22 آچر , جولاءِ 2018

سعودي عرب ۾ عورتن لاءِ عسڪري ملازمتن جو اعلان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي صوبن رياض، مڪي، مديني، قصيم، عسير، باحه ۽ شرقيه ۾ عورتن لاءِ عسڪري ملازمتن جو اعلان ڪيو ويو آهي. سعودي عرب ۾ گذريل ڪجهه عرصي کان عورتن کي مردن جا حق ڏيڻ وارو سلسلو جاري آهي ۽ ماضي ۾ حقن جي حوالي سان بڻايل قانون ۾ تبديلي ڪئي پئي وڃي. هلندڙ مهيني ئي سعودي عرب ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان لاڳو سخت گارجين سسٽم ۾ تبديليون ڪندي عورتن کي خود ڪفيل بڻائڻ لاءِ اهم قدم کنيا ويا ۽ عورتن کي واپار شروع ڪرڻ لاءِ مڙس، محرم يا ولي کان اجازت وٺڻ جي پابندي ختم ڪري ڇڏي. گذريل سال سيپٽمبر ۾ سعوديه ٽريفڪ واري کاتي عورتن کي ڊرائيونگ لائسنس ڏيڻ جي اجازت ڏني هئي ۽ بعد ۾ نئين فرمان موجب جون 2018ع کان عورتون لائسنس حاصل ڪري موٽر سائيڪل ۽ ٽرڪ به هلائينديون. اعلان کان پو3 سعودي عرب جي شوريٰ ڪونسل جي 2 ميمبرن ميجر جنرل عبدالله سعدون ۽ فيصل الفاضل واضح ڪيو ته ٽريفڪ واري کاتي ۽ پوليس ۾ عورتن جو مقرري هڪ سماجي ضرورت آهي ۽ عورتن کي ڊرائيونگ جي اجازت ڏيڻ کان پوءِ ٽريفڪ عدالتن ۾ به عورتن جي مقرري لازمي ٿئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Today, the movement of confidence against Indian Prime Minister Narendra Modi will be presented today

ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ اڄ پيش ڪئي ويندي

نئي دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ اڄ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے