18 سومر , جون 2018

تحريڪ انصاف جو شريف خاندان جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ عدالت وڃڻ جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف شريف خاندان جو نالو ايگٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وجهڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب پي ٽي آءِ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) محمد صفدر جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اها درخواست سومر جي ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي سينيٽ اليڪشن جي اميدوار ڊاڪٽر زرقا داخل ڪندي. ڊاڪٽر زرقا جو چوڻ آهي ته پارٽي قيادت عدالت سان رابطو ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، گهرو وزارت نيب جي حڪمن تي عمل ناهي ڪري رهي جنهن مان خدشا آهن ته اسحاق دار جيان نواز شريف به ملڪ مان فرار نه ٿي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيصل آباد ۾ بس هوسٽس جو قتل، پنجاب جي نگران وڏي وزير نوٽيس ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ بس هوسٽس  جي قتل واري واقعي جو نگران وڏي وزير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے