21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڳاڙھو: معصوم نياڻي جو زبردستي نوجوان سان چار سال اڳ نڪاح ڪرائڻ جو انڪشاف

ڳاڙھو ويجهو معصوم نياڻي جو زبردستي 20 ورهين جي نوجوان سان چار سال اڳ نڪاح ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

ڳوٺ ڪانڊيرو ملاح جي رهواسي نينگري آست ميربحر جو نوجوان ميرمحمد ميربحر سان  چار ورهيه اڳ زبردستي نڪاح ڪرايو ويو

نياڻي جي والد مٺو ميربحر ۽ امڙ حليمان ٻڌايو ته چار سال اڳ زبردستي سندن نياڻي جو نڪاح  نوجوان مير محمد سان ڪرايو ويو.

هنن ٻڌايو ته ميرمحمد ميربحر ڏنڊي جي زور تي 28 نومبر 2014 تي سندس نياڻي سان نڪاح ڪيو جيڪو تر جي مولوي عبدالشڪور شولاڻي پڙهايو

نياڻي آست ٻڌايو ته کيس ڪا به خبر ئي ناهي هن کي اهڙو نڪاح پسند ناهي هو ڪنهن به صورت ۾ ان ظلم کي قبول نه ڪندي

معصوم نياڻي  سندس والد ۽ امڙ پاران چيف جسٽس ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي اپيل ڪئي آهي ته بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي ………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Thatta

نيوز | ٺٽو: سول سوسائٽي پاران ڪالا باغ ڊئم ۽ ڌارين کي شهريت ڏيڻ خلاف ڌرڻو

ٺٽي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ سول سوسائيٽي پاران ڪالا باغ ڊئم ۽ ڌارين يک …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے