23 ڇنڇر , جون 2018

ڪراچي ڪنگز جي پي ايس ايل ٿري ۾ فتح سان انٽري

دبئي (اسپورٽس نيوز) ڪراچي ڪنگز جي ٽيم ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي 20 رنسن تان شڪست ڏئي پي ايس ايل ٿري ۾ ڪاميابي سان انٽري ڪئي آهي. دبئي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان عماد وسيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ سندس ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 149 رنسون ٺاهيون. ڪراچي ڪنگز طرفان انگرام 41، خرم منظور 35 ۽ روي بوپارا 24 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا. ڪوئيٽا طرفان شين واٽسن 3، انور علي ۽ آرچر 2-2، جڏهن ته راحت علي هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 130 رنسون ٺاهي سگهي. عمر امين 31 ۽ محمد نواز 30 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا. ڪراچي طرفان عماد وسيم، ملز ۽ محمد عرفان 2-2، جڏهن ته محمد عامر ۽ شاهد آفريدي هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فٽبال ورلڊ ڪپ 2018: برازيل اهم ميچ ۾ ڪوسٽاريڪا کي 0-2 تان هارائي ڇڏيو

سينٽ پيٽرز برگ (اسپورٽس نيوز) فٽبال ورلڊ ڪپ جي اڄوڪي ميچ ۾ برازيل ڪوسٽاريڪا کي …