23 آچر , سيپٽمبر 2018

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نادرا کي مسلمانن جي سڃاڻپ وارن دستاويزن ۾ مذهب جي تبديلي کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ نادرا کي عدالتي حڪم کان سواءِ بنا ڪنهن مسلمان جي مذهب جي تبديلي کان روڪي ڇڏيو آهي. تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 2018 چونڊ ايڪٽ ۾ ختم نبوت ﷺ قانون ۾  ترميم جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس شوڪت عزيز صديقي ڪئي. ختم نبوت ﷺ  قانون ۾ ترميم جي خلاف درخواستگذار جي وڪيل حافظ عرفان دليل مڪمل ڪيا، حافظ عرفان موقف پيش ڪيو ته اليڪشن ايڪٽ ۾ ختم نبوت ﷺ  حلف نامي ۾ ترميم غير آئيني آهي ڪنهن قانون سازي جي ذريعي آئين جو بنياد ڍانچو تبديل نٿو ڪري سگهجي. عدالتي حڪم تي نادرا طرفان موجوده ڊي جي نادرا ملڪ ۾ رجسٽرڊ قاديانين ۽ احمدي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ وارن ماڻهن جو رڪارڊ به پيش ڪيو ويو، ريڪارڊ ۾ قاديانين جي حوالي سان انڪشاف ٿيو ته ملڪ ۾ رجسٽرڊ قاديانين جو انگ 1 لک 67 هزار 472 آهي جڏهن ته 10 هزار 205 مسلمانن پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊن  ۾ تبديلي ڪري احمدي مذهب کي سڃاڻپ ظاهر ڪيو آهي. جسٽس شوڪت عزيز صديقي موجوده ڊي جي نادرا کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان جي کاتي وٽ اختيار آهي هو ڪنهن به نادرا قومي سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙ مسلمان جو مذهب تبديل ڪري ڇڏي، موجوده ڊي جي نادرا جواب ڏنو ته نادرا جي سسٽم ۾ اهڙو ڪو به آپشن موجود ناهي، اسلام سان مذهب تبديل ڪندڙ سڃاڻپ ڪارڊ ۾  تصحيح جو ڪوڙو حلف نامو ڏيندا آهن. جسٽس شوڪت صديقي ريمارڪس ڏنا ته اهو سڀ رياست ۽ مسلم امت سان فراڊ ۽ غداري جي برابر آهي. عدالت نادرا کي عدالتي حڪم کان سواءِ ڪنهن به مسلمان جي مذهب کي تبديلي کان روڪيندي ڪيس جي ٻڌڻي سورم تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت بيرسٽر اڪرم شيخ ڊاڪٽر اسلم ڪاڪي ۽ بابر اعواڻ کي به عدالتي مددگار مقرر ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے