23 آچر , سيپٽمبر 2018

آمريڪي ماڊل مڙس ۽ ٻارن کي مارڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو

واشنگٽن (شوبز نيوز) آمريڪا جي مشهور ماڊل پنهنجي مڙس ۽ ٻارن کي قتل ڪرڻ کانپوءِ آپگهات ڪري ڇڏيو. آمريڪي رياست مشي گن سان واسطو رکندڙ لورين اسٽيوارٽ اهڙو قدم کنيو. سندس ساهيڙي موجب مون لاءِ يقين ڪرڻ ڏکيو آهي ته 45 ورهين جي لورين اسٽيوارٽ بي دردي سان پنهنجي گهر ڀاتين تي فائرنگ ڪئي ۽ پوءِ پاڻ ماري ڇڏيو، جنهن کي پوليس آپگهات قرار ڏنو آهي. لورين اسٽيوارٽ ۽ سندس گهرڀاتين کي کي ڪيگو هاربر جي علائقي ۾ پنهنجي گهر اندر ان وقت مئل حالت ۾ ڏٺو ويو، جڏهن سندن هڪ مائٽ جي فون تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي. گهر پهچڻ تي پوليس اهلڪارن کي 4 مڙهه هٿ آيا، جن جي سڃاڻپ لورين، سندس مڙس 47 ورهين جي ڊينيئل ۽ سندن ٻن ٻارن 27 ورهين جي اسٽيون ۽ 24 ورهين جي بيٿاني جي نالي سان ٿي. شروعاتي جاچ موجب ماڊل پنهنجي مڙس ۽ ٻارن کي قتل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجو به انت آڻي ڇڏيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistani movie Cake being considered for Oscars awards nomination

پاڪستاني فلم” ڪيڪ“ آسڪر ايواردد لاءِ نامزد

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني فلم ”ڪيڪ“ کي دنيا جي سڀ کان وڏي فلمي ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے