26 اربع , سيپٽمبر 2018

نواز شريف جي پارٽي عهدي تان به نااهلي بعد اڳوڻي فوجي صدر پرويز مشرف جو وطن واپسي تي غور

دبئي(ويب ڊيسڪ) نواز شريف جي پارٽي عهدي تان به نااهلي بعد اڳوڻي فوجي صدر پرويز مشرف به وڏو قدم کنيو آهي ۽ وطن واپسي تي غور شروع ڪري ڇڏيو، ان سلسلي م ڳالهين لاءِ هن پنهنجي وڪيل اختر شاهه کي طلب ڪيو. بينظير ڀٽو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي دبئي روانگي کان اڳ وڪيل اختر شاهه ايڊووڪيٽ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته پرويز مشرف پاڪستان واپس اچي ڪيسن کي منهن ڏئي سگهي ٿو، اڳوڻي صدر خلاف ڪوڙا ڪيس داخل آهن. هن ٻڌايو ته پرويز مشرف سان صحت جا مسئلا آهن ۽ ان بابت هو آمريڪي ڊاڪٽرن سان ڪنسلٽ ڪري چڪو آهي. اختر شاهه جو چوڻ هو ته هو دبئي ۾ پرويز مشرف سان سيڪيورٽي جي بندوبستن کان سواءِ عدالتن ۾ ڪيسن کي منهن ڏيڻ بابت ڳالهيون ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے