25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

پاڪستان سعودي عرب ۽ ايران سان پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي انهتائي اهميت ڏيندو آهي: خرم دستگير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خرم دستگير چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب ۽ ايران سان پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو. اسلام آباد ۾ هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي هن واضح ڪيو ته پاڪستان جا سعودي عرب ۽ ايران سان لاڳاپا مختلف نوعيت جا آهن. هن چيو ته پاڪستان جا سعودي عرب سان دفاعي ۽ معاشي لاڳاپا انتهائي مضبوط آهن جڏهن ته اسان ايران سان دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۾ سهڪار ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته گوادر ۽ ايران جي چاهه بهار بندرگاهه علاقائي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. بچاءَ واري وزير چيو ته پاڪستان پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان سٺن لاڳاپن جو خواهشمند آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے