23 ڇنڇر , جون 2018

پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ بابت باضابطا اعلان ناهي ٿيو: گهرو وزير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال جو چوڻ آهي ته ايف اي ٽي ايف پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ بابت ڪو به باضابطا اعلان ناهي ڪيو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي گهرو وزير احسن اقبال جو چوڻ هو ته فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي حوالي سان ڪو به باضابطا اعلان ناهي ڪيو ان ڪري سرڪاري بيان تائين ڪنهن به اڳڪٿي ۾ نه پوڻ گهرجي. احسن اقبال چيو ته ترڪي جا ٿورائتا آهيون جنهن ثابت ڪيو ته هو هر صورت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستان کي ترڪي جهڙن ڀائر ملڪ تي فخر آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فٽبال ورلڊ ڪپ: ايراني عورتن کي ميچ ڏسڻ جي آزادي ملي وئي، نئين تاريخ رقم

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي فٽبال ٽيم اربع جي رات اسپين جي هٿان شڪست کاڌي پر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے