ، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے